الر كِتٰبٌ أُحكِمَت ءايٰتُهُ ثُمَّ فُصِّلَت مِن لَدُن حَكيمٍ خَبيرٍ (آيت : 1) |
ﲺ ــ (الف ـ لام ـ را) هيءُ ڪتاب آهي، جنهن جون آيتون مضبوط بنيادن تي قائم آهن ۽ خوب کولي چٽيءَ طرح پيش ڪيل آهن، هڪ دانائيءَ واري ۽ باخبر هستيءَ جي طرفان |
أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنَّنى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ وَبَشيرٌ (آيت : 2) |
ته سواءِ الله جي ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪريو، مان سندس پاران توهانکي خبردار ڪرڻ وارو به آهيان ۽ خوشخبري ڏيندڙ به |
وَأَنِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُمَتِّعكُم مَتٰعًا حَسَنًا إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَيُؤتِ كُلَّ ذى فَضلٍ فَضلَهُ وَإِن تَوَلَّوا فَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ كَبيرٍ (آيت : 3) |
۽ پڻ توهان پنهنجي رب کان معافي گهرو ۽ وري ڏانهس موٽي پئو ته هو هڪ مقرر ڪيل مدت تائين توهانکي تمام سٺو زندگي گذارڻ جو سامان ۽ هر فضل واري کي سندس فضل عطا ڪندو. پر جيڪڏهن توهان منهن موڙي ويندؤ ته مان توهانجي باري ۾ هڪڙي نهايت ڀوائتي ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو |
إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 4) |
توهان سڀني کي الله ڏانهن ئي موٽي هلڻو آهي ۽ هو سڀ ڪجهه ڪري سگهندڙ آهي |
أَلا إِنَّهُم يَثنونَ صُدورَهُم لِيَستَخفوا مِنهُ أَلا حينَ يَستَغشونَ ثِيابَهُم يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 5) |
خبردار (هي ماڻهو) پنهنجن سينن کي پيا ٿا ويڙهين سيڙهين ته جيئن کانئس لڪي وڃن، خبردار جڏهن اهي ڪپڙا ڍڪيندا آهن ته الله سندن لڪايل کي به ڄاڻندو آهي ته پڌري ڪيل کي به. هو ته انهن ڳجهن کان به واقف آهي، جيڪي سينن ۾ سمايل آهن |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ إِلّا عَلَى اللَّهِ رِزقُها وَيَعلَمُ مُستَقَرَّها وَمُستَودَعَها كُلٌّ فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 6) |
زمين ۾ هلندڙ چلندڙ ڪوبه ساهوارو اهڙو نه آهي، جنهن جي رزق جو ذمو الله تي نه هجي ۽ جنهن بابت هو نه ڄاڻندو هجي ته اهو رهي ڪٿي ٿو ۽ ڪٿي ٿو سانڀيو وڃي. سڀ ڪجهه هڪڙي نهايت چٽي ڪتاب ۾ لکيل آهي |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَكانَ عَرشُهُ عَلَى الماءِ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَلَئِن قُلتَ إِنَّكُم مَبعوثونَ مِن بَعدِ المَوتِ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
۽ اهوئي آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، جڏهن جو ان کان اڳ سندس عرش پاڻيءَ تي هو، ته جيئن توهانکي آزمائي ته توهان ۾ ڪير آهي سهڻا عمل ڪندڙ. هاڻي جيڪڏهن اي نبي! تون ٻڌائين ٿو ته اي انسانؤ! توهان مرڻ کان بعد وري اٿاريا ويندؤ ته منڪر هڪدم چوڻ لڳن ٿا ته اهو ته پڌرو جادو آهي |
وَلَئِن أَخَّرنا عَنهُمُ العَذابَ إِلىٰ أُمَّةٍ مَعدودَةٍ لَيَقولُنَّ ما يَحبِسُهُ أَلا يَومَ يَأتيهِم لَيسَ مَصروفًا عَنهُم وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 8) |
۽ جيڪڏهن اسان هڪڙي خاص مدت تائين کانئن عذاب ٽاريون ٿا ته چوڻ لڳن ٿا ته ڪنهن روڪيو اٿس؟ ٻڌي ڇڏيو، جنهن ڏينهن انهيءَ سزا جو وقت اچي ويو ته اها ڪنهن جي به ٽارڻ سان نه ٽرندي ۽ کين اهائي شيءِ وڪوڙي ويندي، جنهن تي هو ٺٺوليون ڪندا هئا |
وَلَئِن أَذَقنَا الإِنسٰنَ مِنّا رَحمَةً ثُمَّ نَزَعنٰها مِنهُ إِنَّهُ لَيَـٔوسٌ كَفورٌ (آيت : 9) |
جيڪڏهن اسان انسان کي پنهنجي رحمت سان نوازڻ کان پوءِ وري کيس ان کان محروم ٿا ڪريون ته هو مايوس ٿي وڃي ٿو ۽ ناشڪري ڪرڻ لڳي ٿو |
وَلَئِن أَذَقنٰهُ نَعماءَ بَعدَ ضَرّاءَ مَسَّتهُ لَيَقولَنَّ ذَهَبَ السَّيِّـٔاتُ عَنّى إِنَّهُ لَفَرِحٌ فَخورٌ (آيت : 10) |
۽ جيڪڏهن انهيءَ مصيبت کان پوءِ جيڪا مٿس آئي هئي، اسان کيس نعمت جو ٿا مزو وٺايون ته چئي ٿو ته مون تان ته ويا سڀ ڏک لهي ۽ ڦونڊ ۾ ڀرجي ٻٽاڪون هڻڻ لڳي ٿو |
إِلَّا الَّذينَ صَبَروا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 11) |
ان ڳالهه کان بچيل رڳو اهي ٿين ٿا، جيڪي صبر ڪندڙ ۽ نيڪ عمل ڪندڙ آهن ۽ اهي ئي آهن، جن لاءِ معافي به آهي ۽ وڏو اجر پڻ |
فَلَعَلَّكَ تارِكٌ بَعضَ ما يوحىٰ إِلَيكَ وَضائِقٌ بِهِ صَدرُكَ أَن يَقولوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ كَنزٌ أَو جاءَ مَعَهُ مَلَكٌ إِنَّما أَنتَ نَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 12) |
پوءِ اي نبي! متان ائين ٿئي جو تون انهن ڳالهين مان جيڪي توڏانهن وحي ڪيون ٿيون وڃن، ڪنهن شيءِ کي (بيان ڪرڻ) ڇڏي ڏين ۽ ان ڳالهه تي تنهنجو سينو تنگ ٿيڻ لڳي ته هو چوندا ته "هن شخص تي ڪو خزانو ڇونه لاٿو ويو آهي؟" يا اهو ته "هن سان گڏ ڪو فرشتو ڇونه آيو آهي؟" تون ته رڳو خبردار ڪندڙ آهين، باقي هر شيءِ جو نگهبان ته الله آهي |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِعَشرِ سُوَرٍ مِثلِهِ مُفتَرَيٰتٍ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 13) |
ڇا اهي چون ٿا ته نبيءَ اهو ڪتاب پاڻ ٺاهيو آهي؟ چڱو جيڪڏهن ائين آهي ته ان جهڙيون ڏهه پنهنجون ٺاهيل سورتون آڻي ڏيکاريو ۽ الله کان سواءِ جنهن کي وَڻيوَ تنهن کي (پنهنجي مدد لاءِ) سڏيو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو |
فَإِلَّم يَستَجيبوا لَكُم فَاعلَموا أَنَّما أُنزِلَ بِعِلمِ اللَّهِ وَأَن لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 14) |
پوءِ جيڪڏهن اهي توهانجي نٿا مڃين ته ڄاڻي ڇڏيو ته اهو الله جي علم مطابق نازل ٿيو آهي ۽ الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. ڇا پوءِ (انهيءَ حق جي آڏو) توهان ڪنڌ جهڪائڻ وارا ٿيندؤ؟ |
مَن كانَ يُريدُ الحَيوٰةَ الدُّنيا وَزينَتَها نُوَفِّ إِلَيهِم أَعمٰلَهُم فيها وَهُم فيها لا يُبخَسونَ (آيت : 15) |
