الر كِتٰبٌ أُحكِمَت ءايٰتُهُ ثُمَّ فُصِّلَت مِن لَدُن حَكيمٍ خَبيرٍ (آيت : 1) |
الف لام را . هي ڪتاب آهي جنهن جون آيتون پُختيون ڪيون ويون آهن پوءِ صاف صاف بيان ڪيون ويون آهن حڪمت واري باخبر (الله) طرفان. |
أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنَّنى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ وَبَشيرٌ (آيت : 2) |
هي ته اوهان عبادت نه ڪيو مگر الله جي. بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ ان جي طرفان ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان. |
وَأَنِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُمَتِّعكُم مَتٰعًا حَسَنًا إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَيُؤتِ كُلَّ ذى فَضلٍ فَضلَهُ وَإِن تَوَلَّوا فَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ كَبيرٍ (آيت : 3) |
۽ هي ته پنهنجي پالڻهارکان بخشش گهرو پوءِ ان ڏانهن توبه ڪيو ته توهان کي مقرر وقت تائين زندگي جو سٺو سامان ڏيندو ۽ هر زياده عبادت ڪندڙ کي زياده ثواب ڏيندو. ۽ جي اوهان مُنهن موڙيندؤ ته مون کي اوهان تي وڏي ڏينهن جي عذاب جو ڊپ آهي. |
إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 4) |
الله ڏانهن ئي اوهان جو موٽڻ آهي ۽ اُهو هر شيءِ مٿان سگھه رکڻ وارو آهي. |
أَلا إِنَّهُم يَثنونَ صُدورَهُم لِيَستَخفوا مِنهُ أَلا حينَ يَستَغشونَ ثِيابَهُم يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 5) |
خبردار! بيشڪ اهي (ڪافر) پنهنجي سينن کي موڙن ٿا ته جيئن ان (الله) کان راز لڪائن. خبردار! جيڏي مهل اُهي پنهنجي ڪپڙن ۾ ويڙهجن ٿا ته به اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا، بيشڪ اُهو سينن جا راز ڄاڻندڙ آهي. |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ إِلّا عَلَى اللَّهِ رِزقُها وَيَعلَمُ مُستَقَرَّها وَمُستَودَعَها كُلٌّ فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 6) |
۽ زمين تي هلڻ وارو ڪوبه ساهدار ناهي مگر ان جو رزق الله تي آهي ۽ سندس رهڻ جي جاءِ کي ڄاڻي ٿو ۽ سندس امانت رکجڻ واري جاءِ کي (به ڄاڻي ٿو.) سڀ ڪجهه پڌري ڪتاب ۾ آهي. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَكانَ عَرشُهُ عَلَى الماءِ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَلَئِن قُلتَ إِنَّكُم مَبعوثونَ مِن بَعدِ المَوتِ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
۽ اُهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ سندس عرشُ پاڻيءَ مٿان هيو هن لاءِ ته توهان کي آزمائي ته توهان مان زور سهڻي عمل وارو ڪير آهي؟ ۽ (اي نبي) جيڪڏهن تون چوين ته بيشڪ مرڻ بعد اوهان اٿاريا ويندا ته ڪافر ضرور چوندا ته هي رڳو پڌرو جادو آهي. |
وَلَئِن أَخَّرنا عَنهُمُ العَذابَ إِلىٰ أُمَّةٍ مَعدودَةٍ لَيَقولُنَّ ما يَحبِسُهُ أَلا يَومَ يَأتيهِم لَيسَ مَصروفًا عَنهُم وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 8) |
۽ اگر اسان انهن تان مقرر مدت تائين عذاب هٽائينداسين ته ضرور چوندا ڪهڙي شيءِ ان (عذاب) کي روڪي رکيو آهي؟ خبردار! جنهن ڏينهن مٿن (عذاب) ايندو ته انهن کان ٽرڻ وارو نه آهي ۽ اهو انهن کي گهيري وٺندو جنهن تي ٺٺوليون ڪندا هئا. |
وَلَئِن أَذَقنَا الإِنسٰنَ مِنّا رَحمَةً ثُمَّ نَزَعنٰها مِنهُ إِنَّهُ لَيَـٔوسٌ كَفورٌ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏهن اسان انسان کي پنهنجي طرفان ڪا رحمت چکايون وري اها ان کان ڦُري وٺون ته بيشڪ اهو مايوس بنجي وڏو بي شڪر ٿي پوي ٿو. |
وَلَئِن أَذَقنٰهُ نَعماءَ بَعدَ ضَرّاءَ مَسَّتهُ لَيَقولَنَّ ذَهَبَ السَّيِّـٔاتُ عَنّى إِنَّهُ لَفَرِحٌ فَخورٌ (آيت : 10) |
۽ اگر اسان ان کي ڪا نعمت چکايون ٿا ان تڪليف کان پوءِ جا ان کي پهچي چڪي آهي ته ضرور چوندو ته مون تان برايون ٽري ويون. بيشڪ اُهو خوش ٿيندڙ فخر ڪندڙ آهي. |
إِلَّا الَّذينَ صَبَروا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 11) |
سواءِ انهن ماڻهن جي جن صبر ڪيو ۽ صالح عمل ڪيائون. اُهي آهن جن لاءِ بخشش آهي ۽ وڏو اجر آهي. |
فَلَعَلَّكَ تارِكٌ بَعضَ ما يوحىٰ إِلَيكَ وَضائِقٌ بِهِ صَدرُكَ أَن يَقولوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ كَنزٌ أَو جاءَ مَعَهُ مَلَكٌ إِنَّما أَنتَ نَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 12) |
پوءِ متان تون ان جي ڪجھه حصي کي (بيان ڪرڻ) ڇڏڻ وارو هجين جا تو ڏي وحي ڪئي وڃي ٿي ۽ ان کان تنهنجو سينو تنگ ٿيندڙ هجي، انهن (ڪافرن) جي هن چوڻ تي ته: ”مٿس خزانو ڇو نه لاٿو ويو؟ يا ساڻس گڏ ڪو ملائڪ ڇونه آيو“؟ تون ته صرف ڊيڄاريندڙ آهين. ۽ الله هر شيءِ مٿان نگهبان آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِعَشرِ سُوَرٍ مِثلِهِ مُفتَرَيٰتٍ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 13) |
ڇا اهي چون ٿا ته اِهو (قرآن) ان (پيغمبر) پاڻ ٺاهيو آهي؟ چؤ ته: ”پوءِ ان جهڙيون ٺاهيل ڏهه سورتون آڻيو ۽ الله کان سواءِ جن (پنهنجي معبودن) کي (مدد لاءِ) سڏي سگھو ٿا ته سڏيو جيڪڏهن اوهان (پنهنجي دعويٰ ۾) سچا آهيو. |
فَإِلَّم يَستَجيبوا لَكُم فَاعلَموا أَنَّما أُنزِلَ بِعِلمِ اللَّهِ وَأَن لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 14) |
پوءِ اگر اهي (ڪوڙا معبود) اوهان جي مدد لاءِ نه پهچن ته پوءِ يقين ڄاڻو ته هي قرآن الله جي علم سان لاٿو ويو آهي ۽ هي ته الله کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي. ڇا پوءِ اوهان فرمانبردار آهيو“؟ |
مَن كانَ يُريدُ الحَيوٰةَ الدُّنيا وَزينَتَها نُوَفِّ إِلَيهِم أَعمٰلَهُم فيها وَهُم فيها لا يُبخَسونَ (آيت : 15) |
