الر كِتٰبٌ أُحكِمَت ءايٰتُهُ ثُمَّ فُصِّلَت مِن لَدُن حَكيمٍ خَبيرٍ (آيت : 1) |
الرا. هي (قرآن) اهو ڪتاب آهي جنهن جون آيتون هڪ واقفڪار حڪيم جي طرف کان (دليلن سان) بلڪل پختيون ڪيون ويون. پڻ تفصيل وار بيان ڪيل آهن. |
أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنَّنى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ وَبَشيرٌ (آيت : 2) |
هي ته خدا کان سواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو. آءُ ته انهيءَ جي طرف کان اوهان کي (عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو ۽ (بهشت جي) خوشخبري ڏيڻ وارو (رسول) آهيان. |
وَأَنِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُمَتِّعكُم مَتٰعًا حَسَنًا إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَيُؤتِ كُلَّ ذى فَضلٍ فَضلَهُ وَإِن تَوَلَّوا فَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ كَبيرٍ (آيت : 3) |
۽ هي به ته پنهنجي پروردگار کان مغفرت جي دعا گهرو، پوءِ سندس بارگاھ ۾ (گناهن کان) توبه ڪريو ته اهو ئي اوهان کي هڪ مقرر مدت تائين زندگيءَ جو چڱو سامان ڏئي ۽ سڀ ڪنهن ڀلائيءَ واري کي سندن ڀلائي جو بدلو ڏئي. ۽ جيڪڏهن (سندس حڪم کان) منهن موڙيندو ته مون کي اوهان جي باري ۾ عذاب جو ڊپ آهي. |
إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 4) |
(ياد رکو!) اوهان سڀني کي (نيٺ) خدا ڏي ئي موٽڻو آهي. ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
أَلا إِنَّهُم يَثنونَ صُدورَهُم لِيَستَخفوا مِنهُ أَلا حينَ يَستَغشونَ ثِيابَهُم يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 5) |
(اي رسول!) ڏس! هي ڪافر (تنهنجي دشمني ۾) پنهنجن سينن کي ڄڻ ته ٻيڻو ٿا ڪن ته جيئن خدا کان (پنهنجين ڳالهين کي) لڪائي ڇڏين (پر) ڏس! جڏهن اهي ماڻهو پنهنجن ڪپڙڻ ۾ (پاڻ کي لڪائي) چڱي طرح ويڙهين ٿا (تڏهن به ته) خدا (سندن ڳالهين کي) ڄاڻي ٿو جيڪي لڪائي ڪندا آهن يا ظاهر. هن ۾ شڪ ئي نه آهي جو اهو سينن جي ڀيدن کي به چڱي طرح ڄاڻي ٿو. |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ إِلّا عَلَى اللَّهِ رِزقُها وَيَعلَمُ مُستَقَرَّها وَمُستَودَعَها كُلٌّ فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 6) |
۽ زمين تي هلڻ وارن مان ڪو به اهڙو نه آهي جنهن جي روزي خدا جي ذمي نه هجي. ۽ خدا سندس رهڻ جي جاءِ ۽ (مرڻ کان پوءِ) کيس سونپيل جاءِ (قبر) کي به ڄاڻي ٿو، سڀ ڪجھ روشن ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ موجود آهي. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَكانَ عَرشُهُ عَلَى الماءِ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَلَئِن قُلتَ إِنَّكُم مَبعوثونَ مِن بَعدِ المَوتِ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
۽ هو ته اهو ئي (قادر مطلق) آهي جنهن آسمان ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ (تنهن وقت) سندس عرش (نائون آسمان) پاڻي تي هو (هن آسمان ۽ زمين کي هن لاءِ بڻايو) ته جيئن اوهان ماڻهن کي آزمائي ته اوهان مان ڪنهن جو عمل وڌيڪ چڱو آهي. ۽ (اي رسولٰ) جيڪڏهن تون (کين) چوندين ته اوهان سڀني کي مرڻ کان پوءِ ٻيو ڀيرو (قبرن مان) اٿاريو ويندو ته ڪافر ضرور چوندا هي ته پڪ ظاهر جادو آهي. |
وَلَئِن أَخَّرنا عَنهُمُ العَذابَ إِلىٰ أُمَّةٍ مَعدودَةٍ لَيَقولُنَّ ما يَحبِسُهُ أَلا يَومَ يَأتيهِم لَيسَ مَصروفًا عَنهُم وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 8) |
۽ جيڪڏهن اسين ڳاڻيٽي جي ڪجھ ڏينهن تائين مٿن عذاب ڪرڻ ۾ دير به ڪريون ته اهي ماڻهو (پنهنجي شرارت سبب) يڪدم ضرور چئي ڏيندا ته (ڀلا) عذاب کي ڪهڙيءَ ڳالھ روڪيو آهي؟ چڱي طرح ٻڌي ڇڏيو، جنهن ڏينهن مٿن عذاب ايندو ته (پوءِ) اهي کيس ٽاري به نه سگهندا جنهن (عذاب) تي اهي ماڻهو ٺٺوليون ڪندا هئا سو مٿن اچي ڪڙڪندو. |
وَلَئِن أَذَقنَا الإِنسٰنَ مِنّا رَحمَةً ثُمَّ نَزَعنٰها مِنهُ إِنَّهُ لَيَـٔوسٌ كَفورٌ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏهن اسين انهن کي پنهنجي رحمت جو ذائقو چکايون ۽ وري ان کان کسيون ته (تنهن وقت) اهو بيشڪ نا اميد (۽) بي شڪرو ٿئي ٿو. (۽ اسان جي شڪايت ڪرڻ لڳي ٿو.) |
وَلَئِن أَذَقنٰهُ نَعماءَ بَعدَ ضَرّاءَ مَسَّتهُ لَيَقولَنَّ ذَهَبَ السَّيِّـٔاتُ عَنّى إِنَّهُ لَفَرِحٌ فَخورٌ (آيت : 10) |
۽ جيڪڏهن اسين ڪنهن تڪليف کان پوءِ جا هن کي پهچي ٿي ڪنهن نعمت جو مزو چکايو ته ضرور چوندو ته مون تان تڪليفون ٽري ويون. بيشڪ اهو (جلد ئي) خوش ٿيندڙ، پاڻ ٻڌائيندڙ آهي. |
إِلَّا الَّذينَ صَبَروا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 11) |
مگر جن ماڻهن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا انهن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر آهي. |
فَلَعَلَّكَ تارِكٌ بَعضَ ما يوحىٰ إِلَيكَ وَضائِقٌ بِهِ صَدرُكَ أَن يَقولوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ كَنزٌ أَو جاءَ مَعَهُ مَلَكٌ إِنَّما أَنتَ نَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 12) |
پوءِ جا ڳالھ تو ڏي وحي جي ذريعي موڪلي وڃي ٿي ان مان متان (ٻڌائڻ وقت) شايد تون فقط هن خيال ڪري ڇڏي ڏين ۽ تون تنگ دل ٿئين ته متان هي ماڻهو چون ته هن تي خزانو ڇو ڪين نازل ڪيو ويو يا (سندس شاهدي لاءِ) هن مان ڪو فرشتو ڇو ڪين آهي. تون ته فقط(عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آهين (تو کي سندن اهو خيال نه ڪرڻ گهرجي) ۽ خدا هر ڳالھ جو ذمه دار آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِعَشرِ سُوَرٍ مِثلِهِ مُفتَرَيٰتٍ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 13) |
ڇا، هي ماڻهو چون ٿا ته هن شخص (تو) هن (قرآن) کي پاڻ ٺاهيو آهي. ته تون (کين صاف کولي) چئو ته جيڪڏهن اوهين (ان ڳالھ ۾) سچا آهيو ته (وڌيڪ نه فقط) اهڙيون سورتون ته ٺاهي آڻيو ۽ خدا کان سواءِ جن کي اوهين مدد لاءِ سڏائي سگهو سڏيو. |
فَإِلَّم يَستَجيبوا لَكُم فَاعلَموا أَنَّما أُنزِلَ بِعِلمِ اللَّهِ وَأَن لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 14) |