جيڪي ماڻهو بس هن دنيا جي زندگي ۽ ان جي سينگار جي ڪڍ آهن، انهن جي ڪئي ڪمائيءَ جو سارو ڦل اسان کين هتي ئي ٿا ڏئي ڇڏيون ۽ ان ۾ کين ڪابه ڪــَـسُ نٿي لڳائي وڃي |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَيسَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ إِلَّا النّارُ وَحَبِطَ ما صَنَعوا فيها وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 16) |
پر آخرت ۾ انهن لاءِ سواءِ باهه جي ٻيو ڪجهه به ناهي. (اتي پتو پئجي ويندنِ ته) جيڪي ڪجهه دنيا ۾ گهڙيو هئائون سو سڀ چٽ ٿي وين ۽ سندن سارو عمل ته آهيئي ڪوڙ تي ٻڌل |
أَفَمَن كانَ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبِّهِ وَيَتلوهُ شاهِدٌ مِنهُ وَمِن قَبلِهِ كِتٰبُ موسىٰ إِمامًا وَرَحمَةً أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ مِنَ الأَحزابِ فَالنّارُ مَوعِدُهُ فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِنهُ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 17) |
پوءِ ڀلا جيڪو شخص پنهنجي رب جي طرفان هڪ پڌري ثبوت وارو هو، جنهن جي پٺيان هڪ شاهد پڻ پروردگار وٽان (ان ثبوت جي تائيد ۾) اچي ويو ۽ اڳ ۾ موسيٰ جو ڪتاب به اڳواڻ ۽ رحمت بڻجي آيل موجود هو (ڇا اهو به دنيا پرستن وانگر ان کان انڪار ڪري سگهي ٿو؟) اهڙا ماڻهو ئي ته ان تي ايمان آڻيندا ۽ انساني ٽولن مان جيڪو به انڪار ڪندو ته ان لاءِ جنهن جاءِ جو وعدو ٿيل آهي، سا دوزخ آهي، تنهنڪري اي نبي! تون ان شيءِ جي باري ۾ ڪنهن به شڪ ۾ نه پؤ، اهو ته حق ئي آهي، تنهنجي رب جي پار کان، پر گهڻا ماڻهو نٿا مڃين |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أُولٰئِكَ يُعرَضونَ عَلىٰ رَبِّهِم وَيَقولُ الأَشهٰدُ هٰؤُلاءِ الَّذينَ كَذَبوا عَلىٰ رَبِّهِم أَلا لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 18) |
۽ ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله تي ڪوڙَ مڙهي؟ اهڙا ماڻهو پنهنجي رب آڏو پيش ٿيندا ۽ شاهد شاهدي ڏيندا ته اِهي آهن اُهي ماڻهو، جن پنهنجي رب تي ڪوڙ مڙهيو هو، ٻڌي ڇڏيو ته الله جي لعنت آهي ظالمن تي |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 19) |
انهن ظالمن تي، جيڪي الله جي واٽ کان ماڻهن کي روڪين ٿا ۽ انکي ڏِنگو ڦــِـڏو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ آخرت جو انڪار ڪن ٿا |
أُولٰئِكَ لَم يَكونوا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَما كانَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ يُضٰعَفُ لَهُمُ العَذابُ ما كانوا يَستَطيعونَ السَّمعَ وَما كانوا يُبصِرونَ (آيت : 20) |
اهي زمين ۾ الله کان زور نه هئا ۽ نڪي الله کانسواءِ سندن ڪو مددگار ئي هو، انهن کي هاڻي ٻيڻو عذاب ملندو. هو نه ڪنهن جي ٻڌي ٿي سگهيا ۽ نه وري پاڻ ئي ٿي ڪجهه ڏٺائون |
أُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 21) |
اهي ئي ماڻهو آهن، جن پنهنجو پاڻ کي ٽوٽي ۾ وڌو آهي ۽ کانئن اهو سڀ ڪجهه گم ٿي ويو، جيڪي گهڙيو هئائون |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 22) |
پڪ ئي پڪ اهي ماڻهو ئي آخرت ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽوٽي ۾ پيل هوندا |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَأَخبَتوا إِلىٰ رَبِّهِم أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 23) |
باقي جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ پاڻ کي پنهنجي رب آڏو فنا ڪري ڇڏيائون ته بيشڪ اهي جنتي آهن ۽ جنت ۾ هو سدائين رهندا |
مَثَلُ الفَريقَينِ كَالأَعمىٰ وَالأَصَمِّ وَالبَصيرِ وَالسَّميعِ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 24) |
انهن ٻنهي ڌرين جو مثال ائين آهي، جيئن هڪ ماڻهو ته هجي انڌو ۽ ٻوڙو ۽ ٻيو هجي ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ، ڇا اهي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڇا توهان (هن مثال مان) ڪو سبق نه پرائيندؤ؟ |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 25) |
(۽ حالتون ساڳيون اهڙيون ئي هيون جڏهن) اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو هو، (هن چين) "مان توهانکي کولي ٿو خبردار ڪريان |
أَن لا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 26) |
ته الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪريو، نه ته مونکي ڊپ آهي ته ڪنهن ڏينهن توهان تي دردناڪ عذاب اچي پوندو" |
فَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما نَرىٰكَ إِلّا بَشَرًا مِثلَنا وَما نَرىٰكَ اتَّبَعَكَ إِلَّا الَّذينَ هُم أَراذِلُنا بادِىَ الرَّأىِ وَما نَرىٰ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ بَل نَظُنُّكُم كٰذِبينَ (آيت : 27) |
موٽ ۾ سندس قوم جي چڱن مڙسن جن سندس ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو هو چيو ته "اسان جي نظر ۾ ته تون بس اسان جهڙو ئي هڪ انسان آهين ۽ اسان ڏسون ٿا ته اسان جي قوم مان به بس اهي ماڻهو جيڪي اسان وٽ گهٽ درجي وارا هئا، بنا سوچ جي کڻي تنهنجي ڪڍ لڳا آهن ۽ اسانکي ته اهڙي ڪا به ڳالهه ڏسڻ ۾ نٿي اچي، جنهن ۾ توهان اسان کان مٿڀرو هجو، بلڪه اسان ته سمجهون ٿا ته توهان ڪوڙا آهيو" |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى رَحمَةً مِن عِندِهِ فَعُمِّيَت عَلَيكُم أَنُلزِمُكُموها وَأَنتُم لَها كٰرِهونَ (آيت : 28) |
هن چين: "اي منهنجي قوم! مونکي ٻڌايو ته جيڪڏهن مان پنهنجي رب جي طرفان هڪ پڌري ثبوت تي به بيٺل هوس ۽ وري هن مونکي پنهنجي خاص رحمت سان به نوازي ڇڏيو، جيڪا کڻي توهانکي نظر نه ايندي هجي ته پوءِ باقي اسان وٽ ٻيو ڪهڙو ذريعو آهي، جو توهان مڃڻ نه گهرندا هجو ته به اهو زوريءَ کڻي توهانجي مٿان مڙهيون |
وَيٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مالًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَما أَنا۠ بِطارِدِ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَلٰكِنّى أَرىٰكُم قَومًا تَجهَلونَ (آيت : 29) |