جيڪي ماڻهو دنيا جي زندگي ۽ ان جو سينگار چاهن ٿا ته انهن کي دنيا ۾ ئي سندن عملن جو پورو پورو بدلو ڏينداسين ۽ اُهي ان ۾ ڪونه گهٽايا ويندا. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَيسَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ إِلَّا النّارُ وَحَبِطَ ما صَنَعوا فيها وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 16) |
اِهي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ آخرت ۾ ڪجهه ناهي سواءِ جهنم جي. ۽ برباد ٿي ويو جيڪو هتي (دنيا ۾) بنايائون ۽ چَٽُ ٿي ويو جيڪي عمل ڪندا هئا. |
أَفَمَن كانَ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبِّهِ وَيَتلوهُ شاهِدٌ مِنهُ وَمِن قَبلِهِ كِتٰبُ موسىٰ إِمامًا وَرَحمَةً أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ مِنَ الأَحزابِ فَالنّارُ مَوعِدُهُ فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِنهُ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 17) |
ڇا پوءِ اُهو ماڻهو جيڪو پنهنجي پالڻهار پاران چِٽي دليل تي هيو؟ ۽ ان تي الله جي پاران هڪ شاهد (قرآن به) اچي ويو ۽ ان کان اڳ موسى جو ڪتاب (به شاهد آهي) جيڪو پيشوا ۽ رحمت آهي. ڇا (اهو ٻين جي برابر ٿي سگهي ٿو)؟ اِهڙا ماڻهو ته ان (قرآن) تي ايمان آڻن ٿا. ۽ (انسانن جي) سڀني ٽولن مان جيڪو به ان (قرآن) سان ڪفر ڪندو ته پوءِ ان جي وعدي جي جاءِ جهنم آهي. پوءِ تون ان بابت ڪنهن شڪ ۾ نه رهه. بيشڪ اهو تنهنجو پالڻهار پاران حق آهي ۽ پر گھڻا ماڻهو نه ٿا مڃن. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أُولٰئِكَ يُعرَضونَ عَلىٰ رَبِّهِم وَيَقولُ الأَشهٰدُ هٰؤُلاءِ الَّذينَ كَذَبوا عَلىٰ رَبِّهِم أَلا لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 18) |
۽ ان کان زور ظالم ڪير آهي؟ جنهن الله مٿان ڪوڙو بهتان مڙهيو. انهن کي سندن پالڻهار سامهون ڪيو ويندو ۽ شاهدَ چوندا ته (هي) اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پاليندڙ تي ڪوڙ مڙهيو هيو. خبردار! ظالمن تي الله جي لعنت آهي. |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 19) |
جيڪي ماڻهو الله جي راهه کان روڪن ٿا ۽ ان ۾ ڏنگاڻ چاهن ٿا ۽ اُهي آخرت جا انڪاري آهن. |
أُولٰئِكَ لَم يَكونوا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَما كانَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ يُضٰعَفُ لَهُمُ العَذابُ ما كانوا يَستَطيعونَ السَّمعَ وَما كانوا يُبصِرونَ (آيت : 20) |
اُهي زمين ۾ (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا نه هئا ۽ نه ئي انهن جا الله جي مقابلي ۾ ٻيا ڪي مددگار هئا. انهن تي عذاب ٻيڻو ڪيو ويندو. نه اُهي (حق) ٻڌي سگهندا هيا ۽ نه اهي (حق) ڏسي سگهندا هيا. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 21) |
اُهي آهن جن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو ۽ اُهو سڀ انهن کان گم ٿي ويو جيڪي ٺاهه ٺاهيندا هئا. |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 22) |
هي بلڪل حق آهي ته يقينًا اُهي آخرت ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان وارا آهن. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَأَخبَتوا إِلىٰ رَبِّهِم أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 23) |
بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون ۽ پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ عاجزي ڪندا رهيا اهي جنتي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهندا. |
مَثَلُ الفَريقَينِ كَالأَعمىٰ وَالأَصَمِّ وَالبَصيرِ وَالسَّميعِ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 24) |
انهن ٻنهين ڌرين (مسلمانن ۽ ڪافرن) جو مثال ائين آهي جيئن هڪ هجي انڌو ۽ ٻوڙو ۽ ٻيو هجي ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ. ڇا اهي ٻئي پاڻ ۾ برابر ٿي سگھن ٿا؟ ڇا اوهان پوءِ (به) نصيحت نه ٿا قبول ڪيو. |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 25) |
۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو (چيائين ته) ”آءٌ اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. |
أَن لا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 26) |
جو اوهان الله کان سواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪيو. بيشڪ آءٌ اوهان تي دردناڪ ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو“. |
فَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما نَرىٰكَ إِلّا بَشَرًا مِثلَنا وَما نَرىٰكَ اتَّبَعَكَ إِلَّا الَّذينَ هُم أَراذِلُنا بادِىَ الرَّأىِ وَما نَرىٰ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ بَل نَظُنُّكُم كٰذِبينَ (آيت : 27) |
پوءِ ان جي قوم جي ڪافر سردارن چيو ته: ”اسان ته توکي پاڻ جهڙو بشر ئي ڏسون ٿا ۽ اسان نه ٿا ڏسون جو تنهنجي ڪنهن پيروي ڪئي هجي سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي اسان مان نيچ ۽ سطحي سوچ رکڻ وارا آهن، ۽ اسان اوهان جي ڪا فضيلت پاڻ مٿان نه ٿا ڏسون بلڪه اسان اوهان کي ڪوڙو سمجهون ٿا“. |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى رَحمَةً مِن عِندِهِ فَعُمِّيَت عَلَيكُم أَنُلزِمُكُموها وَأَنتُم لَها كٰرِهونَ (آيت : 28) |
(نوح چيو)”اي منهنجي قوم! ٻڌايو ته سهي اگر آءٌ پنهنجي پالڻهار پاران روشن دليل تي هجان ۽ ان مون کي پاڻ وٽان رحمت به ڏني هجي پوءِ اُها اوهان تي پوشيده ڪئي وئي هجي. ته ڇا اوهان تي اها زبردستي مڙهي سگهون ٿا حالانڪه اوهان ان کي ناپسند ڪندڙ هجو. |
وَيٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مالًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَما أَنا۠ بِطارِدِ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَلٰكِنّى أَرىٰكُم قَومًا تَجهَلونَ (آيت : 29) |
