الر كِتٰبٌ أُحكِمَت ءايٰتُهُ ثُمَّ فُصِّلَت مِن لَدُن حَكيمٍ خَبيرٍ (آيت : 1) |
الٓــرٰ جو، مالِڪ ڄاڻٖي مَام، هِي ڪتاب، جِنهن جا قاعِدا، وِيا مُحڪم ڪيا مُدام، وَرِي کوليا خُوب وِيا، اِنهِيء جا اَحڪام، وَڏي واقف، ويڄ وَٽان، پُهچايو پيغام، |
أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنَّنى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ وَبَشيرٌ (آيت : 2) |
ته سائـِين سوا، ڪِيمِ ڪريو، سيوا ۽ سَلام، آءٌ اوهان لئي عام، اُن جو کِيانتل ۽ خابَرُو. |
وَأَنِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُمَتِّعكُم مَتٰعًا حَسَنًا إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَيُؤتِ كُلَّ ذى فَضلٍ فَضلَهُ وَإِن تَوَلَّوا فَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ كَبيرٍ (آيت : 3) |
۽ مَرهايو پَنهنجي مالِڪ کان، موٽِي موٽو تِنهِين پار، تان ميڙيان ميڙڻ، سُهڻو، تان مَهل مُقرّر وار، ۽ هَر ڀَلي، سَندسِ ڀال ڏئي، توهان مان تڪرار، ۽ جي ڦِرَن، ته فَرماءِ تون، ته آءٌ اوهان هارِ، ڀَو ڀانيان ٿو بِسيار، ڏينهن وڏي جي، ڏُ ک کان. |
إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 4) |
آنکي پرور پار، آخر آهي هَلڻُو، ۽ هَرڪَم کي ڪلتار، پاڻهِي آهي، پُهچڻو. |
أَلا إِنَّهُم يَثنونَ صُدورَهُم لِيَستَخفوا مِنهُ أَلا حينَ يَستَغشونَ ثِيابَهُم يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 5) |
سَمجھ ته سَندِن سِينا، سي جڏهن ٻِيڻا ڪن ٻِيهار، جڏهن اوڇڻ سَندِن، اوڍِين سي ته ڄاڻي ڄاڻَڻهار، جيڪِي لڪائـِن لوڪ کان، ۽ جيڪِي ڪَن اِظهار، سَمجھندڙ ستار، سَڀ ڪُجھ سِينن واريون. |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ إِلّا عَلَى اللَّهِ رِزقُها وَيَعلَمُ مُستَقَرَّها وَمُستَودَعَها كُلٌّ فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 6) |
ڀُون ۾ بِلڪل ناهي ڪو، چُرندڙ ڪو چوڌار، مگر قُوت سَندسِ جو، اُن بارِيء مَٿي بار، جيئَري جاءِ اُن جِي، پڻ قبر ڪارُونڀار، سَڀ ڪُجھ ڌاروڌار، قابو کُليي ڪتاب ۾. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَكانَ عَرشُهُ عَلَى الماءِ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَلَئِن قُلتَ إِنَّكُم مَبعوثونَ مِن بَعدِ المَوتِ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
اُهو جِنهن اُڀ، ڀون جوڙيا، ڇَهَن ڏِينهن اَندر، پاڻيءَ مَٿي تخت تِنهن، بِيٺل هو بَرسِر، تان آزمائي اوهان کي، ته اَوهان مان آخر، موچارو مِهتر، آهي ڪير ڪَمن ۾. ۽ جي چَوندين، ته اَوهين اُٿڻا، موت پُڄاڻامُور، ته ڦِرياجي فَرمان کان، سي ظاهر چَونِ ضَرور، ته ناهي هِي مَذڪور، مگر پَڌرِي مَنڊڪا. |
وَلَئِن أَخَّرنا عَنهُمُ العَذابَ إِلىٰ أُمَّةٍ مَعدودَةٍ لَيَقولُنَّ ما يَحبِسُهُ أَلا يَومَ يَأتيهِم لَيسَ مَصروفًا عَنهُم وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 8) |
۽ اَسين کِين عذاب کان، ڪُجھ مَهل ڏِيون مُهلت، ته اَلائـِينِ اَلبت، ڀَلا اُن کي ، بند ڪِنهن ڪيو؟ سَمجھ، ته سَندنِ سِر، جڏهن اِنيدو ڏينهن اُهو، ناهي اُهو اُنهن تان، پَلجَڻو ڪِنهن پر، ۽ جي کِلون ڪَنداهُئا کَر، تَن مَنجهو مَنجھ مُنجھائـِيا. |
وَلَئِن أَذَقنَا الإِنسٰنَ مِنّا رَحمَةً ثُمَّ نَزَعنٰها مِنهُ إِنَّهُ لَيَـٔوسٌ كَفورٌ (آيت : 9) |
۽ ماڻهونءَ، پنهنجي مِهر جو، جڏهن مَزو چکايوسون مُور، موٽِي کائنسِ کَسيون، مَزو سو مَذڪور، ته وانجهيو رَهي وَهلور، بيشڪ بي شڪران سو. |
وَلَئِن أَذَقنٰهُ نَعماءَ بَعدَ ضَرّاءَ مَسَّتهُ لَيَقولَنَّ ذَهَبَ السَّيِّـٔاتُ عَنّى إِنَّهُ لَفَرِحٌ فَخورٌ (آيت : 10) |
۽ جي سُک ڏيونسِ، ڏُ ک پُٺيان، جو مَٿسِ آيو مُور، ته ٻوليندو ٻيليا!، سَڀ لَٿا مون سُور، واھ واھ!، مَنجھ وَهلور، سوماڻا ڪندڙ مُورهِين. |
إِلَّا الَّذينَ صَبَروا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 11) |
سوا تن، جن صَبر ڪيو، پڻ چَڱِي ڪيائون ڪار، بَخشون بِسيار، پڻ اَجر وڏو اُنهن لئي. |
فَلَعَلَّكَ تارِكٌ بَعضَ ما يوحىٰ إِلَيكَ وَضائِقٌ بِهِ صَدرُكَ أَن يَقولوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ كَنزٌ أَو جاءَ مَعَهُ مَلَكٌ إِنَّما أَنتَ نَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 12) |
پوءِ ڪَر، ڪُجھ کان ان مان، آهين لَهرائيندڙ لال!، جو توڏي،وَحِي ڪيو وَڃي، ۽ ڳالهائڻ ۾ تِنهن ڳالھ، سِينُو سوڙهو تُنهنجو، مَتان چَونِ اِهڙي چال، ته اُتسِ اُتاري ڇونَه ويئـِي، ڪا کاڻ خزاني مال، ياڪو اُنهِيء نال، مَلڪ مُوچارو آئـِيو. تون نه رڳو آهيِين خَبرون ڏِيندڙ خان! ۽ سَنڀالِينڊڙ سُبحان، سدا سَڀ ڪِنهن ٽول کي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِعَشرِ سُوَرٍ مِثلِهِ مُفتَرَيٰتٍ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 13) |
ڇا، مُورک چَونِ مُورهين، هِن ٺاهِي هِيء ڳالھ؟ چئو، پوءِ جُڙتُو ڏَھ سُورتون، ڪي آڻيو اِن مِثال، ۽ سائـِين سوا، تن سَڀن سَڏيو، پُهچيو جن پيمال، سَچامَنجھ سُوال، جي مُورک! آهيو مُورهين. |
فَإِلَّم يَستَجيبوا لَكُم فَاعلَموا أَنَّما أُنزِلَ بِعِلمِ اللَّهِ وَأَن لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 14) |
پوءِ ڏِينِئان، نه جواب ڪو، ته سَمجِھي وَڃو سڄاڻ!، ته عِلم ساڻ اَلله جي، لَٿا اِهي اُهڃاڻ، تِنهن ڌاران، ڌڻي ناهي ڪو، جوڏي، ڏينهن کي ڏاڻ، پوءِ، ڪِ اَوهين پاڻ، آهيو مَڃيندڙ مورهين؟ |
مَن كانَ يُريدُ الحَيوٰةَ الدُّنيا وَزينَتَها نُوَفِّ إِلَيهِم أَعمٰلَهُم فيها وَهُم فيها لا يُبخَسونَ (آيت : 15) |