اي قوم! مان هن ڪم لاءِ توهان کان ڪو مال ڪونه ٿو گهران، منهنجو اجر ته الله جي ذمي آهي ۽ مان انهن ماڻهن کي به تـڙڻ وارو نه آهيان، جن منهنجي ڳالهه مڃي آهي، هو پاڻيهي پنهنجي رب وٽ پيش ٿيڻ وارا آهن. پر مان ڏسان ٿو ته توهان ماڻهو آهيو ئي جهالت ۾ پيل |
وَيٰقَومِ مَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن طَرَدتُهُم أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 30) |
۽ اي قوم! جيڪڏهن مان انهن ماڻهن کي پاڻ کان تـڙيو ته الله جي پڪڙ کان منهنجي واهر ڪير ڪندو؟ توهان جي سمجهه ۾ ڇا ايتري ڳالهه به نٿي اچي؟ |
وَلا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ إِنّى مَلَكٌ وَلا أَقولُ لِلَّذينَ تَزدَرى أَعيُنُكُم لَن يُؤتِيَهُمُ اللَّهُ خَيرًا اللَّهُ أَعلَمُ بِما فى أَنفُسِهِم إِنّى إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 31) |
۽ مان توهان کي ائين ڪونه ٿو چوان ته مون وٽ ڪو الله جا خزانا آهن، نڪي اهو ٿو چوان ته مونکي غيب جو علم آهي ۽ نه مان اهو ٿو چوان ته مان ڪو فرشتو آهيان ۽ اهو به مان نٿو چئي سگهان ته جن کي توهان جون اکيون حقارت سان ٿيون ڏسن، انهن کي الله ڪا ڀلائي نه ڏني آهي، انهن جي اندر جو حال الله ئي ٿو بهتر ڄاڻي، جيڪڏهن مون ائين چيو ته پڪ ڄاڻو ته ظالم ٿي پوندس" |
قالوا يٰنوحُ قَد جٰدَلتَنا فَأَكثَرتَ جِدٰلَنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 32) |
نيٺ انهن ماڻهن چيو ته"اي نوح! تو اسان سان جهڳڙو ڪيو آهي ۽ تمام گهڻو ڪيو اٿئي، هاڻي ته بس آڻ اهو عذاب جنهن جي اسان کي ڌمڪي پيو ڏين، جيڪڏهن سچو آهين" |
قالَ إِنَّما يَأتيكُم بِهِ اللَّهُ إِن شاءَ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 33) |
نوح جواب ڏنو: "اهو ته الله ئي آڻيندو جيڪڏهن گهريائين ۽ توهانکي اها طاقت ناهي، جو ان کي روڪي سگهو |
وَلا يَنفَعُكُم نُصحى إِن أَرَدتُ أَن أَنصَحَ لَكُم إِن كانَ اللَّهُ يُريدُ أَن يُغوِيَكُم هُوَ رَبُّكُم وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 34) |
هاڻي جي مان توهانجي ڪا خيرخواهي ڪرڻ به گهران ته منهنجي خيرخواهي توهان کي ڪو فائدو نٿي پهچائي سگهي، جڏهن الله ئي توهان کي ڀٽڪائي ڇڏڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو هجي، اهوئي توهانجو رب آهي ۽ ڏانهس ئي توهان موٽايا ويندؤ" |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل إِنِ افتَرَيتُهُ فَعَلَىَّ إِجرامى وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تُجرِمونَ (آيت : 35) |
اي نبي! ڇا اهي ماڻهو چون ٿا ته هن ماڻهوءَ اهو سڀ ڪجهه پاڻ ٺاهيو آهي؟ چوين ته جيڪڏهن اهو مون پاڻ ٺاهيو آهي ته منهنجو ڏوهه مون تي ئي آهي ۽ جيڪو ڏوهه توهان پيا ڪريو، مان ان کان آجو آهيان |
وَأوحِىَ إِلىٰ نوحٍ أَنَّهُ لَن يُؤمِنَ مِن قَومِكَ إِلّا مَن قَد ءامَنَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) |
نوح ڏانهن وحي ڪيو ويو ته تنهنجي قوم مان جن ايمان آندو سو آندو، هاڻي ڪوبه نه آڻيندو، تنهنڪري سندن ڪرتوتن جي ڏک ۾ نه پؤ |
وَاصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 37) |
۽ اسانجي نظرداريءَ هيٺ اسانجي وحيءَ مطابق هڪ ٻيڙي ٺاهڻ شروع ڪر ۽ ٻڌ، جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي تن بابت مونکي نه چئجانءِ . اهي سمورا هاڻي غرق ٿيڻ وارا آهن |
وَيَصنَعُ الفُلكَ وَكُلَّما مَرَّ عَلَيهِ مَلَأٌ مِن قَومِهِ سَخِروا مِنهُ قالَ إِن تَسخَروا مِنّا فَإِنّا نَسخَرُ مِنكُم كَما تَسخَرونَ (آيت : 38) |
نوح ٻيڙي ٺاهيندو رهيو ۽ سندس قوم جي سردارن مان جيڪو ٿي اتان لنگهيو، تنهن مٿس چٿرون ٿي ڪيون. هن چين: "جيڪڏهن توهان اسان تي کلو ٿا ته اسان به توهان تي ائين کلون ڪنداسون، جيئن توهان کلون ڪريو ٿا |
فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 39) |
ستت ئي توهانکي خبر پئجي ويندي ته ڪنهن تي ٿو اهو عذاب اچي جيڪو انکي خوار ڪندو ۽ ڪنهن تي ٿي اها سزا پئي جيڪا ٽارئي نه ٽرندي" |
حَتّىٰ إِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ قُلنَا احمِل فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ وَمَن ءامَنَ وَما ءامَنَ مَعَهُ إِلّا قَليلٌ (آيت : 40) |
تانجو جڏهن اسان جو حڪم اچي ويو ۽ تنور مان پاڻي اڀاميو ته اسان چيو ته "هر قسم جي جانورن جو جوڙو ٻيڙيءَ ۾ کڻ ۽ پنهنجي گهروارن کي به، سواءِ انهن جي جن جي پڌرائي اڳي ئي ٿي چڪي آهي، ان ۾ چاڙهه ۽ انهن کي به کڻ جن ايمان آندو آهي" ۽ اهي ته هئا ئي ٿورڙا جن نوح سان گڏ ايمان آندو هو |
وَقالَ اركَبوا فيها بِسمِ اللَّهِ مَجر۪ىٰها وَمُرسىٰها إِنَّ رَبّى لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 41) |
نوح چين: "چڙهي پئو ان ۾، الله جي ئي نالي سان آهي، ان جو هلڻ به ته ان جو بيهڻ به، منهنجو رب ڏاڍو غفور رحيم آهي" |
وَهِىَ تَجرى بِهِم فى مَوجٍ كَالجِبالِ وَنادىٰ نوحٌ ابنَهُ وَكانَ فى مَعزِلٍ يٰبُنَىَّ اركَب مَعَنا وَلا تَكُن مَعَ الكٰفِرينَ (آيت : 42) |
ٻيڙي انهن کي کڻي ڇولين جي وچ ۾ هلندي رهي ۽ هڪ هڪ ڇولي ڄڻ ته جبل هئي. نوح جو پٽ پري ڪنڌيءَ تي بيٺو هو، نوح سڏي چيس: "پٽـڙا! اسان سان اچي چڙهه، ڪافرن سان گڏ نه ٿـيءُ" |
قالَ سَـٔاوى إِلىٰ جَبَلٍ يَعصِمُنى مِنَ الماءِ قالَ لا عاصِمَ اليَومَ مِن أَمرِ اللَّهِ إِلّا مَن رَحِمَ وَحالَ بَينَهُمَا المَوجُ فَكانَ مِنَ المُغرَقينَ (آيت : 43) |
هن جواب ڏنس ته "مان هاڻي ئي ٿو چڙهي وڃان ڪنهن جبل تي، جيڪو مونکي پاڻيءَ کان بچائي وٺندو". نوح چيس: "اڄ ڪابه شيءِ الله جي حڪم کان بچائڻ واري ڪونهي، سواءِ ان جي جو الله ئي ڪنهن تي ڪو رحم ڪري". ايتري ۾ هڪ ڇولي ٻنهي جي وچ ۾ اچي وئي ۽ هو به ٻڏڻ وارن ۾ شامل ٿي ويو |
وَقيلَ يٰأَرضُ ابلَعى ماءَكِ وَيٰسَماءُ أَقلِعى وَغيضَ الماءُ وَقُضِىَ الأَمرُ وَاستَوَت عَلَى الجودِىِّ وَقيلَ بُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
حڪم ٿيو: "اي زمين پنهنجو سمورو پاڻي چــُـهي وڃ ۽ اي آسمان رڪجي وڃ". سو پاڻي لهي ويو ۽ فيصلو چڪتو ڪيو ويو ۽ ٻيڙي اچي جودي جبل تي لڳي ۽ چيو ويو ته پري ٿي وئي ظالمن جي قوم! |