۽ اي منهنجي قوم! آءٌ هن (تبليغ) تي توهان کان مال نه ٿو گهران. منهنجي مزدوري ڪنهن تي ڪونهي سواءِ الله جي ۽ آءٌ ايمان وارن کي تڙڻ وارو نه آهيان. بيشڪ اُهي پنهنجي پالڻهار سان ملڻ وارا آهن ۽ پر آءٌ ته اوهان کي جاهل قوم سمجھان ٿو. |
وَيٰقَومِ مَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن طَرَدتُهُم أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 30) |
۽ اي منهنجي قوم! جيڪڏهن آءٌ انهن کي تڙيندس ته الله جي ڏمر کان منهنجي مدد ڪير ڪندو؟ ڇا پوءِ توهان نصيحت نه ٿا پِرايو. |
وَلا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ إِنّى مَلَكٌ وَلا أَقولُ لِلَّذينَ تَزدَرى أَعيُنُكُم لَن يُؤتِيَهُمُ اللَّهُ خَيرًا اللَّهُ أَعلَمُ بِما فى أَنفُسِهِم إِنّى إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 31) |
۽ آءٌ اوهان کي نه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نه آءٌ (ازخود) غيب ڄاڻندڙ آهيان ۽ نه ٿو چوان ته آءٌ ڪو ملائڪ آهيان ۽ جن کي اوهان جون اکيون حقير ڏسن ٿيون تن لاءِ نه ٿو چوان ته الله انهن کي ڪا ڀلائي نه ڏيندو. الله زور ڄاڻندڙ آهي جيڪي انهن جي دلين ۾ آهي (اگر ائين چوان ته) ان وقت بيشڪ آءٌ بي انصافن مان ٿي پوندس“. |
قالوا يٰنوحُ قَد جٰدَلتَنا فَأَكثَرتَ جِدٰلَنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 32) |
چيائون: ”اي نوح! بيشڪ تو اسان سان بحث ڪيو پوءِ تو گهڻو ئي بحث ڪيو اسان تي اُهو (عذاب) آڻ جنهن کان تون اسان کي ڌمڪائين ٿو. جي تون سچن مان آهين. |
قالَ إِنَّما يَأتيكُم بِهِ اللَّهُ إِن شاءَ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 33) |
چيائين: ”اُهو ته صرف الله توهان تي آڻيندو جي اهو چاهي ۽ اوهان (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو. |
وَلا يَنفَعُكُم نُصحى إِن أَرَدتُ أَن أَنصَحَ لَكُم إِن كانَ اللَّهُ يُريدُ أَن يُغوِيَكُم هُوَ رَبُّكُم وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 34) |
۽ اوهان کي منهنجي نصيحت نفعو نه ڏيندي اگر آءٌ اوهان کي نصيحت ڪرڻ چاهيان جي الله اوهان کي گمراهه ڪرڻ جو ارادو ڪيو هجي. اُهو اوهان جو پالڻهار آهي، ۽ اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ“. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل إِنِ افتَرَيتُهُ فَعَلَىَّ إِجرامى وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تُجرِمونَ (آيت : 35) |
(اي نبي) ڇا اهي چون ٿا ته هي (قرآن) پاڻ ٺاهيو اٿس. چئو ته: ”جيڪڏهن مون ان کي ٺاهيو آهي ته منهنجو ڏوهه مون تي آهي ۽ آءٌ ان کان بيزار آهيان جيڪي اوهان ڏوهه ڪيو ٿا“. |
وَأوحِىَ إِلىٰ نوحٍ أَنَّهُ لَن يُؤمِنَ مِن قَومِكَ إِلّا مَن قَد ءامَنَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) |
۽ نوح ڏانهن وحي ڪئي وئي ته تنهنجي قوم مان ڪوبه ايمان ڪونه آڻيندو سواءِ انهن جي جيڪي ايمان آڻي چڪا. پوءِ تون ڏکارو نه ٿيءُ انهن ڪمن تي جيڪي اهي ڪن ٿا. |
وَاصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 37) |
۽ تون ٻيڙي ٺاهه اسان جي سامهون اسان جي حڪم مطابق ۽ ظالمن جي باري ۾ مون سان نه ڳالهائجانءِ، بيشڪ اُهي ٻوڙيا ويندا. |
وَيَصنَعُ الفُلكَ وَكُلَّما مَرَّ عَلَيهِ مَلَأٌ مِن قَومِهِ سَخِروا مِنهُ قالَ إِن تَسخَروا مِنّا فَإِنّا نَسخَرُ مِنكُم كَما تَسخَرونَ (آيت : 38) |
۽ ٻيڙي ٺاهڻ لڳو. ۽ جڏهن سندس قوم جا سردار ان وٽان لنگهندا هئا ته ان تي ٺٺول ڪندا هئا. چيائين: ”جيڪڏهن (اڄ) اوهان اسان تان ٺٺول ڪيو ٿا ته (سڀاڻي) اسان به اوهان تي ٺٺول ڪنداسين جيئن اوهين ٺٺول ڪيو ٿا. |
فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 39) |
پوءِ جلدي ڄاڻندؤ ته ڪنهن تي عذاب ٿو اچي جو ان کي خوار ٿو ڪري ۽ (آخرت ۾ به) ان تي هميشه رهڻ وارو عذاب ٿو اچي“. |
حَتّىٰ إِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ قُلنَا احمِل فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ وَمَن ءامَنَ وَما ءامَنَ مَعَهُ إِلّا قَليلٌ (آيت : 40) |
ايستائين جو جڏهن اسان جو امر آيو ۽ تنورَ (چشمي وانگر) ٻُنڀُ ڏنو اسان چيو: ”(اي نوح) ان ۾ هر جانور جا جوڙا ٻه ٻه (نر ۽ مادي) کڻ ۽ پنهنجي گهر وارن کي (به کڻ) سواءِ ان جي جنهن تي (هلاڪت جو) فرمان ٿي چڪو آهي ۽ جن به ايمان آندو آهي (تن کي به کڻ.)“ ۽ ان سان گڏ نه ايمان آندو هيو، سواءِ ڪن ٿورڙن جي. |
وَقالَ اركَبوا فيها بِسمِ اللَّهِ مَجر۪ىٰها وَمُرسىٰها إِنَّ رَبّى لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 41) |
۽ (نوح) چيو: ”ان (ٻيڙيءَ) ۾ سوار ٿيو ان جو هلڻ ۽ بيهڻ الله جي نالي سان آهي. بيشڪ منهنجو پالڻهار وڏو بخشڻهار، ٻاجهارو آهي“. |
وَهِىَ تَجرى بِهِم فى مَوجٍ كَالجِبالِ وَنادىٰ نوحٌ ابنَهُ وَكانَ فى مَعزِلٍ يٰبُنَىَّ اركَب مَعَنا وَلا تَكُن مَعَ الكٰفِرينَ (آيت : 42) |
۽ اها جبلن جهڙين لهرن ۾ کين کڻي هلي رهي هئي، ۽ نوح پنهنجي پُٽ کي سڏيو ۽ اُهو ڪناري تي هيو ته: ”اي منهنجا پُٽڙا! اسان سان گڏ سوار ٿي ۽ ڪافرن سان گڏ نه هُج“. |
قالَ سَـٔاوى إِلىٰ جَبَلٍ يَعصِمُنى مِنَ الماءِ قالَ لا عاصِمَ اليَومَ مِن أَمرِ اللَّهِ إِلّا مَن رَحِمَ وَحالَ بَينَهُمَا المَوجُ فَكانَ مِنَ المُغرَقينَ (آيت : 43) |
چيائين: ”آءُ هاڻي ئي ڪنهن جبل جي وڃي پناهه ٿو وٺان جيڪو مون کي پاڻي کان بچائيندو“. (نوح) چيو ته: ”اڄ الله جي عذاب کان بچائڻ وارو ڪوبه نه آهي سواءِ ان جي جنهن تي پاڻ رحم ڪري. ۽ ايتري ۾ ٻنهين جي وچ ۾ لهر اچي وئي ۽ اُهو ٻڏڻ وارن مان ٿي ويو“. |
وَقيلَ يٰأَرضُ ابلَعى ماءَكِ وَيٰسَماءُ أَقلِعى وَغيضَ الماءُ وَقُضِىَ الأَمرُ وَاستَوَت عَلَى الجودِىِّ وَقيلَ بُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
۽ چيو ويو ته: ”اي زمين! پنهنجو پاڻي ڳِهي ڇڏ! ۽ اي آسمان رڪجي وڃ“! ۽ پاڻي سُڪايو ويو ۽ ڪم پورو ڪيو ويو (يعني فيصلو چُڪايو ويو) ۽ (ٻيڙي) جُودي جبل تي (وڃي) بيٺي ۽ چيو ويو ته ظالمن جي قوم لاءِ (رحمت کان) دوري آهي. |
