إِذا جاءَ نَصرُ اللَّهِ وَالفَتحُ (آيت : 1) |
(اي نبيﷺ!) جڏهن الله تعالى جي طرفان مدد ۽ فتح نصيب ٿئي. |
وَرَأَيتَ النّاسَ يَدخُلونَ فى دينِ اللَّهِ أَفواجًا (آيت : 2) |
ته تون اُن وقت ڏسندين ته ماڻهن جا ڪَٽڪن جا ڪٽڪ الله تعالى جي دين ۾ داخل ٿي رهيا آهن. |
فَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ وَاستَغفِرهُ إِنَّهُ كانَ تَوّابًا (آيت : 3) |
پوءِ تون (ان خوشيءَ جي موقعي تي) پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ پاڪائي بيان ڪر ۽ ان کان بخشش جي دعا گهر. بيشڪ هُو وڏو توبه قبول ڪرڻ وارو آهي. |