وَنادىٰ نوحٌ رَبَّهُ فَقالَ رَبِّ إِنَّ ابنى مِن أَهلى وَإِنَّ وَعدَكَ الحَقُّ وَأَنتَ أَحكَمُ الحٰكِمينَ (آيت : 45) |
نوح پنهنجي رب کي پڪاريو ۽ چيائين: "اي منهنجا رب! منهنجو پٽ به ته منهنجي گهروارن مان آهي ۽ تنهنجو وعدو ته سچو آهي ۽ تون سڀني حاڪمن کان وڏو حاڪم آهين" |
قالَ يٰنوحُ إِنَّهُ لَيسَ مِن أَهلِكَ إِنَّهُ عَمَلٌ غَيرُ صٰلِحٍ فَلا تَسـَٔلنِ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنّى أَعِظُكَ أَن تَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 46) |
جواب ۾ فرمايو ويو: "اي نوح! اهو تنهنجي گهروارن مان ناهي، بيشڪ ان جا عمل چڱا نه آهن، تنهنڪري تون مون کان اها شيءِ نه گهر، جنهن جي حقيقت کي تون نٿو ڄاڻين، مان توکي فهمائش ٿو ڪريان ته پاڻ کي جاهلن جهڙو نه ڪر" |
قالَ رَبِّ إِنّى أَعوذُ بِكَ أَن أَسـَٔلَكَ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَإِلّا تَغفِر لى وَتَرحَمنى أَكُن مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 47) |
نوح عرض ڪيو: "اي منهنجا رب! مان تنهنجي پناهه ٿو گهران ان کان جو توکان اها شيءِ گهران، جنهن جي مونکي ڪا ڄاڻ ڪانهي، جيڪڏهن تو مونکي معاف نه ڪيو ۽ رحم نه ڪيو ته مان برباد ٿي ويندس" |
قيلَ يٰنوحُ اهبِط بِسَلٰمٍ مِنّا وَبَرَكٰتٍ عَلَيكَ وَعَلىٰ أُمَمٍ مِمَّن مَعَكَ وَأُمَمٌ سَنُمَتِّعُهُم ثُمَّ يَمَسُّهُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 48) |
حڪم ٿيو: "اي نوح هيٺ لهه، اسان جي طرفان سلامتي ۽ برڪتون آهن توتي ۽ انهن ٽولن تي جيڪي توسان گڏ آهن ۽ ڪي ٽولا اهڙا به هوندا جن کي اسان ڪنهن مدت تائين زندگيءَ جو سامان عطا ڪنداسون، پوءِ کين اسان وٽان دردناڪ عذاب رسندو" |
تِلكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيها إِلَيكَ ما كُنتَ تَعلَمُها أَنتَ وَلا قَومُكَ مِن قَبلِ هٰذا فَاصبِر إِنَّ العٰقِبَةَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 49) |
اي نبي! اهي غيب جون خبرون آهن، جيڪي اسان توڏانهن وحي ڪري رهيا آهيون. هن کان اڳ نه تون انهن کي ڄاڻندو هئين ۽ نه تنهنجي قوم، پوءِ صبر ڪر، پڇاڙي ته متقين جي ئي ٿيڻي آهي |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِن أَنتُم إِلّا مُفتَرونَ (آيت : 50) |
۽ عاد ڏانهن اسان سندن ڀاءُ هود کي موڪليو، هن چين: "اي منهنجي قوم! الله جي ٻانهپ ڪريو، توهانجو انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، توهان ته رڳو ڪوڙا ٺاهه کڻي ٺاهيا آهن |
يٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى الَّذى فَطَرَنى أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 51) |
اي منهنجي قوم! انهيءَ ڪم تي مان توهان کان ڪوبه اجورو نٿو گهران، منهنجو اجر ته انهيءَ جي ذمي آهي، جنهن مونکي پيدا ڪيو آهي. ڇا توهان عقل نه ڌاريندؤ؟ |
وَيٰقَومِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا وَيَزِدكُم قُوَّةً إِلىٰ قُوَّتِكُم وَلا تَتَوَلَّوا مُجرِمينَ (آيت : 52) |
۽ اي منهنجي قوم! پنهنجي رب کان معافي گهرو، پوءِ انهيءَ ڏانهن موٽي پئو، هو توهان تي آسمان مان واهڙ وهائي ڇڏيندو ۽ توهان کي طاقت ۾ گهڻو وڌائي ڇڏيندو، ڏوهاري بڻجي (بندگيءَ کان) منهن نه موڙيو" |
قالوا يٰهودُ ما جِئتَنا بِبَيِّنَةٍ وَما نَحنُ بِتارِكى ءالِهَتِنا عَن قَولِكَ وَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 53) |
انهن جواب ڏنو: "اي هود، تون اسان وٽ ڪا چٽي ثابتي کڻي نه آيو آهين ۽ تنهنجي چوڻ تي اسان پنهنجن معبودن کي ڇڏڻ وارا نه آهيون ۽ نڪي توتي ايمان آڻڻ وارا آهيون |
إِن نَقولُ إِلَّا اعتَرىٰكَ بَعضُ ءالِهَتِنا بِسوءٍ قالَ إِنّى أُشهِدُ اللَّهَ وَاشهَدوا أَنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 54) |
اسان ته چئون ٿا ته اسان جي معبودن مان ڪنهن جي ڪا توتي مار پئي آهي". هود چين: "مان الله جي شاهدي ٿو پيش ڪريان ۽ توهان شاهد ٿجو ته توهان الله کانسواءِ ٻين کي به خدائيءَ ۾ شريڪ بڻايو آهي |
مِن دونِهِ فَكيدونى جَميعًا ثُمَّ لا تُنظِرونِ (آيت : 55) |
منهنجو انهن سان ڪوبه واسطو ناهي، توهان سڀئي گڏجي منهنجي خلاف جيڪا ڪرڻي اٿوَ سان ڪريو ۽ مونکي ڪا مهلت نه ڏيو |
إِنّى تَوَكَّلتُ عَلَى اللَّهِ رَبّى وَرَبِّكُم ما مِن دابَّةٍ إِلّا هُوَ ءاخِذٌ بِناصِيَتِها إِنَّ رَبّى عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 56) |
منهنجو آسرو ته الله تي آهي، جيڪو منهنجو به رب آهي ۽ توهانجو به رب آهي. ڪوبه ساهوارو اهڙو نه آهي، جنهن جي پيشاني سندس هٿ ۾ نه هجي. بيشڪ منهنجو رب سنئين راهه تي آهي |
فَإِن تَوَلَّوا فَقَد أَبلَغتُكُم ما أُرسِلتُ بِهِ إِلَيكُم وَيَستَخلِفُ رَبّى قَومًا غَيرَكُم وَلا تَضُرّونَهُ شَيـًٔا إِنَّ رَبّى عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 57) |
جيڪڏهن توهان منهن موڙيو ٿا ته موڙيو، جيڪو پيغام ڏيئي مونکي توهان ڏانهن موڪليو ويو آهي سو ته مان توهانکي پهچائي چڪو آهيان. هاڻي منهنجو رب توهانجي جاءِ تي ٻي ڪنهن قوم کي آڻيندو ۽ توهان سندس ڪجهه به بگاڙي نه سگهندؤ، بيشڪ منهنجي رب جي هر شيءِ تي نظر آهي |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا هودًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَنَجَّينٰهُم مِن عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 58) |
پوءِ جڏهن اسان جو حڪم پهچي ويو ته اسان پنهنجي رحمت سان هود کي ۽ انهن ماڻهن کي جن ساڻس گڏ ايمان آندو هو، بچائي ورتو ۽ ڏاڍي سخت عذاب کان کين بچايوسون |
وَتِلكَ عادٌ جَحَدوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَعَصَوا رُسُلَهُ وَاتَّبَعوا أَمرَ كُلِّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 59) |
اهي اٿوَ عاد، جن پنهنجي رب جي آيتن کان انڪار ڪيو ۽ رسولن جي ڳالهه نه مڃيائون ۽ هر ڏاڍائي ڪندڙ حق جي دشمن جي چوڻ تي هليا |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ أَلا إِنَّ عادًا كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِعادٍ قَومِ هودٍ (آيت : 60) |