وَنادىٰ نوحٌ رَبَّهُ فَقالَ رَبِّ إِنَّ ابنى مِن أَهلى وَإِنَّ وَعدَكَ الحَقُّ وَأَنتَ أَحكَمُ الحٰكِمينَ (آيت : 45) |
۽ نوح پنهنجي پالڻهارکي سڏيو پوءِ چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار منهنجو پُٽ (به ته) منهنجي گهراڻي مان هيو ۽ بيشڪ تنهنجو وعدو سچو آهي، ۽ تون سڀ حاڪمن کان وڏو (۽ ڀلو) حاڪم آهين. |
قالَ يٰنوحُ إِنَّهُ لَيسَ مِن أَهلِكَ إِنَّهُ عَمَلٌ غَيرُ صٰلِحٍ فَلا تَسـَٔلنِ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنّى أَعِظُكَ أَن تَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 46) |
فرمايائين: ”اي نوح! اهو تنهنجي گهراڻي مان نه آهي، بلاشڪ ان جا عمل ناشائسته آهن. پوءِ مون کان اهو نه گھر جنهن جي تو وٽ ڄاڻ نه آهي. بيشڪ آءٌ تو کي نصيحت ڪيان ٿو متان تون نادانن مان ٿين“. |
قالَ رَبِّ إِنّى أَعوذُ بِكَ أَن أَسـَٔلَكَ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَإِلّا تَغفِر لى وَتَرحَمنى أَكُن مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 47) |
نوح چيو: ”اي منهنجا مالڪ! بيشڪ آءٌ تو کان پناهه گهران ٿو جو تو کان اُها (شيءِ ) گھران جنهن جو مون کي علم نه آهي. ۽ جيڪڏهن تون مون کي معاف نه ڪندين ۽ مون تي رحم نه ڪندين ته آءٌ نقصان وارن منجھان ٿي پوندس“. |
قيلَ يٰنوحُ اهبِط بِسَلٰمٍ مِنّا وَبَرَكٰتٍ عَلَيكَ وَعَلىٰ أُمَمٍ مِمَّن مَعَكَ وَأُمَمٌ سَنُمَتِّعُهُم ثُمَّ يَمَسُّهُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 48) |
چيو ويو: ”اي نوح! (ٻيڙي مان) لهي وڃ اسان جي طرفان سلامتي ۽ برڪتن سان جيڪي تو تي آهن ۽ انهن جماعتن تي آهن جيڪي تو سان گڏ آهن. ۽ ڪي جماعتون اهڙيون ٿينديون جن کي اسان آسودو ڪنداسين پوءِ انهن کي اسان جي طرفان دردناڪ عذاب پهچندو. |
تِلكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيها إِلَيكَ ما كُنتَ تَعلَمُها أَنتَ وَلا قَومُكَ مِن قَبلِ هٰذا فَاصبِر إِنَّ العٰقِبَةَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 49) |
اهي (ڳالهيون) ڳُجهه جي خبرن مان آهن جيڪي اسان تو ڏانهن وحي ڪيون ٿا. هن کان اڳ نه تون انهن کي ڄاڻندو هئين نه تنهنجي قوم .. پوءِ صبر ڪر.. بيشڪ (چڱي) پڇاڙي پرهيزگارن لاءِ آهي“. |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِن أَنتُم إِلّا مُفتَرونَ (آيت : 50) |
۽ عاد ڏانهن سندن (قومي) ڀاءُ هود کي (موڪليوسين). چيائين: ”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيو ان کان سواءِ اوهان جو ڪو معبود ناهي. اوهان رڳو ڪوڙا بهتان مڙهيندڙ آهيو. |
يٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى الَّذى فَطَرَنى أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 51) |
اي منهنجي قوم! آءٌ ان تي اوهان کان ڪا مزدوري نه ٿو گهران. منهنجو اجر رڳو ان تي ئي آهي جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي. ڇا پوءِ به عقل کان ڪم نه ٿا وٺو. |
وَيٰقَومِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا وَيَزِدكُم قُوَّةً إِلىٰ قُوَّتِكُم وَلا تَتَوَلَّوا مُجرِمينَ (آيت : 52) |
۽ اي منهنجي قوم! پنهنجي پالڻهارکان بخشش گهرو پوءِ ان ڏانهن موٽ ڪيو ته اوهان تي آسمان مان گهڻي بارش وسائيندو ۽ اوهان جي طاقت مٿان طاقت وڌائيندو ۽ اوهان ڏوهاري بنجي مُنهن نه موڙيو“. |
قالوا يٰهودُ ما جِئتَنا بِبَيِّنَةٍ وَما نَحنُ بِتارِكى ءالِهَتِنا عَن قَولِكَ وَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 53) |
چيائون: ”اي هود! تو اسان تي ڪو چِٽو دليل ڪو نه آندو آهي ۽ اسان تنهنجي چوڻ تي پنهنجا معبود ڇڏڻ وارا نه آهيون ۽ نه ئي اسان تو تي ايمان آڻڻ وارا آهيون. |
إِن نَقولُ إِلَّا اعتَرىٰكَ بَعضُ ءالِهَتِنا بِسوءٍ قالَ إِنّى أُشهِدُ اللَّهَ وَاشهَدوا أَنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 54) |
اسان ته اهوئي چئون ٿا ته اسان جي معبودن مان ڪنهن توکي بري طرح بيمار ڪيو آهي“. فرمايائين: ”بيشڪ آءٌ الله کي شاهد بنايان ٿو ۽ اوهان به شاهد هجو ته آءٌ انهن کان بيزار آهيان جن کي اوهان شريڪ بنايو ٿا. |
مِن دونِهِ فَكيدونى جَميعًا ثُمَّ لا تُنظِرونِ (آيت : 55) |
سواءِ ان (الله) جي. پوءِ اوهان سڀ ملي منهنجي خلاف سازشون ڪيو پوءِ مون کي بلڪل مُهلت نه ڏيو. |
إِنّى تَوَكَّلتُ عَلَى اللَّهِ رَبّى وَرَبِّكُم ما مِن دابَّةٍ إِلّا هُوَ ءاخِذٌ بِناصِيَتِها إِنَّ رَبّى عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 56) |
بيشڪ مون الله مٿان ڀروسو ڪيو آهي جيڪو منهنجو ۽ اوهان جو پروردگار آهي. ڪوبه چُرندڙ ساهدار اهڙو ناهي مگر اهو ان جي پيشاني کان پڪڙيندڙ آهي. بيشڪ منهنجو پالڻهار سڌي راهه تي آهي. |
فَإِن تَوَلَّوا فَقَد أَبلَغتُكُم ما أُرسِلتُ بِهِ إِلَيكُم وَيَستَخلِفُ رَبّى قَومًا غَيرَكُم وَلا تَضُرّونَهُ شَيـًٔا إِنَّ رَبّى عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 57) |
پوءِ جي اوهان مُنهن ڦيريندئو (ته ڀلي ڦيريو) پوءِ بيشڪ مون اوهان کي اُهو پيغام پهچائي ڇڏيو آهي جنهن سان مون کي اوهان ڏانهن موڪليو ويو هيو. ۽ منهنجو پالڻهار اوهان جي جاءِ تي ڪنهن ٻي قوم کي جانشين بنائي ڇڏيندو، ۽ اوهان ان کي ڪنهن به شيءِ جو نقصان پهچائي نه سگهندؤ. بيشڪ منهنجو پالڻهار هر شيءِ تي نگهبان آهي“. |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا هودًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَنَجَّينٰهُم مِن عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 58) |
۽ جڏهن اسان جو حڪمِ (عذاب) پهتو ته اسان هود کي ۽ جن ساڻس گڏ ايمان آندو هيو تن کي پنهنجي رحمت سان بچايو. ۽ اسان کين سخت عذاب کان نجات ڏني. |
وَتِلكَ عادٌ جَحَدوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَعَصَوا رُسُلَهُ وَاتَّبَعوا أَمرَ كُلِّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 59) |