جو گُھري حَياتِي نَنڍڙِي، ۽ سَندسِ پڻ سِينگار، اُن ۾ عمل اُنهن جا، پاڙي ڏِيونِ پار، ۽ تِنهِين ۾ تڪرار، اوڇو نه ڏِبو اُنهن کي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَيسَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ إِلَّا النّارُ وَحَبِطَ ما صَنَعوا فيها وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 16) |
اُهي، اُنهن لئي آخرت ۾، ڪُجھ ڪونهي، دوزخ ڌار، ۽ ڪانٽي مان ڪيريا وِيا، جيڪا مَنجھسِ، ڪنداهئا ڪار، ۽ باطِل ۽ بيڪار، جي ڪَندا آهن ڪَمڙا. |
أَفَمَن كانَ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبِّهِ وَيَتلوهُ شاهِدٌ مِنهُ وَمِن قَبلِهِ كِتٰبُ موسىٰ إِمامًا وَرَحمَةً أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ مِنَ الأَحزابِ فَالنّارُ مَوعِدُهُ فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِنهُ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 17) |
پوءِ، جو صَحِي ثابـتِيء مَٿي، پاران سَندسِ پَرور، ۽ پڙهيسِ پاران اُن جي، شاهِد مُعتبر، ۽ ڪِتاب مُوسٰى مِير جو، مَهند تِنهان مِهتر، رحمت ۽ رَهبر؛ اُهي مَڃِينسِ مُورهين. ۽ ٻِين قومن مان، جو ڪندو اِنهيء کان اِنڪار، پوءِ دوزخ ديرو اُن جو؛ تون مَنجهسِ، شَڪ نه شُـمار، پَڪ تُنهنجي، پاڪ ڌَڻِيء کان، هِي نُوري حَق نِبار، پَر آڻِينِ، نه اِعتبار، ماڻهو گَھڻا مُورهين. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أُولٰئِكَ يُعرَضونَ عَلىٰ رَبِّهِم وَيَقولُ الأَشهٰدُ هٰؤُلاءِ الَّذينَ كَذَبوا عَلىٰ رَبِّهِم أَلا لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 18) |
۽ اُن کان ڪَسر ڪير ٻيو، آهي آزارِي؟ جِنهن جوڙيو جُڙتو ڳالهيون بَرسِر مَٿي بارِي، سَندنِ سائـِينءَ پيش ڪبا،سي تِنهن ڏِينهن ڏوهارِي، ۽ شاهِد چوندا سامَهان، هي سي پَرَجاپُوڄارِي، جي سَندنِ سائـِينءَ تي هُئا، ڪُوڙ ڪَندڙ قارِي، سَمجھ، ته لَعنت سائـِينءَ جِي، سَتمگَرن تي سارِي، |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 19) |
روڪينِ ربَّ جِي راه کان، ۽ ساگُھرنسِ، وَرَ وارِي، ۽ اُهي اِنڪاري، آهِن آخرت کان. |
أُولٰئِكَ لَم يَكونوا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَما كانَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ يُضٰعَفُ لَهُمُ العَذابُ ما كانوا يَستَطيعونَ السَّمعَ وَما كانوا يُبصِرونَ (آيت : 20) |
اِهي ڏاڍا ناهِن ڏيہ ۾، ۽ نه آهِن ڌَڻِيان ڌار، اُهکي ويل اُنهن لئي، اولياءَ، ڪي آڌار؛ اُنهن لئي، عذاب کي، ٻِيڻو ڪبو ٻِيهار، نه ٻُڌِي سَگھنِِ ٻاڪار، ۽ نه ڏِسِي سگھن ڪُجھ ڏيہ ۾. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 21) |
پاڻهِي وِڌائون پاڻ کي، نِسورو نُقصان، ۽ وِڃائجِي کانئُنِ وِيا، جي ٿاڦِيندا هُئا ٿان، |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 22) |
هرگز سي حيران، جُوکا ٻِئي جَھان ۾. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَأَخبَتوا إِلىٰ رَبِّهِم أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 23) |
مَڃيو جن مُورهين، پڻ چڱا ڪيئون ڪم ڪار، ۽ پَنهنجي پرور پاڪ کي، نَمِيا نيڪوڪار، اُهي جَنّتِي جُونجھار، سدا ساڪن اُن ۾. |
مَثَلُ الفَريقَينِ كَالأَعمىٰ وَالأَصَمِّ وَالبَصيرِ وَالسَّميعِ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 24) |
قِصّو ٻِن قومن جو، آهي اِن آچار، اَنڌو اَ کيُنِ کان هيڪڙو، ۽ گنگو مَنجھ گُفتار، ٻيو سَڄو ۽ ڪَن سَرهُون، ڇاپورا ٻَئـِي پار؟، پوءِ آخر ڪِنهن آڌار، پُرجِھي ڪِين پِرائيو؟ |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 25) |
۽ نُوح سَندسِ نيات ڏي، موڪليوسون مُور، ته اوهان لئي ضرور، آئون کُليَلِ آهيان خابَرُو. |
أَن لا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 26) |
ته ڪريو نه ڪِنهن کي ڪُرنَشُون، هِڪ مالِڪ ڌاران مُور، آئون ساريان آن تي سُور، ڪِنهن ڏاڍي ڏُکـئي ڏِينهن جو. |
فَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما نَرىٰكَ إِلّا بَشَرًا مِثلَنا وَما نَرىٰكَ اتَّبَعَكَ إِلَّا الَّذينَ هُم أَراذِلُنا بادِىَ الرَّأىِ وَما نَرىٰ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ بَل نَظُنُّكُم كٰذِبينَ (آيت : 27) |
ڪَچهرِيءَ سَندسِ قوم مان، جي ڦِريا کَـئـون فَرمان، اُتو، ته اسان ئـِي جِھڙو، آهِيـين تون اِنسان، ۽ لَڙھ نه لَڳاتُنهنجٖي، ڪي خاص اَسان مان، خان، مَگر مِسڪين، مت ۾، مَٿاڇرا مَستان، ۽ پَسون نه، اَسِين پاڻ تي، اصل اوهان جو شان؛ اَوهان ۾ گمان، ڪريو ٿا ڪُوڙن جو. |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى رَحمَةً مِن عِندِهِ فَعُمِّيَت عَلَيكُم أَنُلزِمُكُموها وَأَنتُم لَها كٰرِهونَ (آيت : 28) |
چيائين اِهڙي چال، ته ڪيئن ٿا ڀانيو ڀائرو؟ جي ڌُران هُوندسِ، ڌَڻيمِ کان، سرثابت صحِي ڳالھ، پڻ مون سان پَنهنجي مِهر سان، ڀلي ڪيا ڀال، اکيون اَوهان جون اُن کان، پوريون، پوءِ پئمال!، پوءِ ڇا اوهان تي اَسين، مَڙهيون هِيء مقال، ته هُجو اوهين جِنهن حال، بُرو ڀائيندڙ اُن کي؟ |
وَيٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مالًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَما أَنا۠ بِطارِدِ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَلٰكِنّى أَرىٰكُم قَومًا تَجهَلونَ (آيت : 29) |
آئون، نَه اوهان کان گُھران، مزدورِي، ڪو مال، مُنهنجو بار ناهي، مگر، بارِيءَ تي بحال، ۽ آئون، نَه اصل آهيان، لوڌِيندڙ، سي لال، جن مَڃيو، ته آهن مِلڻا، سندنِ سائِينء نال، پر آئون اوهان کي، ٿو ڏِسان، اهڙو پَنٿ پَئمال، ته سوا سوچڻ ڳالھ، لايوزور جِھْلَ تي. |