پوءِ جيڪڏهن اوهان جي ڳالھ قبول نه ڪن ته ڄاڻو ته هي (قرآن) فقط خدا جي علم سان نازل ڪيل آهي. ۽ (هي به) ته خدا کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. ته ڇا اوهين اڃا اسلام به آڻيندا (يا نه؟). |
مَن كانَ يُريدُ الحَيوٰةَ الدُّنيا وَزينَتَها نُوَفِّ إِلَيهِم أَعمٰلَهُم فيها وَهُم فيها لا يُبخَسونَ (آيت : 15) |
جيڪي دنيا جي حياتي ۽ ان جو سينگار گهرن ٿا تن کي دنيا ۾ ئي سندن عملن جو پورو بدلو ڏيون ٿا ۽ اهي ان دنيا ۾ نقصان ۾ نه هوندا. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَيسَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ إِلَّا النّارُ وَحَبِطَ ما صَنَعوا فيها وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 16) |
پر (ها) هي اهي آهن جن لاءِ آخرت ۾ (دوزخ جي) باھ کان سواءِ (ٻيو) ڪجھ نه آهي. ۽ جو ڪجھ دنيا ۾ ڪيو هوندائون سو آخرت ۾ برباد ٿيندو ۽ جيڪي پيا ڪن سو برباد ٿيندن. |
أَفَمَن كانَ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبِّهِ وَيَتلوهُ شاهِدٌ مِنهُ وَمِن قَبلِهِ كِتٰبُ موسىٰ إِمامًا وَرَحمَةً أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ مِنَ الأَحزابِ فَالنّارُ مَوعِدُهُ فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِنهُ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 17) |
ته ڇا جو شخص پنهنجي پالڻهار جي طرفان روشن دليل تي هجي ۽ سندس قدم بقدم پٺيان ان جو هڪ شاهد هجي ۽ ان کان اڳ موسى جو ڪتاب (توريت) جيڪو (ماڻهن لاءِ) پيشوا ۽ رحمت هو (سو به سندس تصديق ڪندو هجي اهو بهتر آهي يا ڪو ٻيو؟) اهي ماڻهو سچا ايماندار آهن ۽ سڀني فرقن مان جيڪو شخص ان جو انڪار ڪري ته ان جو ٺڪاڻو بس (دوزخ جي) باھ آهي. ته تون ڪو هن جي پاسي کان شڪ ۾ نه رهج! بيشڪ هي قرآن تنهنجي پالڻهار جي طرفان برحق آهي پر گهڻا ماڻهو ايمان نه ٿا آڻين. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أُولٰئِكَ يُعرَضونَ عَلىٰ رَبِّهِم وَيَقولُ الأَشهٰدُ هٰؤُلاءِ الَّذينَ كَذَبوا عَلىٰ رَبِّهِم أَلا لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 18) |
۽ جيڪو شخص خدا تي ڪوڙ بدوڙ ٻڌي، ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو؟ اهڙا ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ پيش ڪيا ويندا پڻ شاهد چوندا ته اهي ئي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار تي ڪوڙ بدوڙ ٻڌو. ياد رکو! ظالمن تي خدا جي ڦٽڪار آهي. |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 19) |
جيڪي خدا جي راھ کان ماڻهن کي جهلين ٿا ۽ ان ۾ وڏ ڪڍڻ گهرن ٿا ۽ اهي ئي ماڻهو آخرت جا منڪر آهن. |
أُولٰئِكَ لَم يَكونوا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَما كانَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ يُضٰعَفُ لَهُمُ العَذابُ ما كانوا يَستَطيعونَ السَّمعَ وَما كانوا يُبصِرونَ (آيت : 20) |
اهي ماڻهو روءِ زمين ۾ خدا کي عاجز ڪري نه ٿا سگهن ۽ نه (وري) خدا کان سواءِ ڪو سندن سرپرست ئي ٿيندو. انهن لاءِ عذاب ٻيڻو ڪيو ويندو. اهي ماڻهو (ساڙ کان) نه ته (حق جي ڳالھ) ٻڌي سگهندا هئا ۽ نه ئي ڏسي سگهندا هئا. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 21) |
اهي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجو پاڻ ئي نقصان ڪيو ۽ جيڪي افترا پردازيون ڪندا هئا سي (سڀ قيامت ۾ کين ڇڏي) گم ٿي وينديون. |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 22) |
هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي ئي آخرت ۾ سخت نقصان وارا آهن. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَأَخبَتوا إِلىٰ رَبِّهِم أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 23) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ پنهنجي پالڻهار جي اڳيان عاجزي سان جهڪيا سي بهشتي آهن جيڪي ان ۾ هميشه رهندا. |
مَثَلُ الفَريقَينِ كَالأَعمىٰ وَالأَصَمِّ وَالبَصيرِ وَالسَّميعِ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 24) |
(ڪافر، مسلمان) انهن ٻنهي ڌرين جو مثال انڌي ٻوڙي ۽ ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ جو آهي. ڇا ٻنهي جو مثال برابر آهي ۽ پوءِ اوهين سوچيو ڇو ڪين ٿا. |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 25) |
۽ بيشڪ اسان نوح کي سندن قوم ڏي موڪليو (کين چيائين ته) بيشڪ آءُ اوهان لاءِ (خدائي عذاب کان) پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. |
أَن لا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 26) |
ته خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪريو. بيشڪ آءُ اوهان کي دردناڪ ڏينهن (قيامت جي) عذاب کان ڊيڄاريان ٿو. |
فَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما نَرىٰكَ إِلّا بَشَرًا مِثلَنا وَما نَرىٰكَ اتَّبَعَكَ إِلَّا الَّذينَ هُم أَراذِلُنا بادِىَ الرَّأىِ وَما نَرىٰ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ بَل نَظُنُّكُم كٰذِبينَ (آيت : 27) |
پوءِ سندس قوم جي ڪافر سردارن چيو ته اسين تو کي رڳو پاڻ جهڙو سمجهون ٿا ۽ اسين ته ڏسون ٿا ته اهي پيروي ڪندڙ ٿيا به آهن ته بس اسان جا ڪي رذيل ماڻهو (سي به سواءِ سوچڻ سمجهڻ جي) ۽ اسين ته پاڻ تي اوهان جي ڪا به فضيلت نه ٿا ڏسون. بلڪه اوهان کي (بلڪل) ڪوڙو سمجهون. |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى رَحمَةً مِن عِندِهِ فَعُمِّيَت عَلَيكُم أَنُلزِمُكُموها وَأَنتُم لَها كٰرِهونَ (آيت : 28) |
(نوح) چيو ته اي منهنجي قوم! مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي پاليندڙ جي طرفان ظاهر ثابتيءَ تي هجان ۽ مون کي پاڻ وٽان رحمت (نبوت) ڏني هجيس، جيڪا اوهان کي سمجھ ۾ نٿي اچي ته ڇا پوءِ آءُ اوهان کي (زبردستي) ان جي مڃڻ تي مجبور ڪري سگهان ٿو ۽ اوهين ان کي ناپسند ڪندا رهو. |
وَيٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مالًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَما أَنا۠ بِطارِدِ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَلٰكِنّى أَرىٰكُم قَومًا تَجهَلونَ (آيت : 29) |