۽ اها عاد (جي قوم) هئي. جن پنهنجي پالڻهار جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ سندن رسولن جي نافرماني ڪيائون ۽ هر سرڪش ۽ وڏي وير رکڻ واري جي حڪم جي پيروي ڪيائون. |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ أَلا إِنَّ عادًا كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِعادٍ قَومِ هودٍ (آيت : 60) |
۽ هن دنيا ۾ انهن پٺيان لعنت لڳائي وئي ۽ قيامت جي ڏينهن (به لعنتي هوندا.) خبردار! بيشڪ (قومِ) عاد پنهنجي پالڻهار سان ڪفر ڪيو. خبردار! هود جي قوم عاد لاءِ (رحمت کان) دوري آهي. |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ هُوَ أَنشَأَكُم مِنَ الأَرضِ وَاستَعمَرَكُم فيها فَاستَغفِروهُ ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى قَريبٌ مُجيبٌ (آيت : 61) |
۽ ثمود ڏانهن سندن (قومي) ڀاءُ صالح کي (موڪليوسين). ان چيو: ”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيو ان کان سواءِ اوهان جو ڪو معبود ناهي. ان اوهان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ ان ۾ اوهان کي آباد ڪيائين پوءِ ان کان بخشش گهرو پوءِ ان ڏانهن رجوع ڪيو. بيشڪ منهنجو پالڻهار تمام ويجهو، دعائون قبول ڪندڙ آهي“. |
قالوا يٰصٰلِحُ قَد كُنتَ فينا مَرجُوًّا قَبلَ هٰذا أَتَنهىٰنا أَن نَعبُدَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا وَإِنَّنا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 62) |
چيائون: ”اي صالح! بيشڪ هن کان اڳ اسان ۾ تون اميدن ڀريو (مقبول شخصيت) هئين. ڇا تون اسان کي انهن جي عبادت کان روڪين ٿو؟ جن کي اسان جا پيئر پوڄيندا هئا ۽ بلاشڪ اسان کي ته ان ۾ حيران ڪندڙ شڪ آهي جنهن ڏانهن تون اسان کي سڏين ٿو“. |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى مِنهُ رَحمَةً فَمَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن عَصَيتُهُ فَما تَزيدونَنى غَيرَ تَخسيرٍ (آيت : 63) |
(صالح) چيو: ”اي منهنجي قوم! مون کي ٻڌايو ته سهي جيڪڏهن آءٌ پنهنجي پالڻهار پاران چِٽي دليل تي هجان. ۽ ان مون کي پاڻ وٽان رحمت ڏني هجي پوءِ به جي آءٌ سندس بي فرماني ڪيان ته ڪير آهي جيڪو الله (جي عذاب کان) بچائڻ ۾ منهنجي مدد ڪندو؟ پوءِ اوهان نقصان پهچائڻ کان سواءِ مون لاءِ ٻيو ڪجهه ڪونه ٿا وڌايو. |
وَيٰقَومِ هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ قَريبٌ (آيت : 64) |
۽ اي منهنجي قوم! هي الله جي ڏاچي آهي جيڪا اوهان لاءِ نشاني آهي. پوءِ ان کي ڇڏي ڏيو ته الله جي زمين ۾ کائيندي رهي ۽ ان کي بُري ارادي سان هٿ به نه لايو نه ته اوهان کي جلدي عذاب پڪڙيندو“. |
فَعَقَروها فَقالَ تَمَتَّعوا فى دارِكُم ثَلٰثَةَ أَيّامٍ ذٰلِكَ وَعدٌ غَيرُ مَكذوبٍ (آيت : 65) |
پوءِ ان جا پير وڍيائون. (ان کي قتل ڪيائون) پوءِ صالح چيو ته: ”اوهان پنهنجي گهرن ۾ ٽي ڏينهن مزا ماڻي وٺو. اهو وعدو آهي جيڪو (ڪڏهن) ڪوڙو نه ٿيندو“. |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا صٰلِحًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَمِن خِزىِ يَومِئِذٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ القَوِىُّ العَزيزُ (آيت : 66) |
پوءِ جڏهن اسان جو حڪمِ (عذاب) آيو ته اسان صالح کي ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو هيو تن کي پنهنجي رحمت سان نجات ڏني ۽ ان ڏينهن جي خواري کان به (بچايوسين.) بيشڪ تنهنجو پالڻهار طاقتور غالب آهي. |
وَأَخَذَ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 67) |
۽ ظالمن کي خوفناڪ آواز اچي ورتو پوءِ صبح ان حال ۾ ڪيائون جو پنهنجي گهرن ۾ اونڌا پيا هئا. |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا إِنَّ ثَمودَا۟ كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِثَمودَ (آيت : 68) |
ڄڻ ته اُهي ان ۾ رهيا ئي نه هئا. خبردار! بيشڪ ثمود پنهنجي پالڻهار سان ڪفر ڪيو. خبردار! ثمود لاءِ (رحمت کان) دوري آهي. |
وَلَقَد جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ فَما لَبِثَ أَن جاءَ بِعِجلٍ حَنيذٍ (آيت : 69) |
۽ بيشڪ اسان جا موڪليل (ملائڪ) ابراهيم وٽ خوشخبري کڻي آيا چيائون: ”سلام.“ ابراهيم به ”سلام“ چيو. پوءِ دير نه ڪيائين جو ڀُڳل گابي (جو گوشت مهماني ۾ ) پيش ڪيائين. |
فَلَمّا رَءا أَيدِيَهُم لا تَصِلُ إِلَيهِ نَكِرَهُم وَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومِ لوطٍ (آيت : 70) |
پوءِ جڏهن انهن جي هٿن ڏي ڏٺائين ته ان (کاڌي) ڏانهن نه ٿا وڌن ته انهن کي اجنبي سمجهيائين ۽ انهن کان خوف محسوس ڪيائين. چيائون: ”نه ڊڄ بلاشڪ اسان لوط جي قوم طرف موڪليا ويا آهيون“. |
وَامرَأَتُهُ قائِمَةٌ فَضَحِكَت فَبَشَّرنٰها بِإِسحٰقَ وَمِن وَراءِ إِسحٰقَ يَعقوبَ (آيت : 71) |
۽ ان (ابراهيم) جي زال بيٺل هئي. پوءِ کِلي پئي پوءِ اسان کيس (پٽ) اسحاق جي ۽ اسحاق جي پويان (پوٽي) يعقوب جي خوشخبري ڏني. |
قالَت يٰوَيلَتىٰ ءَأَلِدُ وَأَنا۠ عَجوزٌ وَهٰذا بَعلى شَيخًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 72) |
چيائين: ”هاءِ حيراني ڇا آءٌ ٻار ڄڻيندس؟ حالانڪه آءٌ ڪراڙي ٿي چڪي آهيان ۽ هي منهنجو مڙس به عمر رسيده آهي. بيشڪ هي ته وڏي عجيب شيءِ آهي“. |
قالوا أَتَعجَبينَ مِن أَمرِ اللَّهِ رَحمَتُ اللَّهِ وَبَرَكٰتُهُ عَلَيكُم أَهلَ البَيتِ إِنَّهُ حَميدٌ مَجيدٌ (آيت : 73) |
(فرشتن) چيو: ”ڇا تون الله جي حڪم تي عجب ٿي ڪرين؟ اي (ابراهيم جي) گهر وارؤ ! اوهان تي الله جي رحمت ۽ ان جون برڪتون آهن. بيشڪ اُهو ساراهيل وڏي شان وارو آهي“. |
فَلَمّا ذَهَبَ عَن إِبرٰهيمَ الرَّوعُ وَجاءَتهُ البُشرىٰ يُجٰدِلُنا فى قَومِ لوطٍ (آيت : 74) |
پوءِ جڏهن ابراهيم تان ڊپ لٿو ۽ ان وٽ (اولاد جي) خوشخبري آئي ته اسان سان لوط جي قوم بابت جهڳڙو ڪرڻ لڳو. |