نيٺ هن دنيا ۾ به لعنت پين ته قيامت جي ڏينهن به. ٻڌو! عاد پنهنجي رب سان ڪفر ڪيو. ٻڌي ڇڏيو! پري اڇلايا ويا عاد، هود جي قوم جا ماڻهو |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ هُوَ أَنشَأَكُم مِنَ الأَرضِ وَاستَعمَرَكُم فيها فَاستَغفِروهُ ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى قَريبٌ مُجيبٌ (آيت : 61) |
۽ ثمود ڏانهن اسان سندن ڀاءُ صالح کي موڪليو، هن چين: "اي منهنجي قوم! الله جي ٻانهپ ڪريو، انهيءَ کان سواءِ توهانجو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. اهوئي آهي، جنهن توهانکي ڌرتيءَ مان پيدا ڪيو آهي ۽ اتي ئي توهانکي آباد ڪيو اٿائين، سو کانئس بخشش گهرو ۽ ڏانهس موٽو، بيشڪ منهنجو رب ويجهو ۽ قبول ڪندڙ آهي |
قالوا يٰصٰلِحُ قَد كُنتَ فينا مَرجُوًّا قَبلَ هٰذا أَتَنهىٰنا أَن نَعبُدَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا وَإِنَّنا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 62) |
انهن چيس: "اي صالح! هن کان اڳ ته تون اسان منجهه اهڙو ماڻهو هئين، جنهن ۾ وڏيون اميدون هيون، ڇا تون اسانکي انهن معبودن جي پوڄا کان روڪڻ ٿو گهرين، جن جي پوڄا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا؟ تون جنهن طريقي ڏانهن اسانکي سڏين پيو، ان بابت اسان وڏي شڪ ۾ پيل آهيون، جنهن ته ويتر منجهائي ڇڏيو آهي" |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى مِنهُ رَحمَةً فَمَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن عَصَيتُهُ فَما تَزيدونَنى غَيرَ تَخسيرٍ (آيت : 63) |
صالح چيو: "اي قوم! توهان ٿورو ان ڳالهه تي به ڪو غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن مون وٽ پنهنجي رب وٽان آيل هڪ چٽو ثبوت هو ۽ وري هن پنهنجي رحمت سان به مونکي نوازي ڇڏيو ته پوءِ الله جي پڪڙ کان مونکي ڪير بچائيندو، جي مان سندس بي فرماني ڪندس؟ توهان منهنجي ڪهڙي ڪم اچي سگهو ٿا، سواءِ ان جي جو مونکي اڃا وڌيڪ نقصان ۾ وجهي ڇڏيو |
وَيٰقَومِ هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ قَريبٌ (آيت : 64) |
۽ اي منهنجي قوم وارؤ! ڏسو هيءَ الله جي ڏاچي توهان جي لاءِ هڪ نشاني آهي، انکي ڇڏي ڏيو ته الله جي زمين ۾ چرندي وتي ۽ ان سان ڪابه هٿ چراند نه ڪجو، نه ته بنا دير جي توهان تي الله جو عذاب ايندو" |
فَعَقَروها فَقالَ تَمَتَّعوا فى دارِكُم ثَلٰثَةَ أَيّامٍ ذٰلِكَ وَعدٌ غَيرُ مَكذوبٍ (آيت : 65) |
پر انهن ڏاچيءَ کي ماري وڌو. تنهن تي صالح کين چتاءُ ڏنو ته "هاڻي بس ٽي ڏينهن پنهنجن گهرن ۾ مزا ماڻي وٺو، اهو وعدو آهي جو ڪوڙو ٿيڻو ئي ناهي" |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا صٰلِحًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَمِن خِزىِ يَومِئِذٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ القَوِىُّ العَزيزُ (آيت : 66) |
نيٺ جڏهن اسانجي فيصلي جو وقت اچي ويو ته اسان پنهنجي رحمت سان صالح کي ۽ انهن ماڻهن کي جن ساڻس گڏ ايمان آندو هو، بچائي ورتو ۽ انهيءَ ڏينهن جي خواريءَ کان سندن بچاءُ ڪيوسون، بيشڪ تنهنجو رب وڏي سگهه وارو ۽ غالب آهي |
وَأَخَذَ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 67) |
باقي جن ماڻهن ظلم ڪيو هو، تن کي هڪ زبردست ڪڙڪي پڪڙي ورتو ۽ هو پنهنجين وسندين ۾ ڊونڊڙا ٿي پئجي رهيا |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا إِنَّ ثَمودَا۟ كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِثَمودَ (آيت : 68) |
، جو ڄڻ ته هو انهن ۾ رهيائي ڪونه هئا، ٻڌو، ثمود پنهنجي رب سان ڪفر ڪيو، پوءِ ٻڌي ڇڏيو ته ثمودين تي ڦٽڪار هجي |
وَلَقَد جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ فَما لَبِثَ أَن جاءَ بِعِجلٍ حَنيذٍ (آيت : 69) |
۽ ابراهيم وٽ اسان جا فرشتا خوشخبري کڻي آيا، چيائون: توتي سلام هجي. ابراهيم چين ته توهان تي به سلام هجي، پوءِ اڃان ڪا ويرم ئي نه ٿي ته ابراهيم هڪڙو ڀـُـڳل گابو (سندن مهمانيءَ طور) کڻي آيو |
فَلَمّا رَءا أَيدِيَهُم لا تَصِلُ إِلَيهِ نَكِرَهُم وَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومِ لوطٍ (آيت : 70) |
پر جڏهن ڏٺائين ته سندن هٿ کاڌي ڏانهن نٿا وڌن ته کانئن شڪجي پيو ۽ دل ۾ انهن کان ڀؤ ٿي پيس. انهن (ملائڪن) چيس ته "ڊڄ نه، اسان ته لوط جي قوم ڏانهن موڪليا ويا آهيون" |
وَامرَأَتُهُ قائِمَةٌ فَضَحِكَت فَبَشَّرنٰها بِإِسحٰقَ وَمِن وَراءِ إِسحٰقَ يَعقوبَ (آيت : 71) |
ابراهيم جي زال به بيٺي هئي، اهو ٻڌي هوءَ کلي ويٺي. پوءِ اسان ان کي اسحاق ۽ اسحاق کان پوءِ يعقوب جي خوشخبري ڏني |
قالَت يٰوَيلَتىٰ ءَأَلِدُ وَأَنا۠ عَجوزٌ وَهٰذا بَعلى شَيخًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 72) |
هوءَ چوڻ لڳي: "هاءِ مــُـٺيس، ڇا مان هاڻي ڄڻينديس! جڏهن جو مان ڪراڙي جــُـهور ٿي وئي آهيان ۽ هيءُ منهنجو مڙس به ڪراڙو آهي؟ هيءَ ته ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي" |
قالوا أَتَعجَبينَ مِن أَمرِ اللَّهِ رَحمَتُ اللَّهِ وَبَرَكٰتُهُ عَلَيكُم أَهلَ البَيتِ إِنَّهُ حَميدٌ مَجيدٌ (آيت : 73) |
ملائڪن چيو: "الله جي حڪم تي ٿي تعجب ڪرين؟ ابراهيم جا گهر وارؤ! توهان تي الله جي رحمت ۽ سندس برڪتون آهن ۽ بيشڪ الله نهايت ساراهه جوڳو ۽ وڏي شان وارو آهي" |
فَلَمّا ذَهَبَ عَن إِبرٰهيمَ الرَّوعُ وَجاءَتهُ البُشرىٰ يُجٰدِلُنا فى قَومِ لوطٍ (آيت : 74) |
پوءِ جڏهن ابراهيم جو ڊپ دور ٿيو ۽ (اولاد جي خوشخبريءَ جي ڪري) سندس دل خوش ٿي وئي ته لوط جي قوم جي باري ۾ اسان سان جهڳڙو ڪرڻ لڳو |
إِنَّ إِبرٰهيمَ لَحَليمٌ أَوّٰهٌ مُنيبٌ (آيت : 75) |
حقيقت ۾ ابراهيم ڏاڍو بردبار ۽ نرم دل انسان هو ۽ هر حالت ۾ اسان ڏي رجوع ڪندڙ هو |
يٰإِبرٰهيمُ أَعرِض عَن هٰذا إِنَّهُ قَد جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَإِنَّهُم ءاتيهِم عَذابٌ غَيرُ مَردودٍ (آيت : 76) |