وَيٰقَومِ مَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن طَرَدتُهُم أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 30) |
اي قوم! ڏِيندمِ ڪير، آڏو هَٿ اَلله کان، جي تَڙيمِ تَن، ڪِنهن وير، پوءِ ڇو پرايو ڪِين ٿا؟ |
وَلا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ إِنّى مَلَكٌ وَلا أَقولُ لِلَّذينَ تَزدَرى أَعيُنُكُم لَن يُؤتِيَهُمُ اللَّهُ خَيرًا اللَّهُ أَعلَمُ بِما فى أَنفُسِهِم إِنّى إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 31) |
۽ نَه چوان ته مون وٽ مالِڪ جا، ڀانڊارا ڀرپُور، ۽ مون کي ناهي مُورهين، پَرپُٺ جِي پَرُوڙ،۽ نه چَوان ته آئون آهيان، مَلَڪُ نِسورو نُور، ۽ نه چَوان ته چڱائـِي تن کي، مالِڪ نه ڏِيندو مُور، جن کي اوهان جون اکيون، ڌِڪارينِ ٿِيون دُور، اَلله واقِف اُن ڪنان، جي مَن ۾، سَندنِ مَذڪور، ظالِمن مان ضرور، آئون آهيان، جي ائـِين چَوان. |
قالوا يٰنوحُ قَد جٰدَلتَنا فَأَكثَرتَ جِدٰلَنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 32) |
چي، نوح اَسان ساڻ، وِڙهِين پوءِ وَڌايئـِي وِيڙھ کي، ڏيکارِين جِنهن ڏُ ک جِي، ڪامل!، اسان کي ڪاڻ، سو هاڻِ اسان تي آڻ، جي صحي سَچن مان آهيِـين. |
قالَ إِنَّما يَأتيكُم بِهِ اللَّهُ إِن شاءَ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 33) |
چي آڻيندو سو اوهان تي،جي گُھريو سَچي سائـِينءَ، ۽ اُنهيء کان آئين، ڏاڍا ناهيو ڏيہ ۾. |
وَلا يَنفَعُكُم نُصحى إِن أَرَدتُ أَن أَنصَحَ لَكُم إِن كانَ اللَّهُ يُريدُ أَن يُغوِيَكُم هُوَ رَبُّكُم وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 34) |
چي، وَٽَ مُنهنجي واعظ مان، آنکي نه مِلندي مُور، کڻِي اوهان کي ڪيترو، وَعظ ڪريان وَهلور!، جڏهين اِرادو اَلله ڪيو، ته مُنجھائـِينان مَغْرور!، اَهنجو حاڪِم، سو حُضور، ۽ آخر هَلندا اُن ڏي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل إِنِ افتَرَيتُهُ فَعَلَىَّ إِجرامى وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تُجرِمونَ (آيت : 35) |
ڇا، ڇون، ته هِي هُن ٺاهيو؟ چَئو ٺاهينمِ جي اِيءُ ٺاھ، مُون تي مُنهنجو گُناه، ۽ آئون بيزار اَهنجي بار کان. |
وَأوحِىَ إِلىٰ نوحٍ أَنَّهُ لَن يُؤمِنَ مِن قَومِكَ إِلّا مَن قَد ءامَنَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) |
۽ وَحِي ڪيو وِيو نُوح ڏي، ته تُنهنجِي نيات نِيا، جن مَڃيو، تن مَڃيو، نه مَڃِيندا ٻيا، جيڪِي ڪن پِيا، ڳڻتِي نه کاءُ، تِنهن ڳالھ جِي. |
وَاصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 37) |
اَسان جي اکين اڳيان، اَمر اَسان جي ساڻ، جَلدي ٻيڙِي جوڙتون، ڪُڇ مَ تن ڪاڻ، جاڙُون ڪيون، جن پاڻ، اُهي غَرق، گُم گُھمسان ۾. |
وَيَصنَعُ الفُلكَ وَكُلَّما مَرَّ عَلَيهِ مَلَأٌ مِن قَومِهِ سَخِروا مِنهُ قالَ إِن تَسخَروا مِنّا فَإِنّا نَسخَرُ مِنكُم كَما تَسخَرونَ (آيت : 38) |
۽ ڪشتِيءَ جو ڪم ڪار، پيو ڪري ته سَندسِ قوم مان، جَڏهن لَنگھيو مٿانئسِ مارڪو، ته کِلنِ مَٿسِ خُوار، جي کِلو اَوهين اَسان تان، ٻوليائين ٻِيهار، اَسين به آخرڪار، کِلنداسون، جِيئن کِلو اوهين. |
فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 39) |
پوءِ سِگھوئي سَمجھندا، ته ڪير اُهو آهي؟ اَچي عَذاب جِنهن مَٿي، رکيسِ لَڄ لاهي، ڪَڙڪي مَٿسِ ڪاهي، جَنجل جٽادار ڪو. |
حَتّىٰ إِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ قُلنَا احمِل فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ وَمَن ءامَنَ وَما ءامَنَ مَعَهُ إِلّا قَليلٌ (آيت : 40) |
تان جڏهن، اَمر اسان جو آئيو ۽، اُڌمِي چُلھ چوڌار، پوءِ چيوسون ته، اُنهِيءَ ۾، چاڙھ تون، هر جوڙي مان جونجھار!، نر ۽ نار، ٻَه، ٻَه ڄڻا، پڻ تُنهنجا ٻَچا ٻار، مَگر، مَهند ٿيو، جن تي، قول برقرار، ۽ جن مَڃيو، ۽ نه مَڃيو اُن گڏ، ڪن ڳاڻ ڳڻين ڌار، |
وَقالَ اركَبوا فيها بِسمِ اللَّهِ مَجر۪ىٰها وَمُرسىٰها إِنَّ رَبّى لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 41) |
چي، چڙهو اُن ۾ ۽ چَئو، نالي ساڻ سَتّار، مَنجھ ڇولئين ڇُٽڻ اُن جو، پڻ لنگھٖي پَوڻ پار، بيشڪ بَخشڻهار، پڻ سانيمِ، سَٻاجَھو گھڻو. |
وَهِىَ تَجرى بِهِم فى مَوجٍ كَالجِبالِ وَنادىٰ نوحٌ ابنَهُ وَكانَ فى مَعزِلٍ يٰبُنَىَّ اركَب مَعَنا وَلا تَكُن مَعَ الكٰفِرينَ (آيت : 42) |
۽ هِيءَ هَلي پيئـِي اُنهن سان، مَنجھ ڇولِيُنِ جِيئن ڇَپر، نُوح سَندسِ نِينگرٖي، پُڪاريو اِن پَر، حاضرهو ڪُنڊ تي، ته مُنهنجا پٽ، پِسر!، چَڙھ اسان سان اَندر، ۽ بيدِينَنِ ڀيڙو ڪِيمِ ٿِيء |
قالَ سَـٔاوى إِلىٰ جَبَلٍ يَعصِمُنى مِنَ الماءِ قالَ لا عاصِمَ اليَومَ مِن أَمرِ اللَّهِ إِلّا مَن رَحِمَ وَحالَ بَينَهُمَا المَوجُ فَكانَ مِنَ المُغرَقينَ (آيت : 43) |
چي، چَڙهندسِ ڏُونگرچوٽِئـِين بَچائيندمِ، کَـئون بَحر، چي، ناهي اَڄ اَلله کان، پناه ڏِيندڙ پَهر، مَگر جنهن سان مِهر ٿِئي، پوءِ ڦِريَنِ وِچان لَهر، پِئَ ڏِسندي تنهن پَهر، ٿِيو لُڙھ ۾، لهوارن مان. |
وَقيلَ يٰأَرضُ ابلَعى ماءَكِ وَيٰسَماءُ أَقلِعى وَغيضَ الماءُ وَقُضِىَ الأَمرُ وَاستَوَت عَلَى الجودِىِّ وَقيلَ بُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
چي ڌَرتي! ڳيھ پاڻي پَنهنجو، ۽ بادل! بُوند بِيهار، پاڻِي وِيو پاتار ۾، ۽ لَهِي ويِو ڪم ڪار، اَچي جُودِي جَبل تي، ڪِشتئَ ڪيو قرار، تَڙ تَڙ ٿي تَنوار، ته بيدِي بيدادن لئي. |