إِنَّ إِبرٰهيمَ لَحَليمٌ أَوّٰهٌ مُنيبٌ (آيت : 75) |
بيشڪ ابراهيم وڏو بردبار، نرم دل (اسان ڏانهن) رجوع ڪرڻ وارو هيو. |
يٰإِبرٰهيمُ أَعرِض عَن هٰذا إِنَّهُ قَد جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَإِنَّهُم ءاتيهِم عَذابٌ غَيرُ مَردودٍ (آيت : 76) |
اي ابراهيم ان ڳالهه کان مُڙي وڃ. بيشڪ ڳالهه هي آهي ته تنهنجي رب جو حڪمِ (عذاب) اچي چڪو آهي. ۽ بيشڪ انهن تي نه ٽرندڙ عذاب اچڻ وارو آهي. |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالَ هٰذا يَومٌ عَصيبٌ (آيت : 77) |
۽ جڏهن اسان جا موڪليل (فرشتا) لوط وٽ آيا ته انهن جي اچڻ سان غمگين ٿي پيو. ۽ انهن جي سبب تنگ دل ٿي پيو ۽ چيائين ته: ”هي ڏاڍو سخت ڏينهن آهي“. |
وَجاءَهُ قَومُهُ يُهرَعونَ إِلَيهِ وَمِن قَبلُ كانوا يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ قالَ يٰقَومِ هٰؤُلاءِ بَناتى هُنَّ أَطهَرُ لَكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ فى ضَيفى أَلَيسَ مِنكُم رَجُلٌ رَشيدٌ (آيت : 78) |
۽ سندس قوم وٽس ڊوڙندي آئي. ۽ اڳ به اُهي بدڪاريون ڪندا هئا. (لوط) چيو: ”اي منهنجي قوم! هي منهنجون نياڻيون آهن اُهي اوهان لاءِ (بطريق نڪاح) پاڪيزه (يعني حلال) آهن. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ مون کي منهنجي مهمانن ۾ خوار نه ڪيو. ڇا اوهان مان ڪوبه سڌريل ماڻهو نه آهي“؟ |
قالوا لَقَد عَلِمتَ ما لَنا فى بَناتِكَ مِن حَقٍّ وَإِنَّكَ لَتَعلَمُ ما نُريدُ (آيت : 79) |
چيائون: ”تون ڄاڻين ٿو ته اسان کي تنهنجي نياڻين سان ڪو غرض نه آهي، ۽ بيشڪ تون ڄاڻين ٿو جيڪي اسان چاهيون ٿا“. |
قالَ لَو أَنَّ لى بِكُم قُوَّةً أَو ءاوى إِلىٰ رُكنٍ شَديدٍ (آيت : 80) |
چيائين: ”هائو جي مون ۾ اوهان سان مقابلي جي طاقت هجي ها! يا آءٌ ڪنهن مضبوط قلعي ۾ پناهه وٺان ها“. |
قالوا يٰلوطُ إِنّا رُسُلُ رَبِّكَ لَن يَصِلوا إِلَيكَ فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ إِلَّا امرَأَتَكَ إِنَّهُ مُصيبُها ما أَصابَهُم إِنَّ مَوعِدَهُمُ الصُّبحُ أَلَيسَ الصُّبحُ بِقَريبٍ (آيت : 81) |
(فرشتن) چيو: ”اي لوط! بيشڪ اسان تنهنجي پالڻهار طرفان موڪليل آهيون اهي تو تائين پهچي نه سگهندا سو تون پنهنجي گهروارن کي وٺي رات جي پوئين حصي ۾ نڪر ۽ اوهان مان ڪو مُنهن ڦيري (پوئتي) نه واجھائي سواءِ تنهنجي زال جي. بيشڪ ان کي به اهو (عذاب) پهچڻ وارو آهي جيڪو انهن کي پهچندو. بيشڪ سندن (انجام جي) وعدي وارو وقت صبح آهي. ڇا صبح ويجهو نه آهي“؟ |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا جَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيها حِجارَةً مِن سِجّيلٍ مَنضودٍ (آيت : 82) |
پوءِ جڏهن اسان جو حڪمِ (عذاب) پهتو ته اسان ان ڳوٺ جي مٿئين حصي کي هيٺيون حصو ڪري (اونڌو ڪري) ڇڏيو ۽ اسان انهن تي مٽيءَ جا پٿريلا ڪُڪُرا وسايا جيڪي تهن مٿان تهه ٿي ڪِريا. |
مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ وَما هِىَ مِنَ الظّٰلِمينَ بِبَعيدٍ (آيت : 83) |
جيڪي تنهنجي پالڻهار وٽان نشان ڪيل هئا (ته ڪهڙي پٿر سان ڪهڙو ظالم مرندو). ۽ اها (سزا) ظالمن کان (هاڻي به) پري نه آهي. |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ وَلا تَنقُصُوا المِكيالَ وَالميزانَ إِنّى أَرىٰكُم بِخَيرٍ وَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ مُحيطٍ (آيت : 84) |
۽ مدين (وارن) ڏانهن انهن جي ڀاءُ شعيب کي (موڪليوسين). چيائين: ”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيواوهان لاءِ ان کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي. ۽ ماپ ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪيو. بيشڪ آءٌ اوهان کي آسودو ڏسان ٿو ۽ بيشڪ آءٌ اوهان تي وڪوڙيندڙ ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. |
وَيٰقَومِ أَوفُوا المِكيالَ وَالميزانَ بِالقِسطِ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 85) |
۽ اي منهنجي قوم! ماپ ۽ تور انصاف سان پوري ڪيو. ۽ ماڻهن کي انهن جون شيون گهٽائي نه ڏيو ۽ زمين ۾ خرابي ۽ فساد نه مچائيندا وتو. |
بَقِيَّتُ اللَّهِ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 86) |
الله جو بچايل نفعو اوهان لاءِ زور ڀلو آهي جي اوهان ايمان وارا آهيو. ۽ آءٌ اوهان تي نگهبان نه آهيان“. |
قالوا يٰشُعَيبُ أَصَلوٰتُكَ تَأمُرُكَ أَن نَترُكَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا أَو أَن نَفعَلَ فى أَموٰلِنا ما نَشٰؤُا۟ إِنَّكَ لَأَنتَ الحَليمُ الرَّشيدُ (آيت : 87) |
چيائون: ”اي شعيب ! ڇا تنهنجي نماز تو کي اهو حڪم ڏئي ٿي ته اسان انهن (معبودن) کي ڇڏي ڏيون؟ جن جي اسان جا پيئر (ابا، ڏاڏا) عبادت ڪندا هئا. يا جيڪو واڌارو پنهنجي مالن ۾ ڪرڻ چاهيون ٿا سو ڇڏي ڏيون. (ٺٺول ڪندي چيائون) بيشڪ تون ته وڏو بردبار هدايت يافته آهين“. |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَرَزَقَنى مِنهُ رِزقًا حَسَنًا وَما أُريدُ أَن أُخالِفَكُم إِلىٰ ما أَنهىٰكُم عَنهُ إِن أُريدُ إِلَّا الإِصلٰحَ مَا استَطَعتُ وَما تَوفيقى إِلّا بِاللَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ (آيت : 88) |
چيائين: ”اي منهنجي قوم! مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجي پالڻهار وٽان چِٽي دليل تي هجان ۽ ان مون کي پاڻ وٽان سهڻو رزق به ڏنو هجي. (ته آءٌ ان جو حڪم ڪيئن نه مڃان) ۽ آءٌ نه ٿو چاهيان ته اوهان جي مخالفت ڪري پاڻ اُهو ڪم ڪيان جنهن کان اوهان کي منع ڪيان ٿو. منهنجو ٻيو ڪو ارادو نه آهي سواءِ سُڌاري جي جيتريقدر مون کان ٿي سگھيو. ۽ الله کان سواءِ مون کي ڪا توفيق نه آهي. مون ان تي ڀروسو ڪيو ۽ ان جي طرف موٽان ٿو. |
وَيٰقَومِ لا يَجرِمَنَّكُم شِقاقى أَن يُصيبَكُم مِثلُ ما أَصابَ قَومَ نوحٍ أَو قَومَ هودٍ أَو قَومَ صٰلِحٍ وَما قَومُ لوطٍ مِنكُم بِبَعيدٍ (آيت : 89) |