(نيٺ اسان جي ملائڪن چيس) اي ابراهيم! انهيءَ ڳالهه کان مڙي وڃ، تنهنجي رب جو حڪم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي انهن ماڻهن تي اهو عذاب اچڻو آهي ۽ ڪنهن جي به ٽارئي نه ٽرندو" |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالَ هٰذا يَومٌ عَصيبٌ (آيت : 77) |
۽ جڏهن اسان جا فرشتا لوط وٽ پهتا ته هو انهن جي اچڻ کان سخت گهٻرائجي ويو ۽ دل ۾ ڏاڍي مونجهه ٿيس ۽ چوڻ لڳو ته اڄ ته ڏاڍو مصيبت جو ڏينهن آهي |
وَجاءَهُ قَومُهُ يُهرَعونَ إِلَيهِ وَمِن قَبلُ كانوا يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ قالَ يٰقَومِ هٰؤُلاءِ بَناتى هُنَّ أَطهَرُ لَكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ فى ضَيفى أَلَيسَ مِنكُم رَجُلٌ رَشيدٌ (آيت : 78) |
(انهن مهمانن جي ايندي ئي) سندس قوم جا ماڻهو وٽس ڊوڙندا آيا، هو ته اڳيئي بدڪارين جا هيراڪ هئا. لوط چين: "ڀائرو! هي منهنجون نياڻيون اٿوَ، اهي توهان لاءِ وڌيڪ پاڪ آهن، ڪجهه الله کان ڊڄو ۽ مونکي منهنجن مهمانن ۾ خوار نه ڪريو. ڇا توهان ۾ ڪو به سڌريل ماڻهو ڪونهي؟" |
قالوا لَقَد عَلِمتَ ما لَنا فى بَناتِكَ مِن حَقٍّ وَإِنَّكَ لَتَعلَمُ ما نُريدُ (آيت : 79) |
انهن وراڻي ڏني: "توکي ته خبر آهي ته تنهنجي نياڻين ۾ اسانجو ڪو حق (حصو) ڪونهي ۽ توکي ته اها به خبر آهي ته اسانکي ڇا گهرجي" |
قالَ لَو أَنَّ لى بِكُم قُوَّةً أَو ءاوى إِلىٰ رُكنٍ شَديدٍ (آيت : 80) |
لوط چيو: "(افسوس) جيڪر مون وٽ ايتري طاقت هجي ها جو توهانکي جهلي سگهان ها يا ڪو مضبوط سهارو ئي هجي ها، جو ان جي اوٽَ وٺان ها" |
قالوا يٰلوطُ إِنّا رُسُلُ رَبِّكَ لَن يَصِلوا إِلَيكَ فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ إِلَّا امرَأَتَكَ إِنَّهُ مُصيبُها ما أَصابَهُم إِنَّ مَوعِدَهُمُ الصُّبحُ أَلَيسَ الصُّبحُ بِقَريبٍ (آيت : 81) |
(تڏهن فرشتن) چيو: "اي لوط ! اسان تنهنجي رب جا موڪليل آهيون، اهي ماڻهو توسان پڄي نه سگهندا. سو اڃان ڪجهه رات هجي ته پنهنجي گهروارن سميت نڪري پؤ ۽ ها، توهان مان ڪوبه پوئتي ڪنڌ ورائي نه ڏسي، مگر تنهنجي زال (گڏ نه هلندي) ڇو جو ان سان به اهوئي ٿيڻو آهي، جيڪو انهن سان ٿيڻو آهي. انهن جي برباد ٿيڻ لاءِ صبح جو وقت مقرر آهي، صبح ٿيڻ ۾ باقي ڪهڙي دير آهي!" |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا جَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيها حِجارَةً مِن سِجّيلٍ مَنضودٍ (آيت : 82) |
پوءِ جڏهن اسانجي فيصلي جو وقت اچي ويو ته اسان انهيءَ آباديءَ کي مٿي کڻي اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ مٿس پڪل مٽيءَ جي پٿرن جو وسڪارو لائي ڏنو |
مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ وَما هِىَ مِنَ الظّٰلِمينَ بِبَعيدٍ (آيت : 83) |
جن مان هرهڪ پٿر تنهنجي رب وٽ نشان ٿيل هو ۽ اهڙي سزا ظالمن کان ڪا پري ته ناهي |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ وَلا تَنقُصُوا المِكيالَ وَالميزانَ إِنّى أَرىٰكُم بِخَيرٍ وَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ مُحيطٍ (آيت : 84) |
۽ مدين وارن ڏانهن اسان سندن ڀاءُ شعيب کي موڪليو، هن چيو: "اي منهنجي قوم! الله جي ٻانهپ ڪريو، ان کان سواءِ توهانجو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي ۽ ماپ تور ۾ کوٽ نه ڪريو. اڄ ته مان توهانکي سٺي حالت ۾ ڏسي رهيو آهيان، پر مونکي ڊپ آهي ته ڪنهن ڏينهن توهان تي اهڙو عذاب ايندو، جيڪو سڀني کي وڪوڙي ويندو |
وَيٰقَومِ أَوفُوا المِكيالَ وَالميزانَ بِالقِسطِ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 85) |
۽ اي منهنجي قوم! انصاف سان پوري ماپ تور ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن شين ۾ گهٽ نه ڏيو ۽ ڌرتيءَ تي فساد نه پکيڙيو |
بَقِيَّتُ اللَّهِ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 86) |
الله جي ڏنل بچت (نفعو) توهان لاءِ ڀلي آهي، جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو، باقي مان ڪو توهان تي نگهبان نه آهيان" |
قالوا يٰشُعَيبُ أَصَلوٰتُكَ تَأمُرُكَ أَن نَترُكَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا أَو أَن نَفعَلَ فى أَموٰلِنا ما نَشٰؤُا۟ إِنَّكَ لَأَنتَ الحَليمُ الرَّشيدُ (آيت : 87) |
انهن جواب ڏنو: "اي شعيب! ڇا تنهنجي نماز ٿي توکي تلقين ڪري ته اسان انهن معبودن کي ڇڏي ڏيون، جن جي پوڄا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا؟ يا وري پنهنجو مال ملڪيت پنهنجي مرضيءَ مطابق وڌائڻ ڇڏي ڏيون، بس تون ئي هڪڙو بردبار ۽ سچ تي هلندڙ بچيو آهين!" |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَرَزَقَنى مِنهُ رِزقًا حَسَنًا وَما أُريدُ أَن أُخالِفَكُم إِلىٰ ما أَنهىٰكُم عَنهُ إِن أُريدُ إِلَّا الإِصلٰحَ مَا استَطَعتُ وَما تَوفيقى إِلّا بِاللَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ (آيت : 88) |
شعيب چين: "اي منهنجي قوم! توهان پاڻ ئي سوچيو ته جيڪڏهن مان پنهنجي رب وٽان هڪڙي چٽي ثبوت وارو به هجان ۽ وري هن مونکي پاڻ وٽان ڀلو رزق به عطا ڪيو (ته پوءِ مان ڪيئن ٿو توهانجي گمراهين ۽ حرام کائڻ ۾ توهانجو ساٿي بڻجي سگهان؟) ۽ مان هرگز اهو نٿو چاهيان ته جن ڳالهين کان توهانکي روڪيان ٿو، اهي پاڻ ڪريان. مان ته فقط سڌارو آڻڻ ٿو چاهيان، جيتريقدر به منهنجو وس پڄي ۽ مان الله جي توفيق کانسواءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگهان، منهنجو ڀروسو ته انهيءَ تي ئي آهي ۽ هر ڳالهه ۾ انهيءَ ڏانهن ئي رجوع ڪندو آهيان |
وَيٰقَومِ لا يَجرِمَنَّكُم شِقاقى أَن يُصيبَكُم مِثلُ ما أَصابَ قَومَ نوحٍ أَو قَومَ هودٍ أَو قَومَ صٰلِحٍ وَما قَومُ لوطٍ مِنكُم بِبَعيدٍ (آيت : 89) |
۽ اي منهنجي قوم! مون سان توهانجي دشمني متان توهانکي انهيءَ حد تي پهچائي جو نيٺ توهان تي به اهڙو ئي عذاب اچي وڃي، جهڙو نوح، هود ۽ صالح جي قومن تي آيو هو ۽ لوط جي قوم ته توهان کان گهڻو پري به نه آهي |
وَاستَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى رَحيمٌ وَدودٌ (آيت : 90) |
تنهنڪري پنهنجي رب کان معافي گهرو ۽ انهيءَ ڏانهن موٽي پئو، بيشڪ منهنجو رب ٻاجهارو ۽ پنهنجي مخلوق سان محبت ڪرڻ وارو آهي" |
قالوا يٰشُعَيبُ ما نَفقَهُ كَثيرًا مِمّا تَقولُ وَإِنّا لَنَرىٰكَ فينا ضَعيفًا وَلَولا رَهطُكَ لَرَجَمنٰكَ وَما أَنتَ عَلَينا بِعَزيزٍ (آيت : 91) |
انهن چيو: "اي شعيب! تنهنجون گهڻيون ڳالهيون ته اسانکي سمجهه ۾ ئي نٿيون اچن ۽ اسان ڏسون پيا ته تون اسان ۾ هڪڙو ڪمزور ماڻهو آهين، تنهنجي برادري نه هجي ها ته اسان ڪڏهوڪو توکي سنگسار ڪري ڇڏيون ها ۽ تون اسان کان ڪو ڏاڍو نه آهين" |
قالَ يٰقَومِ أَرَهطى أَعَزُّ عَلَيكُم مِنَ اللَّهِ وَاتَّخَذتُموهُ وَراءَكُم ظِهرِيًّا إِنَّ رَبّى بِما تَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 92) |
شعيب چين: اي منهنجي قوم! " ڇا منهنجي برادري توهان لاءِ الله کان به ڏاڍي آهي، جو (برادريءَ کان ته ڊڄو ٿا ۽) الله کي (الله جي حڪم کي) پٺيءَ پويان ڪري ڇڏيو اٿوَ؟ پڪ ڄاڻو ته جيڪي ڪجهه ڪيو پيا سو الله جي پڪڙ کان ٻاهر ناهي |
وَيٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ سَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَمَن هُوَ كٰذِبٌ وَارتَقِبوا إِنّى مَعَكُم رَقيبٌ (آيت : 93) |
اي منهنجي قوم! توهان پنهنجي طريقي تي ڪم ڪندا رهو ۽ مان به پنهنجي طريقي تي ڪم ڪندو رهندس، سگهوئي توهانکي ســُـڌ پئجي ويندي ته ڪنهن تي ٿو ذلت وارو عذاب اچي ۽ ڪير ڪوڙو آهي. توهان به انتظار ڪريو، مان به توهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيان |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا شُعَيبًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَأَخَذَتِ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 94) |
نيٺ جڏهن اسان جي فيصلي جو وقت اچي ويو ته اسان پنهنجي رحمت سان شعيب ۽ سندس ساٿي مؤمنن کي بچائي ورتو ۽ جن ماڻهن ظلم پئي ڪيو، تن کي هڪڙي زبردست ڌڌڪي هڻي ڊاهي وڌو، جو هو پنهنجي گهرن ۾ اونڌا ٿي پئجي رهيا |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا بُعدًا لِمَديَنَ كَما بَعِدَت ثَمودُ (آيت : 95) |
ڄڻڪ اتي ڪڏهن رهيا ئي نه هئا، ٻڌو، مدين وارا به اڇلائي پري ڦـٽو ڪيا ويا جيئن ثمود وارا پري اڇلايا ويا هئا |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 96) |
۽ موسيٰ کي اسان پنهنجن نشانين ۽ چٽيءَ ســَـنـَـدَ سان گڏ موڪليو |
إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاتَّبَعوا أَمرَ فِرعَونَ وَما أَمرُ فِرعَونَ بِرَشيدٍ (آيت : 97) |
فرعون ۽ سندس دربارين ڏانهن پر انهن فرعون جي حڪم جي پيروي ڪئي، جڏهن جو فرعون جي حڪم ۾ ڪابه سچائي نه هئي |
يَقدُمُ قَومَهُ يَومَ القِيٰمَةِ فَأَورَدَهُمُ النّارَ وَبِئسَ الوِردُ المَورودُ (آيت : 98) |
قيامت جي ڏينهن هو پنهنجي قوم جي اڳيان هوندو ۽ پنهنجي اڳواڻيءَ هيٺ کين ڪاهي وڃي باهه تي آڻيندو. ڪهڙو نه بڇڙو آهي اهو ماڳ جنهن تي ڪو اچي سهڙي |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ بِئسَ الرِّفدُ المَرفودُ (آيت : 99) |
۽ انهن ماڻهن جي ڪڍ لعنت هن دنيا ۾ به پئي ته قيامت جي ڏينهن به، ڪهڙو نه بڇڙو آهي اهو انعام جيڪو ڪنهن انعام ماڻڻ واري کي ملي! |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ القُرىٰ نَقُصُّهُ عَلَيكَ مِنها قائِمٌ وَحَصيدٌ (آيت : 100) |
اي پيغمبر! اهي ڪن ڳوٺن جون خبرون آهن، جيڪي اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون، انهن مان ڪي اڄ به قائم آهن ۽ ڪي برباد ٿي ويا آهن |
وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن ظَلَموا أَنفُسَهُم فَما أَغنَت عَنهُم ءالِهَتُهُمُ الَّتى يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ مِن شَيءٍ لَمّا جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَما زادوهُم غَيرَ تَتبيبٍ (آيت : 101) |
اسان ته مٿن ڪو ظلم نه ڪيو هو، انهن ته پاڻ سان پاڻ ئي ناحق ڪيو هو ۽ جڏهن الله جو حڪم اچي ويو ته سندن اهي معبود جن کي هو الله کي ڇڏي پڪاريندا هئا، انهن جي ڪنهن ڪم نه آيا ۽ کين سواءِ برباديءَ جي ٻيو ڪجهه به نه ڏنائون |
وَكَذٰلِكَ أَخذُ رَبِّكَ إِذا أَخَذَ القُرىٰ وَهِىَ ظٰلِمَةٌ إِنَّ أَخذَهُ أَليمٌ شَديدٌ (آيت : 102) |
۽ تنهنجو رب جڏهن ڪنهن ظالم آباديءَ کي پڪڙيندو آهي ته سندس پڪڙ اهڙي ئي هوندي آهي ۽ حقيقت اها آهي ته سندس پڪڙ ڏاڍي سخت ۽ دردناڪ هوندي آهي |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِمَن خافَ عَذابَ الءاخِرَةِ ذٰلِكَ يَومٌ مَجموعٌ لَهُ النّاسُ وَذٰلِكَ يَومٌ مَشهودٌ (آيت : 103) |
بيشڪ ان ۾ هڪڙي نشاني آهي، هر انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ جيڪو آخرت جي عذاب کان ڊڄي. اهو هڪڙو ڏينهن هوندو جنهن ۾ سڀ ماڻهو گڏ ڪيا ويندا، پوءِ ان ڏينهن جيڪي ڪجهه به ٿيندو سڀني جي اکين آڏو هوندو |
وَما نُؤَخِّرُهُ إِلّا لِأَجَلٍ مَعدودٍ (آيت : 104) |
اسان ان کي آڻڻ ۾ ڪا گهڻي دير نه ڪري رهيا آهيون، بس ان لاءِ هڪڙو مدو مقرر آهي |
يَومَ يَأتِ لا تَكَلَّمُ نَفسٌ إِلّا بِإِذنِهِ فَمِنهُم شَقِىٌّ وَسَعيدٌ (آيت : 105) |
جنهن ڏينهن اهو ڀرجي ايندو ته پوءِ ڪنهن کي به ڪجهه ڪــُـڇڻ جي ڪا مجال نه هوندي، الله جي اجازت کانسواءِ ، پوءِ ڪي ماڻهو ان ڏينهن بدبخت هوندا ۽ ڪي سٺي بخت وارا |
فَأَمَّا الَّذينَ شَقوا فَفِى النّارِ لَهُم فيها زَفيرٌ وَشَهيقٌ (آيت : 106) |
جيڪي بدبخت هوندا سي جهنم ۾ پوندا (جتي گرميءَ ۽ اڃ سبب) پيا ســَـهڪندا ۽ سـُـڏڪندا |
خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ إِنَّ رَبَّكَ فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 107) |
۽ انهيءَ حالت ۾ هو سدائين رهندا جيستائين آسمانَ ۽ زمين قائم آهن، باقي جيئن تنهنجو رب گهري، بيشڪ تنهنجو رب جيئن وڻيس تيئن ڪري سگهي ٿو |