۽ اي منهنجي قوم! آءُ اوهان کان ان سلي ۾ ڪجھ مال (ته) نه ٿو گهران منهنجي مزدوري ته فقط خدا کان سواءِ ٻئي تي نه آهي ۽ آءُ (اوهان جي چوڻ تي) ايمان وارن کي ته تڙيندس ڪين (ڇو ته) اهي به ضرور پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ حاضر ٿيندا. پر آءُ اوهان کي جاهل قوم ڏسان ٿو. |
وَيٰقَومِ مَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن طَرَدتُهُم أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 30) |
۽ اي منهنجي قوم! جيڪڏهن آءُ انهن (ويچارن غريب ايماندارن) کي ڪڍي ڇڏيان ته خدا (جي عذاب) کان (بچائڻ) ۾ منهنجي مدد ڪير ڪندو؟ ته ڇا اوهين ايترو به نه ٿا سوچيو؟ |
وَلا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ إِنّى مَلَكٌ وَلا أَقولُ لِلَّذينَ تَزدَرى أَعيُنُكُم لَن يُؤتِيَهُمُ اللَّهُ خَيرًا اللَّهُ أَعلَمُ بِما فى أَنفُسِهِم إِنّى إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 31) |
۽ آءُ ته اوهان کي اهو نه ٿو چوان ته مون وٽ خدائي خزانا آهن ۽ نه (وري چوان ٿو ته) غيب ڄاڻان ٿو ۽ نه چوان ٿو ته آءُ فرشتو آهيان ۽ جيڪي ماڻهو اوهان جي نظرن ۾ ذليل آهن تن لاءِ آءُ هي نٿو چوان ته خدا هنن سان ڪڏهن به ڀلائي نه ڪندو. انهن ماڻهن جي دلين جي ڳالھ ته خدائي وڌيڪ ڄاڻي ٿو. (۽ جيڪڏهن ائين چوندس ته) بيشڪ آءُ پڪ ظالمن مان ٿيندس. |
قالوا يٰنوحُ قَد جٰدَلتَنا فَأَكثَرتَ جِدٰلَنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 32) |
(انهن) چيو ته اي نوح! بيشڪ تون اسان سان رهيو آهين ۽ اسان سان گهڻو جهڳڙو ڪيو اٿئي پوءِ جيڪڏهن تون سچو آهين ته جنهن (عذاب) جي تون ڌمڪي ڏيندو آهين سو اسان تي آڻ. |
قالَ إِنَّما يَأتيكُم بِهِ اللَّهُ إِن شاءَ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 33) |
نوح چيو ته اوهان وٽ رڳو الله ئي عذاب آڻيندو جيڪڏهن ان گهريو ۽ توهين الله کي عاجز ڪري نه ٿا سگهو. |
وَلا يَنفَعُكُم نُصحى إِن أَرَدتُ أَن أَنصَحَ لَكُم إِن كانَ اللَّهُ يُريدُ أَن يُغوِيَكُم هُوَ رَبُّكُم وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 34) |
نوح چيو ته آءُ گهران ته اوهان جي (ڪيتري به) خيرخواهي ڪريان پر جيڪڏهن خدا کي اوهان جو برغلائڻ منظور آهي ته منهنجي سڃاڻپ ڪجھ به اوهان جي ڪم نه ٿي اچي سگهي. اهو اوهان جو پروردگار آهي ۽ ان ڏي اوهان کي موٽي وڃڻو آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل إِنِ افتَرَيتُهُ فَعَلَىَّ إِجرامى وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تُجرِمونَ (آيت : 35) |
(اي رسول) ڇا (مڪي جا ڪافر به) چون ٿا ته قرآن کي هن (تو) ٺاهيو آهي (کين) چئو ته جيڪڏهن مون ان کي ٺاهيو آهي ته منهنجو ڏوھ مون تي آهي ۽ جيڪي اوهين (ڏوھ ڪري) ڏوهاري ٿي رهيا آهيو تنهن جي ذمه کان آءُ آزاد آهيان. |
وَأوحِىَ إِلىٰ نوحٍ أَنَّهُ لَن يُؤمِنَ مِن قَومِكَ إِلّا مَن قَد ءامَنَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) |
۽ نوح ڏي وحي موڪليو ويو هو ته جنهن ايمان آندو (تنهن آندو) انهن کان سواءِ تنهنجي قوم مان هز گز ايمان نه آڻيندو ته پوءِ اهي جيڪي چالاڪيون پيا ڪن تنهن تي (ڪو به) غم نه ڪر. |
وَاصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 37) |
(۽ بسم الله ڪري) اسان جي روبرو ۽ اسان جي روبرو اسان حڪم سان ٻيڙي بنائي ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي تن جي باري ۾ مون کي سفارش نه ڪر! (ڇو ته) انهن کي ضرور ٻوڙيو ويندو. |
وَيَصنَعُ الفُلكَ وَكُلَّما مَرَّ عَلَيهِ مَلَأٌ مِن قَومِهِ سَخِروا مِنهُ قالَ إِن تَسخَروا مِنّا فَإِنّا نَسخَرُ مِنكُم كَما تَسخَرونَ (آيت : 38) |
۽ نوح ٻيڙي بنائڻ لڳو ۽ جڏهن به سندس قوم جا ڪي سردار وٽائنس لنگهيا ٿي ته مٿس چٿرون ٿي ڪيائون. نوح (جواب ۾) چين ٿي ته جيڪڏهن هاڻي اوهين اسان تي مسخريون ڪريو ٿا ته جيئن توهين (اسان تي) کلو ٿا تئين اسين (اوهان تي ڪنهن وقت) کلنداسون. |
فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 39) |
۽ اوهان کي جلد خبر پوندي ته ڪنهن تي ٿو عذاب نازل ٿئي. جيڪو (دنيا ۾) کين خوار ڪري ۽ ڪنهن تي (قيامت ۾) دائمي عذاب ٿو نازل ٿئي؟. |
حَتّىٰ إِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ قُلنَا احمِل فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ وَمَن ءامَنَ وَما ءامَنَ مَعَهُ إِلّا قَليلٌ (آيت : 40) |
نيٺ جڏهن اسان جو حڪم (عذاب) پهتو ۽ تنور اڀاميو ته اسان حڪم ڪيو ته (اي نوح!) هر قسم جي جانورن مان (نر مادي جو) جوڙو (يعني) ٻه کڻ ۽ جنهن جي (هلاڪت) جو حڪم شروع ۾ ٿي چڪو آهي انهن کان سواءِ تنهنجا سڀ ٻار ٻچا ۽ جن ايمان آندو آهي انهن سڀني کي ٻيڙي ۾ وهار. ۽ ان سان ايمان به ٿورن ماڻهن ئي آندو. |
وَقالَ اركَبوا فيها بِسمِ اللَّهِ مَجر۪ىٰها وَمُرسىٰها إِنَّ رَبّى لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 41) |
۽ نوح (پنهنجي ساٿين کي) چيو ته ان ۾ سوار ٿيو. ان جو هلڻ ان جو بيهڻ الله جي نالي سان آهي. بيشڪ منهنجو پروردگار وڏو بخشڻهار مهربان آهي. |
وَهِىَ تَجرى بِهِم فى مَوجٍ كَالجِبالِ وَنادىٰ نوحٌ ابنَهُ وَكانَ فى مَعزِلٍ يٰبُنَىَّ اركَب مَعَنا وَلا تَكُن مَعَ الكٰفِرينَ (آيت : 42) |
۽ اها جبلن جهڙين لهرين ۾ انهي کي کڻي هلي ۽ نوح پنهنجي پٽ کي سڏيو ۽ اهو هن کان جدا هڪ ڪناري ۾ هو فرمايو ته اي منهنجا پٽڙا (هيڏانهن اچ!) اسان سان سواري ٿيءُ ۽ ڪافرن سان گڏ نه ٿي. |
قالَ سَـٔاوى إِلىٰ جَبَلٍ يَعصِمُنى مِنَ الماءِ قالَ لا عاصِمَ اليَومَ مِن أَمرِ اللَّهِ إِلّا مَن رَحِمَ وَحالَ بَينَهُمَا المَوجُ فَكانَ مِنَ المُغرَقينَ (آيت : 43) |
هن چيو (مون کي معاف ڪر!) آءُ ته هاڻي ڪنهن جبل جو سهارو وٺان ٿو جيڪو مون کي پاڻي (۾ ٻڏڻ) کان بچائيندو. نوح کيس چيو (اڙي بدبخت) اڄ خدا جي عذاب کان ڪوئي بچائڻ وارو نه آهي پر جنهن تي خدا رحم فرمائي ۽ (اها ڳالھ ٿي رهي هئي ته) ايتري ۾ ٻنهي پيءُ پٽ وچ ۾ لهر اچي ويئي پوءِ ٻڏندڙن مان ٿيو. |
وَقيلَ يٰأَرضُ ابلَعى ماءَكِ وَيٰسَماءُ أَقلِعى وَغيضَ الماءُ وَقُضِىَ الأَمرُ وَاستَوَت عَلَى الجودِىِّ وَقيلَ بُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
۽ جڏهن (خدا جي طرفان) حڪم ڏنو ويو ته اي زمين پنهنجي پاڻي کي ڳهي ڇڏ ۽ اي آسمان (وسڻ کان) رڪجي وڃ ۽ پاڻي سڪي ويو ۽ (ماڻهن جو) ڪم پورو ڪيو ويو ۽ ٻيڙي جودي جبل تي وڃي بيٺي ۽ هر (چئني) طرف پڪاريو ويو ته ظالم ماڻهو (خدا جي رحمت) کان پري آهن. |