وَنادىٰ نوحٌ رَبَّهُ فَقالَ رَبِّ إِنَّ ابنى مِن أَهلى وَإِنَّ وَعدَكَ الحَقُّ وَأَنتَ أَحكَمُ الحٰكِمينَ (آيت : 45) |
۽ نُوح سَندسِ سائينءَ کي، پُڪاريو اِن پر، چي، آگا!،سَندمِ آل مان، مُنهنجو پُٽ، پِسر، ۽ واحِد تُنهنجا واعِدا، سَچاسربِسر، تون آهِين زور زَبر، حاڪِم حاڪمن جو. |
قالَ يٰنوحُ إِنَّهُ لَيسَ مِن أَهلِكَ إِنَّهُ عَمَلٌ غَيرُ صٰلِحٍ فَلا تَسـَٔلنِ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنّى أَعِظُكَ أَن تَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 46) |
چي،نُوح! هِي نَه تُنهنجِي آل مان، هِن رَکي نه چَڱي چال، پوءِ جنهنجِي، سُڌنه توکي، سو مون کي، نه ڪر سُوال، آئون توکي ٿو ڪريان، هِيءَ نَصِحيت نِهال!، ته سوا سَمجھڻ ڳالھ، نه ٿِي مُورکن مان، مُورهِين. |
قالَ رَبِّ إِنّى أَعوذُ بِكَ أَن أَسـَٔلَكَ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَإِلّا تَغفِر لى وَتَرحَمنى أَكُن مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 47) |
چي، پِنان پَناھ تُنهنجي، سانيمِ!، ربَّ، سَتّار، هِن کان، ته گُھران، جِنهن جِي، نه مُون کي، سُڌسَنڀار، ۽ جي نه مَرهِيندِين مُون کي، ۽ نه ڪندِين ٻاجھ ٻِيهار، ته بيشڪ برقرار، هُوندسِ اَڻ هُوندن مَنجھان. |
قيلَ يٰنوحُ اهبِط بِسَلٰمٍ مِنّا وَبَرَكٰتٍ عَلَيكَ وَعَلىٰ أُمَمٍ مِمَّن مَعَكَ وَأُمَمٌ سَنُمَتِّعُهُم ثُمَّ يَمَسُّهُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 48) |
چي، نوح نبي! لَھ تون، سَلامت خُوشحال، اَسان پاران تو مَٿي، ۽ برڪتون بحال، پڻ جيڪي آهن اُمتون، ناليرا! تو نال ۽ آهِن ٻِيون اُمّتون، جن سُکيو رکون ڪي سال، وَٺندو وَڏو وَبال، وَرِي اسان کان، اُنهن کي. |
تِلكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيها إِلَيكَ ما كُنتَ تَعلَمُها أَنتَ وَلا قَومُكَ مِن قَبلِ هٰذا فَاصبِر إِنَّ العٰقِبَةَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 49) |
اِهي ڳالهيون ڳُجھ جون، توڏي ڪريون وِير! وَحِي، تو، ۽ تُنهنجِي قوم کي، هِن کان اڳ، نه سُڌ صَحِي، پوءِ سَڀ ڪُجھ وَڃ سَهِي، پَڇاڙيءَ پاڪن لئي. |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِن أَنتُم إِلّا مُفتَرونَ (آيت : 50) |
۽ حضرت هُود عاد ڏي، سَندنِ ڀاءُڀَلير، چي، عزيزو! اَلله کي، پوڄيو وير سَوير، سچي سائين، تنهن سوا، ڪونهي اهنجوڪير، آهِن هِي ڍِڳ ڍير، ٺلهو ٺاھ اوهان جو. |
يٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى الَّذى فَطَرَنى أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 51) |
اي قوم! اوهان کان، ڪِين گُھران، ڪو پورهيو پائـِي پار، مُنهنجو ڪِنهن تي ناهي، مگر تِنهن باريءَ مَٿي بار، جوڙيَسِ جِنهن جَبَّار، پوءِ ڇو پِرايو ڪين ٿا؟. |
وَيٰقَومِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا وَيَزِدكُم قُوَّةً إِلىٰ قُوَّتِكُم وَلا تَتَوَلَّوا مُجرِمينَ (آيت : 52) |
۽ بَخشايو، اي ڀائرو!، بارِيءَ ڪنان بار، موٽِي موٽو اُن ڏي، ته توهان تي تڪرار، وَسائي وَڏڦُرو، گُونگهٽ مِينهن، مَلهار، ۽ زور اوهان تي، زور سان، ٻيڻو ڏي ٻِيهار، ۽ بندا ٿِي بَدڪار، مُنهن نه موڙيو مُورهِين. |
قالوا يٰهودُ ما جِئتَنا بِبَيِّنَةٍ وَما نَحنُ بِتارِكى ءالِهَتِنا عَن قَولِكَ وَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 53) |
چي، هرگز هود! اسان ڏي، نه آندئـِي ڪو اُهڃاڻ، پَنهنجا پِيْر نه ڇڏيون، تُنهنجي چَوڻ ساڻ، اَسين اَصل ته ڪاڻ، وِسهڻ وارا، نه آهيون. |
إِن نَقولُ إِلَّا اعتَرىٰكَ بَعضُ ءالِهَتِنا بِسوءٍ قالَ إِنّى أُشهِدُ اللَّهَ وَاشهَدوا أَنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 54) |
ٻولويون، نه هِن سوا،ته توکي، لڳت لائـِي، ڪِنهن ڀلاري ڀائـِي، اوليائن مان، اسان جي. چي، ساکِي ڪريان ستار، ۽ اوهين ڏِجا اِي شاهدِي، ته اُن ڌاران، جَن ڌاريَنِ، ڀانيو ڀائيوار، آهيان اُن بِين کان، بلڪل آئون بيزار، |
مِن دونِهِ فَكيدونى جَميعًا ثُمَّ لا تُنظِرونِ (آيت : 55) |
پوءِ ڀلي سِٽون سِٽيو، مِڙِي سَڀ مون هارِ، آنکي اِختيار، مُهلت نه ڏيومِ مُورهين. |
إِنّى تَوَكَّلتُ عَلَى اللَّهِ رَبّى وَرَبِّكُم ما مِن دابَّةٍ إِلّا هُوَ ءاخِذٌ بِناصِيَتِها إِنَّ رَبّى عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 56) |
رکيم، ربَّ ڪريم تي، پَنهنجا سَڀ ڪم ڪار، مون ۽ اوهان جو، آهي سو، سَڀ ڏينهن جو ڏاتار، ناهي اُڀ، زمين ۾، چُرندڙ ڪو چوڌار، مَگر مَهار اُن جِي، جَھلِيندڙ جَبّار، سانيمِ ربُّ، ستار، صَحِي سَنئـِينءَ واٽ تي. |
فَإِن تَوَلَّوا فَقَد أَبلَغتُكُم ما أُرسِلتُ بِهِ إِلَيكُم وَيَستَخلِفُ رَبّى قَومًا غَيرَكُم وَلا تَضُرّونَهُ شَيـًٔا إِنَّ رَبّى عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 57) |
پوءِ ڦِرن، ته فَرماءِ تُون، ته اوهان کي اُهڃاڻ، جن سان مُڪو، مُون ويو، سي پُهچايمِ پَرياڻ، ۽ مَٽي ڇَڏِينِئان مون ڌڻي، ڪِنهن صالح قوم ساڻ، ۽ ذَرو زِيان، نه ڏيئـِي سگھو، اُن کي اَوهين اَڄاڻ!، سَڀ شيءِ مَٿي سُڄاڻ، پَهريدار پاڻ ڌڻِي. |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا هودًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَنَجَّينٰهُم مِن عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 58) |
۽ جڏهن اَمر اَسان جو آيو، ته بَچايو سون بحال، هُود ۽ جن مَڃيو، پنهنجِي رحمت نال، ۽ جَبري، کان جَنجال، آجو ڪيوسون، اُنهن کي.278 |
وَتِلكَ عادٌ جَحَدوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَعَصَوا رُسُلَهُ وَاتَّبَعوا أَمرَ كُلِّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 59) |