۽ اي منهنجي قوم! ائين نه ٿئي جو منهنجي مخالفت اوهان کي اهي (عذاب) پهچائي جيڪي قومِ نوح يا قومِ هود يا قومِ صالح کي پهتا هئا. ۽ لوط جي قوم ته توهان کان پري ناهي. |
وَاستَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى رَحيمٌ وَدودٌ (آيت : 90) |
۽ پنهنجي پالڻهار کان بخشش گهرو ۽ پوءِ ان ڏانهن موٽو. بيشڪ منهنجو پالڻهار ٻاجهارو گهڻي محبت ڪرڻ وارو آهي“. |
قالوا يٰشُعَيبُ ما نَفقَهُ كَثيرًا مِمّا تَقولُ وَإِنّا لَنَرىٰكَ فينا ضَعيفًا وَلَولا رَهطُكَ لَرَجَمنٰكَ وَما أَنتَ عَلَينا بِعَزيزٍ (آيت : 91) |
چيائون: ”اي شعيب! گهڻيون ڳالهيون اسان کي سمجهه ۾ نه ٿيون اچن جيڪي تون چوين ٿو ۽ بيشڪ اسان تو کي پاڻ ۾ ڪمزور ڏسون ٿا، ۽ جي تنهنجو قبيلو نه هجي ها ته اسان تو کي سنگسار ڪيون ها ۽ تون اسان جي مٿان وڏي حيثيت وارو نه آهين“. |
قالَ يٰقَومِ أَرَهطى أَعَزُّ عَلَيكُم مِنَ اللَّهِ وَاتَّخَذتُموهُ وَراءَكُم ظِهرِيًّا إِنَّ رَبّى بِما تَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 92) |
(شعيب) چيو: ”اي منهنجي قوم! ڇا منهنجو قبيلو اوهان وٽ الله کان وڌيڪ عزت وارو آهي؟ ۽ اوهان ان کي پٺيءَ پويان ڇڏيو آهي؟ بيشڪ منهنجو پالڻهار جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا ان کي گهيرو ڪندڙ آهي. |
وَيٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ سَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَمَن هُوَ كٰذِبٌ وَارتَقِبوا إِنّى مَعَكُم رَقيبٌ (آيت : 93) |
۽ اي منهنجي قوم! اوهان پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪيو بيشڪ آءٌ به ڪم ڪندڙ آهيان. سگهوئي اوهان ڄاڻندؤ ته ڪنهن تي عذاب اچي ٿو؟ جو ان کي خوار ڪري ٿو ۽ ڪير ڪوڙو آهي؟ ۽ انتظار ڪيو آءٌ به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيان“. |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا شُعَيبًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَأَخَذَتِ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 94) |
۽ جڏهن اسان جو حڪمِ (عذاب) آيو ته اسان شعيب کي ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو هيو تن کي پنهنجي رحمت سان نجات ڏني ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو تن کي خوفناڪ آواز پڪڙيو پوءِ انهن صبح ان حال ۾ ڪيو جو پنهنجي گهرن ۾ اونڌا پيل هئا. |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا بُعدًا لِمَديَنَ كَما بَعِدَت ثَمودُ (آيت : 95) |
ڄڻڪ ان ۾ رهيا ئي نه هئا. خبردار! مدين وارن لاءِ (رحمت کان) دوري ٿي وئي، جيئن ثمود لاءِ (رحمت کان) دوري ٿي وئي هئي. |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 96) |
۽ بيشڪ اسان موسى کي پنهنجي نشانين ۽ روشن دليل سان موڪليو. |
إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاتَّبَعوا أَمرَ فِرعَونَ وَما أَمرُ فِرعَونَ بِرَشيدٍ (آيت : 97) |
فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن پوءِ انهن فرعون جي حڪم جي پيروي ڪئي. حالانڪه فرعون جو حڪم چڱائي وارو نه هيو. |
يَقدُمُ قَومَهُ يَومَ القِيٰمَةِ فَأَورَدَهُمُ النّارَ وَبِئسَ الوِردُ المَورودُ (آيت : 98) |
اهو قيامت واري ڏينهن سندس قوم اڳيان هوندو پوءِ انهن کي باهه ۾ آڻي وجھندو. ۽ ڪهڙو برو گھيڙ آهي جتي آندا ويندا. |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ بِئسَ الرِّفدُ المَرفودُ (آيت : 99) |
۽ هن دنيا ۾ انهن پٺيان لعنت لڳائي وئي آهي ۽ قيامت واري ڏينهن به (مٿن لعنت هوندي.) برو صِلو آهي جو کين ڏنو ويندو. |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ القُرىٰ نَقُصُّهُ عَلَيكَ مِنها قائِمٌ وَحَصيدٌ (آيت : 100) |
اهي ڳوٺن جون ڪجهه خبرون آهن جن مان تو کي ٻڌايون ٿا انهن مان ڪي بيٺل (آباد) آهن ۽ ڪي نابود ٿي ويا. |
وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن ظَلَموا أَنفُسَهُم فَما أَغنَت عَنهُم ءالِهَتُهُمُ الَّتى يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ مِن شَيءٍ لَمّا جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَما زادوهُم غَيرَ تَتبيبٍ (آيت : 101) |
۽ اسان انهن سان ظلم نه ڪيو۽ پر پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيائون پوءِ انهن کي ڪجهه نه بچائي سگهيا انهن جا اُهي معبود جن کي الله کان سواءِ سڏيندا هئا. جنهن وقت تنهنجي پروردگار جو حڪمِ (عذاب) پهتو . ۽ هلاڪت کان سواءِ انهن جي لاءِ انهن (معبودن) ڪجهه نه وڌايو. |
وَكَذٰلِكَ أَخذُ رَبِّكَ إِذا أَخَذَ القُرىٰ وَهِىَ ظٰلِمَةٌ إِنَّ أَخذَهُ أَليمٌ شَديدٌ (آيت : 102) |
۽ تنهنجي پالڻهار جي پڪڙ ائين (هوندي) آهي جڏهن ڳوٺن کي پڪڙيندو آهي ان حال ۾ جو اهي ظلم ڪندڙ هوندا آهن. بيشڪ ان جي پڪڙ سخت دردناڪ آهي. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِمَن خافَ عَذابَ الءاخِرَةِ ذٰلِكَ يَومٌ مَجموعٌ لَهُ النّاسُ وَذٰلِكَ يَومٌ مَشهودٌ (آيت : 103) |
بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آهي ان ماڻهو لاءِ جيڪو آخرت جي عذاب جي خوف کان ڊڄي ٿو. اُهو هڪ ڏينهن آهي جنهن لاءِ سڀ ماڻهن کي گڏ ڪيو ويندو ۽ اُهو ڏينهن آهي جنهن ۾ سڀني کي حاضر ڪيو ويندو. |
وَما نُؤَخِّرُهُ إِلّا لِأَجَلٍ مَعدودٍ (آيت : 104) |
۽ اسان ان کي پوئتي نه ٿا ڪيون مگر هڪ مقرر وقت لاءِ. |
يَومَ يَأتِ لا تَكَلَّمُ نَفسٌ إِلّا بِإِذنِهِ فَمِنهُم شَقِىٌّ وَسَعيدٌ (آيت : 105) |
جڏهن اُهو ڏينهن ايندو ته ان (الله) جي موڪل کان سواءِ ڪوبه ڳالهائي نه سگهندو. پوءِ انهن مان ڪي بدبخت هوندا ۽ ڪي بختاور. |
فَأَمَّا الَّذينَ شَقوا فَفِى النّارِ لَهُم فيها زَفيرٌ وَشَهيقٌ (آيت : 106) |
پوءِ جيڪي بدبخت هوندا سي جهنم ۾ هوندا ۽ ان ۾ انهن جون رڙيون ۽ دانهون هونديون. |
خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ إِنَّ رَبَّكَ فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 107) |
اُهي ان ۾ هميشه رهندا جيستائين (ان وقت وارا)آسمان ۽ زمين قائم رهندا سواءِ ان جي جيڪو تنهنجو پروردگار چاهي. بيشڪ تنهنجو پالڻهارجيئن چاهي تيئن ڪرڻ وارو آهي. |
وَأَمَّا الَّذينَ سُعِدوا فَفِى الجَنَّةِ خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ عَطاءً غَيرَ مَجذوذٍ (آيت : 108) |
۽ پر جيڪي بختاور ڪيا ويا سي جنت ۾ هوندا. اُهي ان ۾ هميشه رهندا جيستائين (ان وقت وارا)آسمان ۽ زمين قائم رهندا سواءِ ان جي جيڪي تنهنجو پروردگار چاهي. اُهو بي انتها انعام آهي. |
فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِمّا يَعبُدُ هٰؤُلاءِ ما يَعبُدونَ إِلّا كَما يَعبُدُ ءاباؤُهُم مِن قَبلُ وَإِنّا لَمُوَفّوهُم نَصيبَهُم غَيرَ مَنقوصٍ (آيت : 109) |
پوءِ (اي مخاطب!) تون ان معبودن بابت شڪ ۾ نه هج جن جي اهي عبادت ڪن ٿا. اهي ائين ئي عبادت ڪن ٿا جيئن اڳ انهن جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هئا. ۽ بيشڪ اسان انهن کي (عذاب جو) پورو پورو حصو ڏيڻ وارا آهيون بنا ڪنهن ڪمي جي. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَاختُلِفَ فيهِ وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّهُم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 110) |
۽ بيشڪ اسان موسى کي ڪتاب ڏنو پوءِ ان ۾ اختلاف ڪيو ويو. ۽ جيڪڏهن اڳ ۾ ئي تنهنجي پالڻهار جي ڳالهه مقرر ٿي نه چُڪي هجي ها ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ها. ۽ بيشڪ اُهي هن بابت حيران ڪندڙ شڪ ۾ مبتلا آهن. |
وَإِنَّ كُلًّا لَمّا لَيُوَفِّيَنَّهُم رَبُّكَ أَعمٰلَهُم إِنَّهُ بِما يَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 111) |
۽ بيشڪ سڀني کي انهن جي عملن جو تنهنجو پالڻهار ضرور پورو بدلو ڏيندو. بيشڪ اهو (الله) جيڪي اهي عمل ڪن ٿا تن کان خبروار آهي. |
فَاستَقِم كَما أُمِرتَ وَمَن تابَ مَعَكَ وَلا تَطغَوا إِنَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 112) |
پوءِ ثابت قدم رهه جيئن توکي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ اهو به جنهن تو سان گڏ رجوع ڪيو آهي ۽ (اي انسانو) سرڪشي نه ڪيو. بيشڪ اهو (الله) ڏسندڙ آهي اوهان جيڪي ڪم ڪيو ٿا. |
وَلا تَركَنوا إِلَى الَّذينَ ظَلَموا فَتَمَسَّكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 113) |
۽ انهن ماڻهن ڏانهن نه جهڪو جن ظلم ڪيو ورنه اوهان کي به جهنم جي باهه ڇُهندي ۽ اوهان لاءِ الله کان سواءِ ڪي مددگار نه هوندا پوءِ اوهان جي مدد نه ڪئي ويندي. |
وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ طَرَفَىِ النَّهارِ وَزُلَفًا مِنَ الَّيلِ إِنَّ الحَسَنٰتِ يُذهِبنَ السَّيِّـٔاتِ ذٰلِكَ ذِكرىٰ لِلذّٰكِرينَ (آيت : 114) |
۽ نماز قائم ڪر ڏينهن جي ٻنهين پاسن ۾ ۽ رات جي گهڙين ۾. بيشڪ نيڪيون براين کي ميٽي ڇڏن ٿيون. هي نصيحت آهي ياد رکڻ وارن لاءِ. |
وَاصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 115) |
۽ صبر ڪر پوءِ بيشڪ الله نيڪي ڪرڻ وارن جو اجر نه ٿو وڃائي. |
فَلَولا كانَ مِنَ القُرونِ مِن قَبلِكُم أُولوا بَقِيَّةٍ يَنهَونَ عَنِ الفَسادِ فِى الأَرضِ إِلّا قَليلًا مِمَّن أَنجَينا مِنهُم وَاتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا ما أُترِفوا فيهِ وَكانوا مُجرِمينَ (آيت : 116) |
پوءِ اوهان کان اڳين امتن مان اهڙا سمجهه ڀريا ڇونه ٿيا! جيڪي (ماڻهن کي) زمين ۾ فساد (ڦهلائڻ) کان روڪن ها. سواءِ انهن مان ٿورڙن ماڻهن جي جن کي اسان نجات ڏني. ۽ ظالم ماڻهو ته انهن شين جي پويان پئجي ويا جن ۾ کين آسودگي ڏني وئي هئي ۽ اُهي ڏوهاري هئا. |
وَما كانَ رَبُّكَ لِيُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها مُصلِحونَ (آيت : 117) |
۽ تنهنجو پالڻهار ائين نه آهي جو ڳوٺن کي بي انصافي سان برباد ڪري ان حال ۾ جو ان جا رهواسي اصلاح ڪندڙ هجن. |
وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَجَعَلَ النّاسَ أُمَّةً وٰحِدَةً وَلا يَزالونَ مُختَلِفينَ (آيت : 118) |
۽ جيڪڏهن تنهنجو پالڻهار چاهي ها ته (سڀ) ماڻهن کي هڪ امت بنائي ڇڏي ها ۽ اهي هميشه اختلاف ڪندا رهندا . |
إِلّا مَن رَحِمَ رَبُّكَ وَلِذٰلِكَ خَلَقَهُم وَتَمَّت كَلِمَةُ رَبِّكَ لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 119) |
سواءِ ان جي جنهن تي تنهنجو پالڻهار رحم ڪري. ۽ ان لاءِ ئي ته انهن کي پيدا ڪيائين. ۽ تنهنجي پالڻهار جو فرمان پورو ٿيو ته: ”آءُ ضرور جهنم کي جِنن ۽ انسانن سان ڀريندس“. |
وَكُلًّا نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ الرُّسُلِ ما نُثَبِّتُ بِهِ فُؤادَكَ وَجاءَكَ فى هٰذِهِ الحَقُّ وَمَوعِظَةٌ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 120) |
۽ نبين جي واقعن مان سڀ قصا تو تي بيان ڪيون ٿا هن لاءِ ته ان سان تنهنجي دل کي پختو ڪيون. ۽ هن (سورت) ۾ به تو وٽ حق آيو آهي ۽ نصيحت ۽ يادگيرو آهي ايمان وارن لاءِ. |
وَقُل لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّا عٰمِلونَ (آيت : 121) |
۽ جيڪي ايمان نه ٿا آڻن انهن کي چئو ته: ”اوهان پنهنجي جاءِ تي عمل ڪيو. بيشڪ اسان به عمل ڪندڙ آهيون. |
وَانتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 122) |
۽ انتظار ڪيو، بيشڪ اسان به انتظار ڪندڙ آهيون“. |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَيهِ يُرجَعُ الأَمرُ كُلُّهُ فَاعبُدهُ وَتَوَكَّل عَلَيهِ وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 123) |
۽ آسمانن ۽ زمين جو غيب الله وٽ آهي ۽ ان ڏانهن هر معاملو موٽايو وڃي ٿو پوءِ سندس عبادت ڪر ۽ ان تي ڀروسو رک. ۽ تنهنجو پالڻهار بي خبر نه آهي جيڪي اوهين عمل ڪيو ٿا. |