وَنادىٰ نوحٌ رَبَّهُ فَقالَ رَبِّ إِنَّ ابنى مِن أَهلى وَإِنَّ وَعدَكَ الحَقُّ وَأَنتَ أَحكَمُ الحٰكِمينَ (آيت : 45) |
( ۽ جڏهن نوح جو پٽ ٻڏڻ تي هو ته) نوح پنهنجي پروردگار کي سڏيو ۽ عرض ڪيو ته اي منهنجا پروردگار! منهنجو پٽ ته منهنجي گهروارن مان آهي (تو وعدو ڪيو هو ته تنهنجي گهروارن کي بچائيندس) ۽ بيشڪ تنهنجو وعدو سچو آهي ۽ تون سڀني حاڪمن کان وڏو حاڪم آهين. (تون منهنجي پٽ کي بچائي) |
قالَ يٰنوحُ إِنَّهُ لَيسَ مِن أَهلِكَ إِنَّهُ عَمَلٌ غَيرُ صٰلِحٍ فَلا تَسـَٔلنِ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنّى أَعِظُكَ أَن تَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 46) |
(خدا فرمايو) ته اي نوح (تون ڇا ٿو چوين) پڪ اهو تنهنجي گهروارن مان نه آهي، بيشڪ ان جا ڪم خراب آهن ته (ڏس) جنهن جو تو کي علم نه آهي تنهن جي باري ۾ مون کي درخواست نه ڪندو ڪر، نادانن جهڙيون ڳالهيون نه ڪر. |
قالَ رَبِّ إِنّى أَعوذُ بِكَ أَن أَسـَٔلَكَ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَإِلّا تَغفِر لى وَتَرحَمنى أَكُن مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 47) |
نوح عرض ڪيو ته پروردگار آءُ تو کان پناھ ٿو گهران جنهن جو مون کي علم نه آهي تنهن لاءِ درخواست ڪريان جيڪڏهن تون (منهنجا قصور) معاف نه ڪندين ۽ مون تي رحم نه ڪندين ته آءُ نقصان پائڻ وارن مان ٿيندس. |
قيلَ يٰنوحُ اهبِط بِسَلٰمٍ مِنّا وَبَرَكٰتٍ عَلَيكَ وَعَلىٰ أُمَمٍ مِمَّن مَعَكَ وَأُمَمٌ سَنُمَتِّعُهُم ثُمَّ يَمَسُّهُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 48) |
(۽ جڏهن طوفان ويو ته) حڪم ڏنوسين اي نوح! اسان جي طرفان سلامتيءَ سان ۽ برڪتن سان ٻيڙي مان لھ! جي (برڪتون) تو تي آهن ۽ انهن مان ڪجھ ماڻهن تي ۽ (تو کان پوءِ) ڪجھ ماڻهو اهڙا به آهن جن کي اسين ٿورن ڏينهن کان پوءِ آسودو ڪنداسين. پوءِ (وري) اسان جي طرفان سندن نافرماني سبب مٿن دردناڪ عذاب پهچندو. |
تِلكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيها إِلَيكَ ما كُنتَ تَعلَمُها أَنتَ وَلا قَومُكَ مِن قَبلِ هٰذا فَاصبِر إِنَّ العٰقِبَةَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 49) |
(اي رسول!) هي غيب جون ڪي خبرون آهن جن کي اسين تو ڏي وحيءَ جي ذريعي پهچايون ٿا (جن کي) هن کان اڳ نه تون ڄاڻندو هئين ۽ نه وري تنهنجي قوم ئي (ڄاڻندي هئي) تون صبر ڪر، هن ۾ شڪ نه آهي ته آخرت (جون خوبيون) پرهيزگارن لاءِ ئي آهن. |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِن أَنتُم إِلّا مُفتَرونَ (آيت : 50) |
۽ (اسان) عاد قوم ڏي سندن ڀاءُ هود کي (پيغمبر بنائي موڪليو ۽ هن کين) چيو اي منهنجي قوم! فقط خدا جي عبادت ڪريو ان کان سواءِ اوهان جو ڪوئي معبود نه آهي. اوهين رڳو ڪوڙ گهڙيندڙ آهيو. |
يٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى الَّذى فَطَرَنى أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 51) |
اي منهنجي قوم! آءُ اوهان کان ان (پيغام پهچائڻ) جي ڪا مزدوري نه ٿو گهران. منهنجي مزدوري فقط ان تي آهي جنهن مون کي پيدا ڪيو. ڇا پوءِ توهين (ايترو به) نه ٿا سمجهو؟ |
وَيٰقَومِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا وَيَزِدكُم قُوَّةً إِلىٰ قُوَّتِكُم وَلا تَتَوَلَّوا مُجرِمينَ (آيت : 52) |
اي منهنجي قوم! پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهرو، وري ان جي بارگاھ ۾ (پنهنجن گناهن بابت) توبه ڪريو ته هو اوهان تي گهڻو مينهن وسائي، ۽ اوهان جي طاقت ۾ وڌيڪ قوت عطا ڪندو ۽ اوهين گنهگار ٿي منهن نه موڙيو. |
قالوا يٰهودُ ما جِئتَنا بِبَيِّنَةٍ وَما نَحنُ بِتارِكى ءالِهَتِنا عَن قَولِكَ وَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 53) |
انهن چيو ته اي هود! تو اسان وٽ ظاهر ثابتي نه آندي آهي ۽ اسين تنهنجي چوڻ تي پنهنجن ٺاڪرن (معبودن) کي ڇڏڻ وارا نه آهيون ۽ نه اسين تو کي مڃن وارا آهيون. |
إِن نَقولُ إِلَّا اعتَرىٰكَ بَعضُ ءالِهَتِنا بِسوءٍ قالَ إِنّى أُشهِدُ اللَّهَ وَاشهَدوا أَنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 54) |
۽ اسين ائين ئي چئون ٿا ته اسان جي ٺاڪرن مان ڪنهن تو کي ضرر پهچايو (مجنون ڪيو) آهي. (ان ڪري) تون اهڙيون ڳاليهون ٿو ڪرين. هود چين ته بيشڪ آءُ خدا کي شاهد ٿو ڪريان ۽ اوهين به شاهد رهو ته اوهين الله کان سواءِ (جن کي) سندس شريڪ بنايو ٿا انهن کان آءُ بيزار آهيان. |
مِن دونِهِ فَكيدونى جَميعًا ثُمَّ لا تُنظِرونِ (آيت : 55) |
۽ اوهين سڀئي مون سان مڪاري ڪريو ۽ مون کي (ساھ پٽڻ جي) مهلت به نه ڏيو (مون کي پرواھ نه آهي) |
إِنّى تَوَكَّلتُ عَلَى اللَّهِ رَبّى وَرَبِّكُم ما مِن دابَّةٍ إِلّا هُوَ ءاخِذٌ بِناصِيَتِها إِنَّ رَبّى عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 56) |
ڇو ته آءُ فقط خدا تي ڀروسو رکان ٿو جيڪو منهنجو به پالڻهار آهي ۽ اوهان جو به پاليندڙ آهي. ۽ روءِ زمين تي جيترا به هلندڙ آهن تن جي چوٽي سندس هٿ ۾ آهي. هن ۾ شڪ ئي ڪونهي ته منهنجو پروردگار (انصاف جي) سڌي راھ تي آهي. |
فَإِن تَوَلَّوا فَقَد أَبلَغتُكُم ما أُرسِلتُ بِهِ إِلَيكُم وَيَستَخلِفُ رَبّى قَومًا غَيرَكُم وَلا تَضُرّونَهُ شَيـًٔا إِنَّ رَبّى عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 57) |
تڏهين به جيڪڏهن اوهين سندس حڪم کان منهن موڙيو ته جيڪو حڪم ڏئي آءُ اوهان ڏي موڪليو ويو آهيان سو ته مون به پهچايو ۽ منهنجو پروردگار (اوهان جي نافرماني تي اوهان کي هلاڪ ڪري) اوهان کانسواءِ ٻيءَ قوم کي اوهان جو جانشنين ڪندو ۽ اوهين کيس ڪجھ به نقصان پهچائي نه سگهندو. بيشڪ منهنجو پالڻهار سڀ ڪنهن شيءِ جي نگهباني ڪندڙ آهي. |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا هودًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَنَجَّينٰهُم مِن عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 58) |
۽ جڏهن اسان جو (عذاب جو) حڪم پهتو ته هود کي ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو تن کي اسان پنهنجي رحمت سان بچايو ۽ کين سخت عذاب کان بچايوسون. |