۽ اُهي عاد، جن نه مَڃيا، پَرور سَندن جا پار، ۽ پَنهنجي پيغمبر جي هَليا، ٻولِي کان ٻَهار، ۽ لَڳا لڳاتار، هرڪِنهن زَبر ضِدِئ پُٺيان. |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ أَلا إِنَّ عادًا كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِعادٍ قَومِ هودٍ (آيت : 60) |
۽ هن ڏيھ م ۽ ڏِينهن قِيام ۾، وَرتئون دَڳَ ڌِڪار، سَمجھ، ته سَندنِ سائـِينءَکان، عاد ڪيو اِنڪار، تَباهِي تڪرار، عاد عَزازت هُودلئي. |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ هُوَ أَنشَأَكُم مِنَ الأَرضِ وَاستَعمَرَكُم فيها فَاستَغفِروهُ ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى قَريبٌ مُجيبٌ (آيت : 61) |
صالِح قوم ثمود ڏي، سَندسِ ڀاء ڀَلار، چي، قوم! نه ڪِنهن کي پُوڄِيو، ري ڏيہ ڌڻِي ڏاتار، اَصل اوهان لئي، ناھِ ڪا، دَرگاهَ، تِنهن ڌار، آنکي مُٺ مِثيءَ مان ، جوريو جِنهن جَبَّار، وَرِي اوهان کي اُن ۾، ڏِنئـِين وَڏِي ڄَمار، پوءِ مرمرَهايو اُن ڪنان، وَرِي وَرو تِنهن پار، سَندمِ رَبَّ، سَتَّار، اُنائـِيندڙ ۽ اوڏَڙو. |
قالوا يٰصٰلِحُ قَد كُنتَ فينا مَرجُوًّا قَبلَ هٰذا أَتَنهىٰنا أَن نَعبُدَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا وَإِنَّنا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 62) |
چي، صالح! اسان ۾ اڳ هُئين، اُميد ڀَريو انسان، ڇا؟ روڪيِـين اسان کي، اُن ڪنان،ته ڏِيون تن تي ڏان، اَبا، ڏاڏا اسان جا، هُئا پُوڄِيندا، جي ٿان، ۽ جنهن ڏي، اسان کي، ڪوٺئـِين، مُرسل مِهربان!، گَڏيل مَنجھ گُمان، اَسين آهيون، اُنهِيء ڳالھ ۾. |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى مِنهُ رَحمَةً فَمَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن عَصَيتُهُ فَما تَزيدونَنى غَيرَ تَخسيرٍ (آيت : 63) |
چي، ڪِيئن ٿا ڀانيو ڀائرو، ته سانيمِ، کان سُڄاڻ، هُوندسِ، جي حق مَٿي، ۽ مَٿمِ مِهر ڪَئـِين پاڻ، پوءِ اِيندمِ ڪير اَلله کان، آڏو اِي اَڄاڻ!، جي وِڌمِ ساڻِس ڪاڻ؛ پوءِ نَفعو نه ڏِيومِ، نُقصان ري. |
وَيٰقَومِ هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ قَريبٌ (آيت : 64) |
چي، عزيزو اَلله جِي جي، هِي آهي اُٺ اِظهار، آهي اوهان لاءِ، مُعجزو، نِشانِي نِروار، پوءِ مولٰي جي مُلڪ ۾، ڇَڏيوسِ، ته چَري ڇُلنگار، پوءِ، تِنهن کي ڪِنهن تڪلِيف جو، لايو نه هٿ هڪيار، پوءِ اوڏو ڪو آزار، پَڪڙِينِئان پَڪ سان . |
فَعَقَروها فَقالَ تَمَتَّعوا فى دارِكُم ثَلٰثَةَ أَيّامٍ ذٰلِكَ وَعدٌ غَيرُ مَكذوبٍ (آيت : 65) |
پوءِ گُڏيائون اُن کي، تڏهن وراڻيون وَريام، ته پورا ٽي ڏِينهن، خُوش گُذاريو، پَنهنجي گَھرن، مَنجھ گام، ۽ پَڪو اِهو اَنجام، ڪوڙُو آهي، ڪِين ڪِي. |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا صٰلِحًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَمِن خِزىِ يَومِئِذٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ القَوِىُّ العَزيزُ (آيت : 66) |
پوءِ، جڏهن اَمرسان ، جو آيو، هاڪاري هيڪار، ته ڪيو سون پَنهنجي، ڪرم سان، آجو ڪنان آزار، صالح، ڪِ، سَندسِ ساٿ کي، جن آندو اِعتبار، اُن ڏِينهن جي خُوارِيءَ کان، پَنهنجي ٻاجھ سان ٻيهار، سَندِئي رَبَّ سَتار، اُهو وراوَر، زَبر گھڻون. |
وَأَخَذَ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 67) |
پوءِ، وَرتو واڪي تن کي، ڪياجن ڪَلُور، پوءِ جُھورِي، سَندن جاين ۾، ٿِيا آسري اَسور، |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا إِنَّ ثَمودَا۟ كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِثَمودَ (آيت : 68) |
ڪَرمزونه ماڻيئون اُن ۾؛ پُورِي رِيت پَرور، ته ثمود سَندِن ربَّ کان، مُنڪر ٿيا مُور، ته بَربادِي ڀَرپُورو، ثابِت آهي، ثَمُود لئي. |
وَلَقَد جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ فَما لَبِثَ أَن جاءَ بِعِجلٍ حَنيذٍ (آيت : 69) |
۽ اَسان جا ابراهيم کي، آيا کِيانتا، سِين کِير، چئون سَلام، سَلام چئـِين، پوءِ وٖير نه لاٿِي وِير، ته آڻي رَکيو اَمير، گابو ڀُڃيل، اُنهن اڳيان. |
فَلَمّا رَءا أَيدِيَهُم لا تَصِلُ إِلَيهِ نَكِرَهُم وَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومِ لوطٍ (آيت : 70) |
ڏِٺائـِين جڏهين، ته اُنهن جا، هَٿ نه وَرن، اُن ڏي، ڀانيئـِين اَڀُويون اُنهن کي، ۽ تن کان ڊِنوتَڏهِين، چَيائون ته ڪَنبَ نه ڪڏهين، اَسين قاصِد قوم لوط ڏي. |
وَامرَأَتُهُ قائِمَةٌ فَضَحِكَت فَبَشَّرنٰها بِإِسحٰقَ وَمِن وَراءِ إِسحٰقَ يَعقوبَ (آيت : 71) |
۽ بِيبِي بِيٺل اُن جِي، پوءِ کِڙِي کَٽڻهار، پوءِ ڏني سُونسِ، اسحاق جِي، واڌائـِي تنهن وار، ۽ ٻاجَھؤَن کِير ٻِيهار، اسحاق پُٺيان، يعقوب جِي، |
قالَت يٰوَيلَتىٰ ءَأَلِدُ وَأَنا۠ عَجوزٌ وَهٰذا بَعلى شَيخًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 72) |
چي، ووءِ، ووءِ! آئون وَڏڙِي، ڪِيئَن ڄَڻِينديسِ ٻار، ۽ هِي وَرَم، وڏِي ڄَمار، هِيءَ عَجب جِھڙِي ڳالهڙِي. |
قالوا أَتَعجَبينَ مِن أَمرِ اللَّهِ رَحمَتُ اللَّهِ وَبَرَكٰتُهُ عَلَيكُم أَهلَ البَيتِ إِنَّهُ حَميدٌ مَجيدٌ (آيت : 73) |
چي، قادِر جي ڪَمن ۾، ڪِهڙا وَٺِين وِيچار، رَحمتون ربَّ پاڪ جون، پڻ بَرڪتون بِسيار، اُن جون، اوهان مَٿي، اي اَهل بيت! اَطهار، ساساراهِيل سَهوار، پڻ وَڏِي وڏائـِئ جو ڌڻِي. |
فَلَمّا ذَهَبَ عَن إِبرٰهيمَ الرَّوعُ وَجاءَتهُ البُشرىٰ يُجٰدِلُنا فى قَومِ لوطٍ (آيت : 74) |
پوءِ، جڏهن اِبراهِيم لٿو خوف، ۽ مِليسِ کِير، ته پِيو وَڳي اَسان سان وِير، پاران پَهر لوط جي. |