وَأَمَّا الَّذينَ سُعِدوا فَفِى الجَنَّةِ خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ عَطاءً غَيرَ مَجذوذٍ (آيت : 108) |
سٺي بخت وارا سو جنت ۾ ويندا ۽ اهي اتي سدائين رهندا، جيستائين آسمان ۽ زمين قائم آهن، باقي جيئن تنهنجي رب جي مرضي. اهڙي بخشش ملندن جيڪا ڪڏهن به بند نه ٿيندي |
فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِمّا يَعبُدُ هٰؤُلاءِ ما يَعبُدونَ إِلّا كَما يَعبُدُ ءاباؤُهُم مِن قَبلُ وَإِنّا لَمُوَفّوهُم نَصيبَهُم غَيرَ مَنقوصٍ (آيت : 109) |
پوءِ اي نبي! تون انهن معبودن بابت ڪنهن به شڪ ۾ نه هــُـج، جن جي اهي پوڄا پيا ڪن. اهي ته رڳو ائين ٿا پوڄا ڪن، جيئن اڳي سندن ابا ڏاڏا ڪندا هئا ۽ اسان سندن حـصو کين پورو پورو ڏينداسون، بنا ڪنهن گهٽتائيءَ جي |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَاختُلِفَ فيهِ وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّهُم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 110) |
اسان هن کان اڳ موسيٰ کي به ڪتاب ڏئي چڪا آهيون ۽ ان بابت به اختلاف ڪيو ويو هو (جيئن اڄ هن قرآن جي باري ۾ پيو ڪيو وڃي جيڪو توکي ڏنو ويو آهي) جيڪڏهن تنهنجي رب جي طرفان هڪڙي ڳالهه اڳي ئي طيءِ ٿيل نه هجي ها ته انهن اختلاف ڪندڙن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ها، اهي ماڻهو هن جي باري ۾ وڏي شڪ ۾ پيل آهن |
وَإِنَّ كُلًّا لَمّا لَيُوَفِّيَنَّهُم رَبُّكَ أَعمٰلَهُم إِنَّهُ بِما يَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 111) |
۽ اها به حقيقت آهي ته تنهنجو رب کين سندن عملن جو پورو پورو بدلو ڏيندو. پڪ ڄاڻو ته هو انهن جي سڀني عملن کان واقف آهي |
فَاستَقِم كَما أُمِرتَ وَمَن تابَ مَعَكَ وَلا تَطغَوا إِنَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 112) |
تنهنڪري اي نبي! تون ۽ تنهنجا اهي ساٿي جيڪي (ڪفر ۽ بغاوت کان ايمان ۽ تابعداريءَ ڏانهن) موٽي آيا آهن، پوريءَ طرح سنئينءَ واٽ تي ثابت قدم ٿي بيهو، جيئن توکي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ٻانهپ جي حد کان اڳتي نه وڌو، جيڪو ڪجهه توهان ڪريو پيا الله تنهن کي ڏسي ٿو |
وَلا تَركَنوا إِلَى الَّذينَ ظَلَموا فَتَمَسَّكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 113) |
۽ انهن ظالمن ڏانهن ٿورڙو به نه جــُـهڪو، نه ته توهان به باهه ۾ اچي ويندؤ ۽ الله کانسواءِ توهان کي ڪوبه اهڙو مددگار نه ملندو نڪي توهانکي ڪٿان ڪا مدد ئي ملندي |
وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ طَرَفَىِ النَّهارِ وَزُلَفًا مِنَ الَّيلِ إِنَّ الحَسَنٰتِ يُذهِبنَ السَّيِّـٔاتِ ذٰلِكَ ذِكرىٰ لِلذّٰكِرينَ (آيت : 114) |
۽ نماز قائم ڪر ڏينهن جي ٻنهي ڇيڙن تي ۽ ڪجهه رات گذرڻ تي، بيشڪ نيڪيون بدين کي مٽائي ٿيون ڇڏين، الله کي ياد رکڻ وارن لاءِ اها نصيحت آهي |
وَاصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 115) |
۽ صبر ڪر، الله نيڪي ڪندڙن جو اجر ڪڏهن به نه وڃائيندو آهي |
فَلَولا كانَ مِنَ القُرونِ مِن قَبلِكُم أُولوا بَقِيَّةٍ يَنهَونَ عَنِ الفَسادِ فِى الأَرضِ إِلّا قَليلًا مِمَّن أَنجَينا مِنهُم وَاتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا ما أُترِفوا فيهِ وَكانوا مُجرِمينَ (آيت : 116) |
پوءِ ڇو نه انهن قومن مان جيڪي توهان کان اڳ ٿي گذريون آهن، اهڙا چڱا ماڻهو پوئتي رهيا، جيڪي ماڻهن کي زمين ۾ فساد ڪرڻ کان روڪين ها؟ اهڙا ماڻهو نڪتا به ته ڪي تمام ٿورا، جن کي اسان انهن قومن منجهان بچائي ورتو هو، نه ته ظالم ته انهن مزن جي ڪڍ لڳا رهيا، جن جا سامان کين جهجها ڏنا ويا هئا ۽ اهي ڏوهاري ٿي رهيا |
وَما كانَ رَبُّكَ لِيُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها مُصلِحونَ (آيت : 117) |
تنهنجو رب اهڙو نه آهي جو ناحق آبادين کي برباد ڪري ڇڏي، جڏهن ته انهن جا رهاڪو سڌارو آڻڻ وارا هجن |
وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَجَعَلَ النّاسَ أُمَّةً وٰحِدَةً وَلا يَزالونَ مُختَلِفينَ (آيت : 118) |
بيشڪ تنهنجو رب جيڪڏهن چاهي ها ته سڀني انسانن کي هڪڙي ئي امت بڻائي ٿي سگهيو، پر هاڻي ته هو جدا جدا طريقن تي ئي هلندا رهندا |
إِلّا مَن رَحِمَ رَبُّكَ وَلِذٰلِكَ خَلَقَهُم وَتَمَّت كَلِمَةُ رَبِّكَ لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 119) |
۽ ڀٽڪڻ کان رڳو اهي ئي ماڻهو بچي ويندا، جن تي تنهنجي رب جي رحمت ٿيل آهي. انهيءَ (بااختيار نموني ۾ هلڻ ۽ آزمائش ۾ پوڻ) لاءِ ته هن کين پيدا ڪيو آهي ۽ تنهنجي رب جي اها ڳالهه پوري ٿي، جيڪا چئي هئائين ته مان جهنم کي جنن ۽ انسانن سڀني سان ڀري ڇڏيندس |
وَكُلًّا نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ الرُّسُلِ ما نُثَبِّتُ بِهِ فُؤادَكَ وَجاءَكَ فى هٰذِهِ الحَقُّ وَمَوعِظَةٌ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 120) |
۽ اي نبي! اهي پيغمبرن جا قصا جيڪي اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون، اهي اُهي شيون آهن، جن وسيلي اسان تنهنجي دل کي مضبوط ٿا ڪريون، انهن منجهان توکي حقيقت جي ڄاڻ ملي ۽ ايمان آڻڻ وارن کي نصيحت ۽ ســُـجاڳي نصيب ٿي |
وَقُل لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّا عٰمِلونَ (آيت : 121) |
باقي جيڪي ماڻهو ايمان نٿا آڻين، انهن کي چئي ڇڏ ته توهان پنهنجي طريقي تي هلندا رهو ۽ اسان پنهنجي طريقي تي عمل ڪندڙ آهيون |
وَانتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 122) |
نتيجي جو انتظار توهان به ڪريو ۽ اسان به انتظار پيا ڪريون |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَيهِ يُرجَعُ الأَمرُ كُلُّهُ فَاعبُدهُ وَتَوَكَّل عَلَيهِ وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 123) |
آسمانن ۽ زمين جا جيڪي به ڳجهه آهن، سڀئي الله جي هٿ ۾ آهن ۽ سڀ ڪم ڏانهس ئي موٽن ٿا. تنهنڪري اي نبي! تون سندس ئي بندگي ڪر ۽ مٿس ئي ڀروسو رک، جيڪي به توهان ڪريو ٿا، تنهنجو رب ان کان بي خبر ناهي |