وَتِلكَ عادٌ جَحَدوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَعَصَوا رُسُلَهُ وَاتَّبَعوا أَمرَ كُلِّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 59) |
(اي رسول!) ۽ اها عاد (جي قوم) آهي جن پنهنجي پاليندڙ جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ سندس پيغمبر جي نافرماني ڪئي پڻ هر سرڪش (خدا جي) دشمن جي حڪم تي هلندا رهيا. |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ أَلا إِنَّ عادًا كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِعادٍ قَومِ هودٍ (آيت : 60) |
۽ هن دنيا ۾ به سندن پويان لعنت ٿاڦي ويئي ۽ آخرت جي ڏينهن به (لڳي رهندن) ڏسو! عاد قوم پنهنجي پروردگار جو انڪار ڪيو. ڏسو! هود جي قوم عاد (اسان جي بارگاھ مان) تڙيل پيئي آهي. |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ هُوَ أَنشَأَكُم مِنَ الأَرضِ وَاستَعمَرَكُم فيها فَاستَغفِروهُ ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى قَريبٌ مُجيبٌ (آيت : 61) |
۽ (اسان) ثمود قوم ڏي سندن ڀاءُ صالح کي (پيغمبر بنائي) موڪليو ته ان (پنهنجي قوم کي) چيو، اي منهنجي قوم! خدا جي عبادت ڪريو، ان کان سواءِ ڪو به اوهان جو معبود نه آهي، ان اوهان کي زمين (جي مٽيءَ) مان پيدا ڪيو ۽ ان ۾ اوهان کي رهايائين سو ان کان معافي گهرو، وري ان جي بارگاھ ۾ توبه ڪريو. بيشڪ منهنجو پروردگار (هر شخص جي) ويجهو (پڻ سڀ جي) ٻڌي ۽ دعا قبول ڪندو آهي. |
قالوا يٰصٰلِحُ قَد كُنتَ فينا مَرجُوًّا قَبلَ هٰذا أَتَنهىٰنا أَن نَعبُدَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا وَإِنَّنا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 62) |
اهي چوڻ لڳا، اي صالح! هن کان اڳ ته قوم ۾ اسان کي اميدون هيون. ڇا تون اسان کي انهن جي عبادت کان روڪين ٿو جن جي اسان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا آيا آهن ۽ جنهن دين ڏي تون اسان کي سڏين ٿو تنهن ۾ اسان کي وڏو شڪ آهي. |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى مِنهُ رَحمَةً فَمَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن عَصَيتُهُ فَما تَزيدونَنى غَيرَ تَخسيرٍ (آيت : 63) |
صالح چين ته اي منهنجي قوم! مون کي هي ٻڌايو ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي پالڻهار جي طرفان ثابتيءَ تي هجان ۽ مون کي پاڻ وٽان رحمت (نبوت) عطا ڪئي هجيس ته پوءِ ڪير مون کي خدا (جي عذاب) کان ڇڏائيندو جيڪڏهن آءُ سندس نافرماني ڪندس، پوءِ اوهين نقصان پهچائڻ کان سواءِ مون لاءِ ٻيو ڪو به زياده ڪم نه ٿا ڪريو. |
وَيٰقَومِ هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ قَريبٌ (آيت : 64) |
۽ اي منهنجي قوم! هي خدا جي (موڪليل) ڏاچي آهي جا اوهان لاءِ (منهنجي نبوت جو) هڪ معجزو آهي ته ان کي (سندس حال تي) ڇڏي ڏيو ته خدا جي زمين مان (جتان چاهي) کائي ۽ کيس ڪا به تڪليف نه پهچايو (نه ته) اوهان کي جلد (خدا جو) عذاب اچي وٺندو. |
فَعَقَروها فَقالَ تَمَتَّعوا فى دارِكُم ثَلٰثَةَ أَيّامٍ ذٰلِكَ وَعدٌ غَيرُ مَكذوبٍ (آيت : 65) |
تڏهين به هنن ماڻهن ان جا پير وڍي کيس (ماري) ڇڏيو، تڏهن صالح چين ته اوهين پنهنجن گهرن ۾ ٽي ڏينهن مزا ڪري وٺو! اهو خدا جو وعدو آهي. جيڪو ڪڏهن ڪوڙو نه ٿو ٿئي. |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا صٰلِحًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَمِن خِزىِ يَومِئِذٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ القَوِىُّ العَزيزُ (آيت : 66) |
پوءِ جڏهن اسان جو (عذاب جو) حڪم پهتو ته صالح کي ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو تنهن کي اسان پنهنجي مهربانيءَ سان بچايوسون بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي طاقت وارو (۽) زبردست آهي. |
وَأَخَذَ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 67) |
۽ انهن ظالمن کي سخت (هيبتناڪ) آواز اچي ورتو جو اهي صبح جو پنهنجن گهرن ۾ اونڌا پيل رهجي ويا. |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا إِنَّ ثَمودَا۟ كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِثَمودَ (آيت : 68) |
۽ اهڙا ميٽجي ويا جو ڄڻ ته انهن ۾ هئا ئي ڪين ته ڏسو! قوم ثمود پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪئي (کيس سزا ڏئي ويئي) خبردار ٿيو! ته ثمود جي قوم (خدا جي بارگاھ مان) ڌڪاريل آهي. |
وَلَقَد جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ فَما لَبِثَ أَن جاءَ بِعِجلٍ حَنيذٍ (آيت : 69) |
۽ بيشڪ اسان جا موڪليل (فرشتا) ابراهيم وٽ خوشخبري کڻي آيا ۽ هنن سلام ڪيو. ۽ ابراهيم بنا دير جي گابي جو ڀڳل گوشت آندو (۽ گڏجي کائڻ ويٺو. |
فَلَمّا رَءا أَيدِيَهُم لا تَصِلُ إِلَيهِ نَكِرَهُم وَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومِ لوطٍ (آيت : 70) |
پوءِ جڏهن ڏٺائين ته سندن هٿ ان (گوشت) ڏي نٿا وڌن ته کين ڌاريون سمجهيائين ۽ انهن کان ڊپ ٿيس انهن چيو ته ڊڄ نه! اسين ته لوط جي قوم ڏي (سندن سزا لاءِ) موڪليا ويا آهيون. |
وَامرَأَتُهُ قائِمَةٌ فَضَحِكَت فَبَشَّرنٰها بِإِسحٰقَ وَمِن وَراءِ إِسحٰقَ يَعقوبَ (آيت : 71) |
۽ ابراهيم جي زال (ساره) بيٺي هئي اها (هي خبر ٻڌي) کلي ته اسان (انهن فرشتن جي ذريعي) اسحاق (جي پيدا ٿيڻ) جي خوشخبري ڏني ۽ ان اسحاق کان پوءِ يعقوب جي. |
قالَت يٰوَيلَتىٰ ءَأَلِدُ وَأَنا۠ عَجوزٌ وَهٰذا بَعلى شَيخًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 72) |
ان چيو ته اڙي هاءِ ڇا آءُ (ٻار) ڄڻينديس، آءُ ٻڍي آهيان ۽ هي منهنجو مڙس (به) ٻڍو آهي. هيءَ ته هڪ عجيب ڳالھ آهي. |
قالوا أَتَعجَبينَ مِن أَمرِ اللَّهِ رَحمَتُ اللَّهِ وَبَرَكٰتُهُ عَلَيكُم أَهلَ البَيتِ إِنَّهُ حَميدٌ مَجيدٌ (آيت : 73) |
انهن فرشتن چيو ته ڇا تون الله جي حڪم (قدرت) تي عجب ٿي ڪرين. اي اهل بيت (نبوت) اوهان تي خدا جي رحمت ۽ سندس برڪتون آهن. بيشڪ اهو ساراهيل وڏي شان وارو آهي. |
فَلَمّا ذَهَبَ عَن إِبرٰهيمَ الرَّوعُ وَجاءَتهُ البُشرىٰ يُجٰدِلُنا فى قَومِ لوطٍ (آيت : 74) |
پوءِ جڏهن ابراهيم (جي دل) مان ڊپ ويو ۽ کيس (اولاد جي) خوشخبري به ملي ته اسان سان لوط جي قوم جي باري ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳو (ناز سان سفارش ڪرڻ لڳو) |