إِنَّ إِبرٰهيمَ لَحَليمٌ أَوّٰهٌ مُنيبٌ (آيت : 75) |
اِبراهِيم آهي، بِلڪُل بُردبار، زاريون ڪندڙ زار ۽ رُجوع ٿيندڙ ربَّ ڏي. |
يٰإِبرٰهيمُ أَعرِض عَن هٰذا إِنَّهُ قَد جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَإِنَّهُم ءاتيهِم عَذابٌ غَيرُ مَردودٍ (آيت : 76) |
اي اِبراهيم!، اِن ڪنان مُوڙ مُنهن مَهتاب!، اَمر تُنهنجي آگي جو، آيو جُنبِي جَناب!، ۽ اُنهن تي عذاب، اَڻٽر، آهي اَچڻو. |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالَ هٰذا يَومٌ عَصيبٌ (آيت : 77) |
۽ آياقاصد اسان جا، جڏهن لُوط مَٿي لَهِي، ته ڏُکياپِينِ ڏِيل ۾ ۽ سوڙهاٿيا صَحِي، چي هرگز آهي هِيءُ، ڏاڍو ڏُ کيو ڏِينهن ڪو، |
وَجاءَهُ قَومُهُ يُهرَعونَ إِلَيهِ وَمِن قَبلُ كانوا يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ قالَ يٰقَومِ هٰؤُلاءِ بَناتى هُنَّ أَطهَرُ لَكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ فى ضَيفى أَلَيسَ مِنكُم رَجُلٌ رَشيدٌ (آيت : 78) |
۽ آيا ڀَري ڀايات تِنهن، ويا ڊُڪاياتِنهن پار، اَ ڳ ۾ اُنهِيان، ڪندا هُئا، فِعل بُرابدڪار، چي، اي عزيزو مُنهنجا!، آهن اوهان هارِ، هِي پاڪ نِياڻيون مُنهنجون؛ پوِ ڏَور ڀَر ڏاتار، ۽ مُنهنجي مِهمانن ۾ ڪِيَن خُوار، ڇاساڱو سَمجھدار ۾، مَرد ڪو؟ |
قالوا لَقَد عَلِمتَ ما لَنا فى بَناتِكَ مِن حَقٍّ وَإِنَّكَ لَتَعلَمُ ما نُريدُ (آيت : 79) |
چي، اَٿيئـِي سُڌ، ته اسان جو، تُنهنجي نِياڻين ۾ نه حق، ۽ جيڪِي مَـڱون ٿامُشفِق!، سو تون پَروڙِين پاڻ پِيو. |
قالَ لَو أَنَّ لى بِكُم قُوَّةً أَو ءاوى إِلىٰ رُكنٍ شَديدٍ (آيت : 80) |
چي، هُوندهُجي هامون ۾، طاقت توهان ساڻ، يا پَناه وَٺان ها پاڻ، ڏاڍي ڪِنهن ڏَڍ ڏي. قَالُوْايٰلُوْطُ اِنَّارُسُلُ رَبِّكَ لَنْ يَّصِلُوْاۤاِلَيْكَ فَاَسْرِبِاَهْلِك بَقِطْعٍ مِّنَ الَّيْلِ وَلَايَلْتَفِتْ |
قالوا يٰلوطُ إِنّا رُسُلُ رَبِّكَ لَن يَصِلوا إِلَيكَ فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ إِلَّا امرَأَتَكَ إِنَّهُ مُصيبُها ما أَصابَهُم إِنَّ مَوعِدَهُمُ الصُّبحُ أَلَيسَ الصُّبحُ بِقَريبٍ (آيت : 81) |
چيائون اِهڙِي چال، اي لُوط!، اسين آهيون، ريٻارا، تُنهنجي رّبَّ جا، نه پُهچندوئـِي پئمال، پوءِ پهر، پهرڪو رات مان، پَنهنجي پَهر نال، ۽ هرگز اوهان مان هيڪڙو، نه لڙي تِن ڏي لال!، بنابِيوِي تُنهنجِي؛ ته ڀلا! کِيس بَحال، رَسندسِ، جيڪِي رَسڻو، هِن جَڏن کي جَنجال، سَندنِ صُبح تي سَنڀال؛ ڇاصُبح ناآهي، اوڏڙو؟ |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا جَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيها حِجارَةً مِن سِجّيلٍ مَنضودٍ (آيت : 82) |
پوءِ، آينِ اَمر اَسان جو، بَرسِر جڏهن بَڻِي، پوءِ مَٿيان سَندنِ، مَٿان ڪري، ڇڏياسون هيٺ هَڻِي، ۽ پَڪل پَهڻ اُن تي، وَسايا سُون وَڻِي، |
مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ وَما هِىَ مِنَ الظّٰلِمينَ بِبَعيدٍ (آيت : 83) |
۽ گھاڻِي اِيء گَھڻِي، ڏُورناهي، ڏاڍن ڪَنان. |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ وَلا تَنقُصُوا المِكيالَ وَالميزانَ إِنّى أَرىٰكُم بِخَيرٍ وَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ مُحيطٍ (آيت : 84) |
۽ شعيب، شهر مَديَن ڏي، سَندنِ ڀاءُ ڀَلير، چي، عزيزو! الله کي، پُوڄيو وير سَوير، ڪونهي اَهنجو ڪير؟ ڏڻِي ڌاران اُن جي. ۽ توڙان تور، ڀَرَپَ ۾، ڪُپت ڪريو ڪانه، آئون اوهان کي، ٿو ڏِسان، آسودا اِنسان، ۽ اُن ڏِينهن جي عذاب کان، اوهان تي عيان، ڀَوڀانيان بي گمان، جوگھيريندڙ، گُھمسان سان. |
وَيٰقَومِ أَوفُوا المِكيالَ وَالميزانَ بِالقِسطِ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 85) |
۽ پُورو ڀَريو ڀائرو!، پڻ توريو ساڻ سُپت، ۽ مال سَندِن ۾ ماڻهن سان، ڪريو ڪانه ڪُپت، ۽ ڀُونء ۾ ڪِنِهين ڀَت، ڀِروڪِين بِگاڙ سان. |
بَقِيَّتُ اللَّهِ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 86) |
آن لئي ڏِنو الله، جو بِهتر بَقادار، جي آن کي اِعتبار؛ آئون واهِي، نه اوهان تي آهيان. |
قالوا يٰشُعَيبُ أَصَلوٰتُكَ تَأمُرُكَ أَن نَترُكَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا أَو أَن نَفعَلَ فى أَموٰلِنا ما نَشٰؤُا۟ إِنَّكَ لَأَنتَ الحَليمُ الرَّشيدُ (آيت : 87) |
چيائون اِهڙِي چال، اي شعيب! نماز تُنهنجي، توکي چوي، ته تن کي، ڦِٽو ڪريون فِى الحال، پِيَنِ اسان جي پُوڄِيو، جن کي صَديون سال، يا وَٺون، وِڪڻون جِيئن وَڻي، پَهنجِي مُوڙِيءَ مال، تون کانڌيرو خُوشحال، رَڄ چَڱيرو راڄ ۾. |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَرَزَقَنى مِنهُ رِزقًا حَسَنًا وَما أُريدُ أَن أُخالِفَكُم إِلىٰ ما أَنهىٰكُم عَنهُ إِن أُريدُ إِلَّا الإِصلٰحَ مَا استَطَعتُ وَما تَوفيقى إِلّا بِاللَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ (آيت : 88) |
چَئـِين، ڪِئين ٿا ڀانيو ڀانيو ڀائرو! ته سانيمِ، کاڻ سُڄاڻ، جي آئون هُوندسِ، حق مَٿي، سَچِي ثابتِيءَ ساڻ، پڻ پاڻان ڏِٺائـِينمِ پاڻ، ڀَتو ڀَلِيء ڀَت سان. ۽ جِنهن کان، آن کي جَھليان، ڪِين گُھران ٻِي ڪار، سچي سڌاري سوا، پَنهجِي پُڄت هار، ۽ مون ۾ مَڻياناهي مگر، سانيمِ، ساڻ سَتار، بار مَٿسِ، ۽ تِنهن پار، وَر وَر وَرندو آهيان. |
وَيٰقَومِ لا يَجرِمَنَّكُم شِقاقى أَن يُصيبَكُم مِثلُ ما أَصابَ قَومَ نوحٍ أَو قَومَ هودٍ أَو قَومَ صٰلِحٍ وَما قَومُ لوطٍ مِنكُم بِبَعيدٍ (آيت : 89) |
۽ ڀَرڪائينِيان نَه ڀائرو!، مُنهنجي مَت، مَٿي هِن ڳالھ، ته رَسي اوهان کي، رَسيو جِھڙو جِي جَنجال، نُوح، صالح ۽ هُود جي، قومن کا ڪالھ، ۽ سَندِي لُوط لال، پَهر نه اوهان کان، پَر ڀَري. |
وَاستَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى رَحيمٌ وَدودٌ (آيت : 90) |
۽ مَرهايو پَنهنجِي مالِڪ کان، وَر ڏانهنسِ وَهلور!، مُنهنجو مالِڪ مُور، مِهربان ۽ محبتِي. |
قالوا يٰشُعَيبُ ما نَفقَهُ كَثيرًا مِمّا تَقولُ وَإِنّا لَنَرىٰكَ فينا ضَعيفًا وَلَولا رَهطُكَ لَرَجَمنٰكَ وَما أَنتَ عَلَينا بِعَزيزٍ (آيت : 91) |
چي، گَھڻو نه ڄاڻون تِنهن مَنجھان، شعيب! چوِين جا ڳالھ، توکي پَسون پاڻ ۾، هِيڻون هرڪِنهن حال، ۽ هُوندهُجي هاڪِين ڪِي، تُنهنجِي نيات نِهال، سَٽي سَنگسار توکي، لاشڪ ڪيوسون لال!، ته مَرد مَٿير مَجال، تون نه اسان ۾ آهِيـين. |
قالَ يٰقَومِ أَرَهطى أَعَزُّ عَلَيكُم مِنَ اللَّهِ وَاتَّخَذتُموهُ وَراءَكُم ظِهرِيًّا إِنَّ رَبّى بِما تَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 92) |
وَراڻيو وِينجھار، اي قوم! قرِيب مُنهنجا، عجب!، اوهان کي لڳن، ڏاڍا کان ڏاتار، ۽ پُٺيان پَنهنجي، اُن کي، ترڪ ڪيان تَڪرار، ڪريو جي ڪم ڪار، آگَمِ آگاه اُن ڪنان. |
وَيٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ سَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَمَن هُوَ كٰذِبٌ وَارتَقِبوا إِنّى مَعَكُم رَقيبٌ (آيت : 93) |
۽ مِٽَمِ!، پَنهنجي ماڳ تي، ڪريو اوهين ڪم ڪار، آئون بِه ڪَندڙ آهيان؛ پوءِ سِگھڙِي پَونديان سار، ته ڪِنهن تي اَچي عذاب سو، جو ڪريسِ خُوب خوار، ۽ ڪهڙو اُهو ڪُوڙ مَٿي؟؛ ۽ ويٺاڏِسوڪا وار، آئون پڻ اِنتظار، اَوهان ڀيڙو آهيان. |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا شُعَيبًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَأَخَذَتِ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 94) |
۽ آيو جڏهن اُنهن تي، اَسان جو فَرمان، ته ڇَڏايوسون شُعيب کي، پڻ آندو جن اِيمان، ۽ اُهي به ڀيڙا اُنهِيء سان، سين اَسان جي اِحسان، ۽ ڪڙڪي قابو، سي ڪيا، جن ڪيا ظُلم، زِيان، پوءِ پِره سان پِريشان، ٿِيا جُھورِي سَندنِ جاين ۾. |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا بُعدًا لِمَديَنَ كَما بَعِدَت ثَمودُ (آيت : 95) |
ڪَر نه مَزا ماڻيئون اُن ۾، پوءِ مَدين لئي مُور، دُورِي تِنهن دَستور، جِيئن تڙيو ساٿ ثَـمود جو. |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 96) |
۽ موڪليو سون مُورهين، مُوسٰى مِهربان، پَنهنجي پَڌراين سان، پڻ نِشانبر نِشان، |
إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاتَّبَعوا أَمرَ فِرعَونَ وَما أَمرُ فِرعَونَ بِرَشيدٍ (آيت : 97) |
فِسادِي فِرعون ڏي، پڻ اُنهيء جي ايوان، پوءِ فرمودي فِرعون جا، تابِع ٿيا تعبان، فِرعون جو فَرمان، سُهڻو ناهي ساٿ لئي. |
يَقدُمُ قَومَهُ يَومَ القِيٰمَةِ فَأَورَدَهُمُ النّارَ وَبِئسَ الوِردُ المَورودُ (آيت : 98) |
قوم سَندسِ جِي، قِيام ڏينهن وَٺِي هَلندو وَاڳ، پوءِ آندائـِين اُنهن کي، مَٿي مَڱر ماڳ، |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ بِئسَ الرِّفدُ المَرفودُ (آيت : 99) |
۽ هِن ۾ لَعنت پُٺ لڳا، پڻ مَهندان محشر ماڳ، اِهو لَعنت وارو لاڳ، بِلڪُل آهي بُڇڙو. |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ القُرىٰ نَقُصُّهُ عَلَيكَ مِنها قائِمٌ وَحَصيدٌ (آيت : 100) |
گامن جون، ڪُجھ گھوٽ!، کوليون سون خَبرون تو مٿي، تن مان، قائـِم ڪي ڪوٽ، پڻ ڳاهيل آهن ڳوٺ ڪي. |
وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن ظَلَموا أَنفُسَهُم فَما أَغنَت عَنهُم ءالِهَتُهُمُ الَّتى يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ مِن شَيءٍ لَمّا جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَما زادوهُم غَيرَ تَتبيبٍ (آيت : 101) |
۽ اَسان نه آزاريون اُنهن کي، پر پاڻِهين آزارئيون پاڻ، پوءِ سَندنِ وَسِيلن واهرن، ڪُجھ نه ڇَڏايَنِ ڪاڻ، ڌَڻيءَ ڌاران جن کي، ڏِيندا هُئا ڏاڻ، جڏهن آيو اَمر اُنهن کي، سَندِئي رَبَّ سُڄاڻ، ۽ ري ويراني وَٿاڻ، اوڄ نه ڏِنائون اُنهن کي. |
وَكَذٰلِكَ أَخذُ رَبِّكَ إِذا أَخَذَ القُرىٰ وَهِىَ ظٰلِمَةٌ إِنَّ أَخذَهُ أَليمٌ شَديدٌ (آيت : 102) |
۽ انپر تُنهنجي پرورجِي، آهي پَڪڙ پَڇار، جڏهن وَرتئـِـين، واهڻِين هُو جي ڪندڙ جفا جاڙ، پَڪڙ مَنجھ، پَڇاڙ، آهي ڏاڍو ڏُکيو اُن جو. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِمَن خافَ عَذابَ الءاخِرَةِ ذٰلِكَ يَومٌ مَجموعٌ لَهُ النّاسُ وَذٰلِكَ يَومٌ مَشهودٌ (آيت : 103) |
اِن ۾، آهي اُنهيء لئي، نِشانِي نِروار، عذاب آخرت کان، جو وِجھلي ويرو تار، اُهامَهل، ماڻهو جنهن ۾، ڪَٺي مَنجھ قطار، ۽ اُهو ڏِينهن، آهي جنهن ۾، حاضرِي هيڪار، |
وَما نُؤَخِّرُهُ إِلّا لِأَجَلٍ مَعدودٍ (آيت : 104) |
تِنهِين کي، تڪرار، ڪنهن ٽاڻي ٻَڌل لئي، ٽاريون. |
يَومَ يَأتِ لا تَكَلَّمُ نَفسٌ إِلّا بِإِذنِهِ فَمِنهُم شَقِىٌّ وَسَعيدٌ (آيت : 105) |
اُهو ڏينهن آيو، ته ماڻهو نه ڪُڇي، ڪو مُور، مگر موڪل سان، اُن جي، جو غالب، ربُّ غفور، پوءِ، ڪي بُڇڙا بي شعُور، ۽ ڪي نيڪ نصيب، اُنهن مَنجھان. |
فَأَمَّا الَّذينَ شَقوا فَفِى النّارِ لَهُم فيها زَفيرٌ وَشَهيقٌ (آيت : 106) |
پر پوءِ ٿيا، جي پاڻهِين، نِڀاڳا نادان، پوءِ اُهي آهن آگ ۾، مَنجهسِ تنهن مَڪان، ۽ رَڙيون، رانڀاڙا اُنهن جا، فرياديون، فغان، |
خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ إِنَّ رَبَّكَ فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 107) |