إِنَّ إِبرٰهيمَ لَحَليمٌ أَوّٰهٌ مُنيبٌ (آيت : 75) |
بيشڪ ابراهيم بردبار نرم دل (هر ڳالھ ۾ خدا ڏي) رجوع ڪرڻ وارو هئو. |
يٰإِبرٰهيمُ أَعرِض عَن هٰذا إِنَّهُ قَد جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَإِنَّهُم ءاتيهِم عَذابٌ غَيرُ مَردودٍ (آيت : 76) |
(اسان چيو ته) اي ابراهيم هن ڳالھ ۾ ضد نه ڪر (هن باري ۾) جيڪو حڪم تنهنجي پروردگار جو هئو سو قطعي اچي چڪو ۽ بيشڪ انهن تي اهڙو عذاب اچڻ وارو آهي جيڪو ڪهڙي به طرح ٽري نه ٿو سگهي. |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالَ هٰذا يَومٌ عَصيبٌ (آيت : 77) |
۽ جڏهن اسان جا موڪليل فرشتا (ڇوڪرن جي صورت ۾) لوط وٽ آيا ته هنن جي ڪري ڏک ٿيس ۽ سندن اچڻ ڪري تنگ دل ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته هي (اڄوڪو ڏينهن) وڏي مصيبت جو ڏينهن آهي. |
وَجاءَهُ قَومُهُ يُهرَعونَ إِلَيهِ وَمِن قَبلُ كانوا يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ قالَ يٰقَومِ هٰؤُلاءِ بَناتى هُنَّ أَطهَرُ لَكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ فى ضَيفى أَلَيسَ مِنكُم رَجُلٌ رَشيدٌ (آيت : 78) |
۽ سندس قوم (ڇوڪرن جو ٻڌي بري ارادي سان) وٽس ڊوڙندي آئي ۽ اهي ماڻهو هن کان اڳ به بڇڙا ڪم ڪندا هئا. لوط (جڏهن هنن کي ايندو ڏٺو ته) چيو اي منهنجي قوم! هي منهنجي قوم جون ڇوڪريون (موجود) آهن تن سان نڪاح ڪريو اهي اوهان لاءِ (جائز ۽) پاڪ صاف آهن، ته خدا کان ڊڄو ۽ مون کي منهنجن مهمانن جي باري ۾ خوار نه ڪريو ڇا اوهان مان ڪو به سمجهدار آدمي نه آهي؟ |
قالوا لَقَد عَلِمتَ ما لَنا فى بَناتِكَ مِن حَقٍّ وَإِنَّكَ لَتَعلَمُ ما نُريدُ (آيت : 79) |
هنن (بدبختن) جواب ڏنو ته، تو کي ته چڱيءَ طرح خبر آهي ته تنهنجي قوم جي ڌيئرن جي اسان کي ڪا ضرورت نه آهي جا ڳالھ اسين چاهيون ٿا سا تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو. |
قالَ لَو أَنَّ لى بِكُم قُوَّةً أَو ءاوى إِلىٰ رُكنٍ شَديدٍ (آيت : 80) |
لوط چيو ته افسوس! جيڪو مون کي اوهان جي مقابلي لاءِ ڪا طاقت هجي يا ڪنهن مضبوط قلعي ۾ پناھ وٺان ها. |
قالوا يٰلوطُ إِنّا رُسُلُ رَبِّكَ لَن يَصِلوا إِلَيكَ فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ إِلَّا امرَأَتَكَ إِنَّهُ مُصيبُها ما أَصابَهُم إِنَّ مَوعِدَهُمُ الصُّبحُ أَلَيسَ الصُّبحُ بِقَريبٍ (آيت : 81) |
انهن (فرشتن) چيو اي لوط (گهٻرائي نه!) اسين تنهنجي پالڻهار جي طرفان آيل آهيون. هي ماڻهو تو وٽ ڪڏهن به نه پهچي سگهندا. پوءِ تون پنهنجي ماڻهن کي رات جو ئي وٺي نڪر! ۽ اوهان مان ڪو به منهن ڦيري هيڏي نه ڏسي سواءِ تنهنجي زال جي، ڇو ته ان تي به اهو ئي عذاب نازل ٿيندو جيڪو انهن ماڻهن تي نازل ٿيندو. ۽ ان (عذاب جو) وعدو بس صبح آهي. ڇا صبح ويجهو نه آهي؟ |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا جَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيها حِجارَةً مِن سِجّيلٍ مَنضودٍ (آيت : 82) |
پوءِ جڏهن اسان جو (عذاب جو) حڪم پهتو ته اسان ان (زمين) جي مٿئين پاسي کي ان جو هيٺيون پاسو ڪيو ۽ ان تي چهنب دار پٿر تهن تي تھ وساياسون. |
مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ وَما هِىَ مِنَ الظّٰلِمينَ بِبَعيدٍ (آيت : 83) |
جن تي تنهنجي پالڻهار جي طرفان نشان ڪيل هئا. ۽ اها زمين انهن ظالمن (مڪي جي ڪافرن) کي پري نه آهي. |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ وَلا تَنقُصُوا المِكيالَ وَالميزانَ إِنّى أَرىٰكُم بِخَيرٍ وَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ مُحيطٍ (آيت : 84) |
۽ اسان مدين وارن ڏي سندن ڀاءُ شعيب کي پيغمبر بنائي موڪليو. ان (پنهنجي قوم کي) چيو اي منهنجي قوم! خدا جي عبادت ڪريو ان کان سواءِ ڪير به معبود نه آهي پڻ ماپ ۽ تور کي گهٽ ڪري نه ڏيو. آءُ اوهان کي آسودگي ۾ ڏسي رهيو آهيان ۽ بيشڪ آءُ اوهان تي ان ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو جيڪو (سڀني کي) وڪوڙي ويندو. |
وَيٰقَومِ أَوفُوا المِكيالَ وَالميزانَ بِالقِسطِ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 85) |
۽ اي منهنجي قوم! ماپ ۽ تور کي انصاف سان پورو ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن شيون گهٽ نه ڏيو. ۽ زمين ۾ فساد ٿي بگيڙو نه وجهو! |
بَقِيَّتُ اللَّهِ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 86) |
جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو ته خدا جي بقيه اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي. ۽ آءُ ته اوهان تي ڪو نگهبان ته نه آهيان. |
قالوا يٰشُعَيبُ أَصَلوٰتُكَ تَأمُرُكَ أَن نَترُكَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا أَو أَن نَفعَلَ فى أَموٰلِنا ما نَشٰؤُا۟ إِنَّكَ لَأَنتَ الحَليمُ الرَّشيدُ (آيت : 87) |
(اهي) چوڻ لڳا اي شعيب ڇا تنهنجي نماز (جا تون پڙهين ٿو سا) تو کي هي سيکاري ٿي ته جن (بتن) جي پوڄا پاٽ اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا انهن کي اسين ڇڏي ڏيون يا جو ڪجھ (واڌارو) پنهنجن مالن ۾ ڪرڻ گهرون ٿا سو ڇڏي ڏيون؟ بس تون ئي هڪ بردبار ۽ سمجھ وار (وڃي رهيو) آهين! |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَرَزَقَنى مِنهُ رِزقًا حَسَنًا وَما أُريدُ أَن أُخالِفَكُم إِلىٰ ما أَنهىٰكُم عَنهُ إِن أُريدُ إِلَّا الإِصلٰحَ مَا استَطَعتُ وَما تَوفيقى إِلّا بِاللَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ (آيت : 88) |
شعيب چيو اي منهنجي قوم! ڇا اوهين سمجهو ٿا ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي پروردگار جي طرفان روشن دليل تي آهيان ۽ هن مون کي (حلال) روزي کائڻ لاءِ ڏني آهي (ته) آءُ به اوهان وانگر حرام کائڻ لڳان) ۽ آءُ ته نه ٿو گهران ته جنهن ڪم ڪرڻ کان اوهان کي منع ڪريان اوهان جي ابتڙ (وري) خود ان کي ڪريان. آءُ ته جيستائين مون کان ٿي سگهي سڌاري کان سواءِ (ڪجھ ٻيو) چاهيان ئي نه ٿو. ۽ منهنجي تائيد ته خدا کانسواءِ ٻئي ڪنهن کان ٿي به نٿي سگهي. ان تي ئي مون ڀروسو ڪيو آهي ۽ ان ڏي ئي رجوع ڪريان ٿو. |
وَيٰقَومِ لا يَجرِمَنَّكُم شِقاقى أَن يُصيبَكُم مِثلُ ما أَصابَ قَومَ نوحٍ أَو قَومَ هودٍ أَو قَومَ صٰلِحٍ وَما قَومُ لوطٍ مِنكُم بِبَعيدٍ (آيت : 89) |