هُونِ هميشه اُن ۾، جانِسين زمين، آسمان، مگر مالِڪ تُنهنجو، گُھري بي گمان، سَندئـِي رَبُّ، سُبحان، جو گُھري، سو ڪري سَگھي. |
وَأَمَّا الَّذينَ سُعِدوا فَفِى الجَنَّةِ خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ عَطاءً غَيرَ مَجذوذٍ (آيت : 108) |
پر نيڪ نصِيب ٿِيا، سي جَنَّت مَنجھ جُوان، سدا سُکيا اُن ۾، جاسِين زمين، آسمان، مگر مالِڪ تُنهنجو، جيڪي گُھري بي گُمان؛ اُهوئـِي اِحسان، ڪڏهن ناهي ڪَپجڻو. |
فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِمّا يَعبُدُ هٰؤُلاءِ ما يَعبُدونَ إِلّا كَما يَعبُدُ ءاباؤُهُم مِن قَبلُ وَإِنّا لَمُوَفّوهُم نَصيبَهُم غَيرَ مَنقوصٍ (آيت : 109) |
پوءِ تِـنِئان، شَڪ ۾،تون نه ٿِي، هِي جي ٺَلها پوڄِينِ ٿان، نه پوڄين، مگر جيئن پوڄيا، اڳي آستان، سَندنِ مَهنديَنِ مائـِٽَّنِ، پوءِ آهيون اسين عيان، ذَرو، ڌار زِيان، پُورو ڏِيندڙ پورهيو. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَاختُلِفَ فيهِ وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّهُم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 110) |
۽ ڏِنوسون مُوسٰى مِير کي، صَحِيفو صَحِي، پوءِ اُبتڙ سَٽِي ويئـِي اُن ۾، پَنهنجي ڳالھ پَهِي، ۽ توڙان، تو ڌڻِئ کان، جي ويو نَه قَلم وَهِي، ته تن وِچ ڪيو وِيو فيصلو؛ آهي حَقِيقت هِي، ته آهن گَڏِيل گُنَهِيْ، اِن کان، اَنُومان ۾. |
وَإِنَّ كُلًّا لَمّا لَيُوَفِّيَنَّهُم رَبُّكَ أَعمٰلَهُم إِنَّهُ بِما يَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 111) |
سائـِين تُنهنجو سَڀن کي، پُورا ڏِيندڙ پار، جيڪِي ڪَن ڪم ڪار، تن تي واهِي واه جو!، |
فَاستَقِم كَما أُمِرتَ وَمَن تابَ مَعَكَ وَلا تَطغَوا إِنَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 112) |
پوءِ پُورو بِيھ پاڻ تون، جِيئَن مِلئـِي حُڪم حُضور، پڻ جي توسان گڏيا تائـِب ٿِيا، مَڃيائون مَذڪور، ۽ نه مُنجھو؛ ڪريو، جو مُور، اُهو ڏِسندڙ آهي، اُن کي. |
وَلا تَركَنوا إِلَى الَّذينَ ظَلَموا فَتَمَسَّكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 113) |
۽ پاسو نه ڏِيو، تن پاڻ، جن ڪيا ظُلم، زيادتيون، پوءِ چَنبڙٖي چِيْھَ اوهان کي، ڄيرو ڄِڀيُنِ ساڻ، ۽ اولياءُ، ڪو اَلله ري،ڪونهِي اوهان ڪاڻ، اُهکِي ويل اَڄاڻ!، وَرِي نه مِلندا واهرُو. |
وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ طَرَفَىِ النَّهارِ وَزُلَفًا مِنَ الَّيلِ إِنَّ الحَسَنٰتِ يُذهِبنَ السَّيِّـٔاتِ ذٰلِكَ ذِكرىٰ لِلذّٰكِرينَ (آيت : 114) |
ٻه پاسا، ڏِينهن، پَل رات مان، پَرھ نِمازون نُور، چَڱايون چَگاين کي، ميٽي ڇَڏينِ مُور، مَنجھ اِنهِيءَ مَذڪُور، سارڻ سارِيندڙن لئي. |
وَاصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 115) |
۽ بَرسِر سَھ بار، پوءِ اَلله جَلَّ جَلالہٗ، وِڃائي نَه وار، اُجَرن سَندي، اَجر مان. |
فَلَولا كانَ مِنَ القُرونِ مِن قَبلِكُم أُولوا بَقِيَّةٍ يَنهَونَ عَنِ الفَسادِ فِى الأَرضِ إِلّا قَليلًا مِمَّن أَنجَينا مِنهُم وَاتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا ما أُترِفوا فيهِ وَكانوا مُجرِمينَ (آيت : 116) |
اوهان کان، اڳين جُڳن مان، باقي هُئا جيڪر، جي ڀُونءَ ۾ جَھلِينِ بِگيڙ کان. مگر مُختصر، اُنهن مان آخِر، جان ڇَڏائـِي سُون ، جن جي. ۽ ڪيا جن ڪَلُور، پُٺِيءَ لَڳاتِنهن لوڀ جي، مال مِليَنِ، جو مُور؛ ۽ هُئا ڏوهارِي ڏيھ ۾. |
وَما كانَ رَبُّكَ لِيُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها مُصلِحونَ (آيت : 117) |
ڌڻِي تُنهنجو، سي ديهون، اَصل نه ڪَري اُجاڙ، ساڻ جَفاجاڙ، ۽ سُڌريل، ساڪِن جن جا. |
وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَجَعَلَ النّاسَ أُمَّةً وٰحِدَةً وَلا يَزالونَ مُختَلِفينَ (آيت : 118) |
۽ جي تُنهنجي پرور پاڻ، ڪيو اِرادو اَصل کان، ته ڪَيائـِين مِڙِني ماڻهئـِين، هِڪ اُمّت ساٿ سُڄاڻ، ۽ هُونِ هَميشه پاڻ ۾، ڇُلنگِيون مَنجھ ڇِڪتاڻ، |
إِلّا مَن رَحِمَ رَبُّكَ وَلِذٰلِكَ خَلَقَهُم وَتَمَّت كَلِمَةُ رَبِّكَ لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 119) |
مگر جِنهن تي، مِهر مالِڪ ڪَئـِي ۽ جوڙيئـِين به جنهن ڪاڻ، ۽ تُنهنجي پَرور پاڪ جو، پُورو ٿِيو پَرياڻ، ته مِڙئـِي جِنَن، ماڻهن ساڻ، بِلڪُل ڀَرِيندسِ باه کي. |
وَكُلًّا نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ الرُّسُلِ ما نُثَبِّتُ بِهِ فُؤادَكَ وَجاءَكَ فى هٰذِهِ الحَقُّ وَمَوعِظَةٌ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 120) |
۽ سَڀ خبرون کوليون تو مَٿي، مُرسلن جون مَهندار!، جَن سان ڪريون تُنهنجو، قَلب بَرقرار، ۽ آيَئـِي حَق هِن ۾، پڻ نَصِحيت نِبار، تن لئي سَارسَنڀار، جي مَڃِيندڙ مَذڪور کي. |
وَقُل لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّا عٰمِلونَ (آيت : 121) |
۽ جي نَه وِسَهَنِ، چَئو تن، ته ڪريو اوهين ڪم ڪار، پَنهنجي ماڳ مَڪان تي، اَسِين بِه ڪندڙ برقرار، |
وَانتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 122) |
۽ ويٺاڏِسو ڪاوار، اَسين به ڏِسَندڙ آهيون. |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَيهِ يُرجَعُ الأَمرُ كُلُّهُ فَاعبُدهُ وَتَوَكَّل عَلَيهِ وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 123) |
۽ آهِن سَڀ اَلله لئ، اُڀ ڀُوين جا اَسرار، ۽ اُن ڏي آخِرڪار، هر معاملو موٽائـِبو. پو پُوڄ اَڪيلي اُن کي ۽ رک بَرسِر مَٿسِ بار، ۽ ڪَرو جي ڪَم ڪار، تِنِئان، والِي نه تُنهنجو ويسلو. |