۽ اي منهنجي قوم! (متان) اوهان جي مون سان دشمني اوهان کان (ائين) ڪرائي جو اوهان کي اهڙو (عذاب) پهچي جهڙو نوح جي قوم يا هود جي قوم يا صالح جي قوم کي پهتو. ۽ لوط جي قوم (جو زمانو) ته (ڪو اهڙو) اوهان کان پري نه آهي. (ان مان سبق سکو) |
وَاستَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى رَحيمٌ وَدودٌ (آيت : 90) |
۽ پنهنجي پروردگار کان معافي گهرو وري سندس بارگاھ ۾ توبه ڪريو، بيشڪ منهنجو پالڻهار وڏو مهربان گهڻي محبت ڪندڙ آهي. |
قالوا يٰشُعَيبُ ما نَفقَهُ كَثيرًا مِمّا تَقولُ وَإِنّا لَنَرىٰكَ فينا ضَعيفًا وَلَولا رَهطُكَ لَرَجَمنٰكَ وَما أَنتَ عَلَينا بِعَزيزٍ (آيت : 91) |
اهي چوڻ لڳا اي شعيب! جيڪي ڳالهيون تون ڪرين ٿو انهن مان گهڻيون ته اسان جي سمجھ ۾ ئي نه ٿيون اچن ۽ پڪ اسان تو کي پنهنجن ماڻهن ۾ گهڻو ڪمزور ٿا سمجهون پر جيڪڏهن تنهنجو قبيلو نه هجي ها ته تو کي (ڪڏهين جو) سنگسار ڪري ڇڏيون ها، ۽ تون ته اسان تي ڪنهن طرح به غالب اچي نٿو سگهين. |
قالَ يٰقَومِ أَرَهطى أَعَزُّ عَلَيكُم مِنَ اللَّهِ وَاتَّخَذتُموهُ وَراءَكُم ظِهرِيًّا إِنَّ رَبّى بِما تَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 92) |
شعيب چيو اي منهنجي قوم! ڇا منهنجو ڪٽنب قبيلو اوهان وٽ الله کان وڌيڪ عزت وارو آهي ۽ اوهان ان (الله) کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. بيشڪ منهنجو پالڻهار جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي گهيرو ڪندڙ آهي. |
وَيٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ سَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَمَن هُوَ كٰذِبٌ وَارتَقِبوا إِنّى مَعَكُم رَقيبٌ (آيت : 93) |
۽ اي منهنجي قوم! اوهين پنهنجي جاءِ تي (جو چاهيو) ڪم ڪريو آءُ به ڪم ڪريان ٿو. نيٺ ڄاڻندو ته ڪنهن تي عذاب اچي ٿو جو ان کي خوار ڪندو ۽ ڪير ڪوڙو آهي ۽ اوهين به انتظار ڪريو آءُ به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيان. |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا شُعَيبًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَأَخَذَتِ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 94) |
۽ جڏهن اسان جو (عذاب جو) حڪم آيو ته اسان شعيب ۽ انهن کي جن ان سان گڏ ايمان آندو هو رحم سان بچايو ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو تن کي سخت آواز اچي ورتو پوءِ اهي صبح جو پنهنجن گهرن ۾ اونڌا ڪريا پيا هئا. |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا بُعدًا لِمَديَنَ كَما بَعِدَت ثَمودُ (آيت : 95) |
(اهي اهڙا نابود ٿيا) ڄڻ ته انهن گهرن ۾ رهيا ئي نه هئا. خبردار ٿيو! جيئن ثمود جي قوم (خدا جي بارگاھ) مان ڌڪاريل آهي تئين مدين وارو به ڌڪاريل آهن. |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 96) |
۽ بيشڪ اسان موسى کي پنهنجين نشانين ۽ ظاهر دليلن سان موڪليو. |
إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاتَّبَعوا أَمرَ فِرعَونَ وَما أَمرُ فِرعَونَ بِرَشيدٍ (آيت : 97) |
فرعون ۽ سندس سردارن ڏي، ته ماڻهن فرعون جو ئي حڪم مڃيو (پر موسى جي هڪ به نه ٻڌائون) هوڏانهن فرعون جو حڪم ڪو، سوچيل سمجهيل نه هو. |
يَقدُمُ قَومَهُ يَومَ القِيٰمَةِ فَأَورَدَهُمُ النّارَ وَبِئسَ الوِردُ المَورودُ (آيت : 98) |
قيامت جي ڏينهن پنهنجي قوم جي اڳيان ٿيندو. پوءِ کين باھ تي آڻيندو ۽ بڇڙو آهي اهو گهيڙ جنهن تي اهي پهتا. |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ بِئسَ الرِّفدُ المَرفودُ (آيت : 99) |
۽ (هن دنيا ۾ به) سندن پويان لعنت لڳائي ويئي ۽ قيامت جي ڏينهن به (پويان هوندن) ڪهڙو نه بڇڙو انعام آهي جيڪو کين مليو. |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ القُرىٰ نَقُصُّهُ عَلَيكَ مِنها قائِمٌ وَحَصيدٌ (آيت : 100) |
(اي رسول) اهي (انهن) ڪن اڳين جون خبرون آهن جن جو حال تو کي ٻڌايون ٿا ڪي (اڃا تائين) انهن مان قائم آهن ۽ ڪن جي پاڙ پٽجي وئي. |
وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن ظَلَموا أَنفُسَهُم فَما أَغنَت عَنهُم ءالِهَتُهُمُ الَّتى يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ مِن شَيءٍ لَمّا جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَما زادوهُم غَيرَ تَتبيبٍ (آيت : 101) |
۽ اسان مٿن ظلم نه ڪيو پر انهن پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو پوءِ جيڪڏهن تنهنجي پروردگار جو (عذاب جو) حڪم اچي پهتو ته نه کين سندن ٺاڪر ئي ڪم آيا جن کي خدا کي ڇڏي سڏيندا هئا ۽ نه (وري) انهن کين هلاڪ ٿيڻ کان سواءِ ڪجھ فائدو ئي پهچايو (بلڪه انهن جي پوڄا سبب مٿن عذاب آيو) |
وَكَذٰلِكَ أَخذُ رَبِّكَ إِذا أَخَذَ القُرىٰ وَهِىَ ظٰلِمَةٌ إِنَّ أَخذَهُ أَليمٌ شَديدٌ (آيت : 102) |
۽ (اي رسول) اڳوڻن ماڻهن جي سرڪشيءَ سبب جڏهن تنهنجو پروردگار عذاب ۾ پڪڙي ٿو ته ان جي پڪڙ اهڙي ئي هوندي آهي. بيشڪ سندس پڪڙ ته تمام دردناڪ (۽) سخت هوندي آهي. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِمَن خافَ عَذابَ الءاخِرَةِ ذٰلِكَ يَومٌ مَجموعٌ لَهُ النّاسُ وَذٰلِكَ يَومٌ مَشهودٌ (آيت : 103) |
ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي جو هن ۾ ان شخص لاءِ جيڪو آخرت جي عذاب کان ڊڄي ٿو. (اسان جي قدرت جي) نشاني آهي. هي اهو ڏينهن هوندو جو سموري (جهان جا) ماڻهو ڪٺا ڪيا ويندا. ۽ اهو ئي اهو ڏينهن هوندو جو (اسان جي بارگاھ ۾) سڀ حاضر ڪيا ويندا. |
وَما نُؤَخِّرُهُ إِلّا لِأَجَلٍ مَعدودٍ (آيت : 104) |
۽ اسين ان کي هڪ مقرر مدت لاءِ ئي ان ۾ دير ڪري رهيا آهيون. |
يَومَ يَأتِ لا تَكَلَّمُ نَفسٌ إِلّا بِإِذنِهِ فَمِنهُم شَقِىٌّ وَسَعيدٌ (آيت : 105) |
جڏهن اهو ڏينهن ايندو ته خدا جي حڪم کان سواءِ ڪو به ماڻهو ڳالهائي به نه سگهندو پوءِ ڪجھ ماڻهو انهن مان بدبخت هوندا ۽ ڪجھ نيڪ بخت. |
فَأَمَّا الَّذينَ شَقوا فَفِى النّارِ لَهُم فيها زَفيرٌ وَشَهيقٌ (آيت : 106) |
ته جيڪي ماڻهو بدبخت آهن. اهي دوزخ ۾ هوندا ۽ انهيءَ ۾ سندن هاءِ گهوڙا ۽ دانهون هونديون. |
خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ إِنَّ رَبَّكَ فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 107) |
اهي ماڻهو جيستائين آسمان ۽ زمين آهن هميشه ان ۾ رهندا. پر جڏهن تنهنجو پروردگار (نجات ڏيڻ) گهري، بيشڪ تنهنجو پورودگار جيڪي گهري ٿو. سو ئي ڪري ڇڏي ٿو. |
وَأَمَّا الَّذينَ سُعِدوا فَفِى الجَنَّةِ خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ عَطاءً غَيرَ مَجذوذٍ (آيت : 108) |
۽ جي ماڻهو نيڪ بخت آهن اهي ته بهشت ۾ هوندا (۽) جيستائين آسمان ۽ زمين (باقي) آهن اهي هميشه ان ۾ رهندا. پر جڏهن تنهنجو پروردگار گهري هيءَ اها عنايت آهي جا ڪڏهين به قطع نه ٿيندي. |
فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِمّا يَعبُدُ هٰؤُلاءِ ما يَعبُدونَ إِلّا كَما يَعبُدُ ءاباؤُهُم مِن قَبلُ وَإِنّا لَمُوَفّوهُم نَصيبَهُم غَيرَ مَنقوصٍ (آيت : 109) |
ته اهي ماڻهو (خدا کانسواءِ) جنهن جي عبادت ڪن ٿا تنهن کان تون شڪ ۾ نه ٿيءُ. جيئن سندن ابا ڏاڏا هن کان اڳ پوڄا ڪن ٿا. ۽ اسين ضرور (قيامت جي ڏينهن) انهن کي (عذاب جو) پورو پورو حصو جنهن مان ڪو به گهٽ ڪيل نه هوندو ڏينداسون. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَاختُلِفَ فيهِ وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّهُم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 110) |
۽ اسان موسى کي (توريت) ڪتاب عطا ڪيو ته ان ۾ (به) اختلاف ڪيو ويو. پر جيڪڏهن تنهنجي پروردگار جي طرفان (عذاب ۾ دير ڪرڻ جو) قطعي حڪم شروع کان نه ٿيل هجي ها ته انهن ۾ پڪ (ڪڏهين جو) فيصلو ٿي به وڃي ها. ۽ هي ماڻهو (مڪي جا ڪافر) به هن (قرآن) جي باري ۾ تمام اونهي شڪ ۾ پيل آهن. |
وَإِنَّ كُلًّا لَمّا لَيُوَفِّيَنَّهُم رَبُّكَ أَعمٰلَهُم إِنَّهُ بِما يَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 111) |
بيشڪ تنهنجو پروردگار سندن ڪرتوتن جو بدلو ڀرپور ڏيندو (ڇو ته) جيڪي سندن ڪم آهن انهن کان اهو چڱيءَ طرح واقف آهي. |
فَاستَقِم كَما أُمِرتَ وَمَن تابَ مَعَكَ وَلا تَطغَوا إِنَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 112) |
ته (اي رسول) جيئن تو کي حڪم ڪيو ويو آهي تئين تون ۽ اهي جن تو سان (ڪفر کان توبه) ڪئي آهي بلڪل ثابت قدم رھ ۽ سرڪشيءَ نه ڪريو.بيشڪ اوهين جيڪي ڪريو ٿا تنهن کي اهو ڏسندڙ آهي. |
وَلا تَركَنوا إِلَى الَّذينَ ظَلَموا فَتَمَسَّكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 113) |
۽ (مسلمانو!) جن ماڻهن (اسان جي نافرماني ڪري) پاڻ تي ظلم ڪيو اهي انهن ڏي مائل نه ٿجو نه ته اوهان کي به (دوزخ جي) باھ اچي لڳندي. ۽ خدا کان سواءِ ٻيا ڪي به اوهان جا سرپرست نه آهن ۽ نه وري ڪو مدد ئي ڪندو. |
وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ طَرَفَىِ النَّهارِ وَزُلَفًا مِنَ الَّيلِ إِنَّ الحَسَنٰتِ يُذهِبنَ السَّيِّـٔاتِ ذٰلِكَ ذِكرىٰ لِلذّٰكِرينَ (آيت : 114) |
۽ (اي رسول) ڏينهن جي ٻنهي ڪنارن ۽ رات جي ڪجھ گهڙين ۾ نماز قائم ڪر (ڇو ته) نيڪيون پڪ گناهن کي پري ڪن ٿيون ۽ اسان کي ياد ڪرڻ وارن لاءِ اهي ڳاليهون نصيحت ۽ سبق آموز آهن. |
وَاصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 115) |
۽ (اي رسول!) تون صبر ڪر! ڇو ته خدا نيڪي ڪرڻ وارن جو اجر وڃائي نه ٿو. |
فَلَولا كانَ مِنَ القُرونِ مِن قَبلِكُم أُولوا بَقِيَّةٍ يَنهَونَ عَنِ الفَسادِ فِى الأَرضِ إِلّا قَليلًا مِمَّن أَنجَينا مِنهُم وَاتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا ما أُترِفوا فيهِ وَكانوا مُجرِمينَ (آيت : 116) |
پوءِ جيڪي تو کان اڳ ٿي گذريا آهن انهن مان ڪجھ ماڻهو اهڙا عقل وارا ڇو ڪين ٿيا جيڪي ماڻهن کي روءِ زمين تي فساد پيدا ڪرڻ کان منع ڪن ٿا. (اهڙا ماڻهو هئا) پر ٿورڙا ۽ هي اهي هئا جن کي اسان (عذاب کان) بچائي ورتو، پڻ جن ماڻهن نافرماين ڪئي هئي انهن (لذتن) جي پٺيان پيل هئا جيڪي کين ڏنل هيون ۽ اهي ڏوهاري ته هئا ئي. |
وَما كانَ رَبُّكَ لِيُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها مُصلِحونَ (آيت : 117) |
۽ تنهنجو پالڻهار اهڙو (بي انصاف) نه آهي جو ڳوٺن کي ظلم سان برباد ڪري ۽ اتي جا رهاڪو چڱا ڪم ڪندا هجن. |
وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَجَعَلَ النّاسَ أُمَّةً وٰحِدَةً وَلا يَزالونَ مُختَلِفينَ (آيت : 118) |
۽ جيڪڏهن تنهنجو پالڻهار گهري ها ته بيشڪ سڀ ماڻهو هڪ ئي (قسم جي) امت بنائي ڇڏي ها (پر هنن ائين نه چاهيو تنهن ڪري) ماڻهو هميشه پاڻ ۾ اختلاف ڪندا رهندا. |
إِلّا مَن رَحِمَ رَبُّكَ وَلِذٰلِكَ خَلَقَهُم وَتَمَّت كَلِمَةُ رَبِّكَ لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 119) |
پر جنهن تي تنهنجو پروردگار رحم فرمائي. ۽ ان لاءِ ته هن انهن کي پيدا ڪيو. ۽ (تنهن ڪري ئي) تنهنجي پالڻهار جو حڪم قطعي پورو ٿيو جو اسين پڪ جهنم کي جنن ۽ انسانن سڀني مان ڀرينداسين. |
وَكُلًّا نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ الرُّسُلِ ما نُثَبِّتُ بِهِ فُؤادَكَ وَجاءَكَ فى هٰذِهِ الحَقُّ وَمَوعِظَةٌ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 120) |
۽ (اي رسول) اڳين نبين جي ڳالهين مان اسين انهن سڀني ڳالهين کي تو سان ذڪر ڪريون ٿا جن سان اسين تنهنجيءَ دل کي مضبوط ڪري ڇڏينداسون. ۽ ان ئي ڳالهين ۾ تو وٽ حق (قرآن) ۽ مومنن جي لاءِ نصيحت ۽ ياداشت به آئي. |
وَقُل لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّا عٰمِلونَ (آيت : 121) |
۽ (اي رسول!) جيڪي ايمان نه ٿا آڻين تن کي چئو ته اوهين پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪريو. اسين به (بجاءِ خود) ڪم ڪندڙ آهيون. |
وَانتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 122) |
۽ (نتيجي جو) اوهين به انتظار ڪريو اسين به منتظر آهيون. |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَيهِ يُرجَعُ الأَمرُ كُلُّهُ فَاعبُدهُ وَتَوَكَّل عَلَيهِ وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 123) |
۽ آسمانن ۽ زمين جي لڪل ڳالهين جو علم خاص خدا کي ئي آهي. ۽ ان ڏي ئي هر ڳالھ ڦري گهري موٽي ٿي. اوهين به سندس عبادت ڪريو ۽ انهيءَ تي ڀروسو رکو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا خدا تنهن کان بي خبر نه آهي. |