الر كِتٰبٌ أُحكِمَت ءايٰتُهُ ثُمَّ فُصِّلَت مِن لَدُن حَكيمٍ خَبيرٍ (آيت : 1) |
الٓرٰ قف هن مقدس ڪتاب جي آيتن ۾ ڪو نقص ناهي ان کان پوءِ الله جي طرفان سڀني احڪامن کي جدا جدا ڪيو ويو |
أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنَّنى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ وَبَشيرٌ (آيت : 2) |
پوءِ توهان الله تعالى کان سواءِ ڪنهنجي عبادت نه ڪريو، بيشڪ الله جي طرفان آئون توهان لاءِ ڊيڄاريندڙ ۽ بشارت ڏيندڙ آهيان |
وَأَنِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُمَتِّعكُم مَتٰعًا حَسَنًا إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَيُؤتِ كُلَّ ذى فَضلٍ فَضلَهُ وَإِن تَوَلَّوا فَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ كَبيرٍ (آيت : 3) |
۽ توهان پنهنجي رب کان بخشش طلب ڪريو ان کان پوءِ رب ڏانهن توبه تائب ٿيو، رب تعالى توهان کي مقرر وقت تائين بهترين نفعا ڏيندو ۽ (آخرت ۾) هر نيڪوڪار کي (سندس نيڪيءَ کان زياده) اجر ڏنو ويندو، ۽ جيڪڏهن توهان منهن موڙيو پوءِ بيشڪ آئون توهان تي قيامت جي عذاب جو خوف ڪريان ٿو |
إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 4) |
الله تعالى ڏانهن توهان کي موٽڻو آهي، ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي |
أَلا إِنَّهُم يَثنونَ صُدورَهُم لِيَستَخفوا مِنهُ أَلا حينَ يَستَغشونَ ثِيابَهُم يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 5) |
خبردار ! تحقيق اهي (منافق) پنهنجي سينن ۾ عداوت رکن ٿا ۽ اها الله کان لڪائڻ چاهن ٿا، خبردار ! جڏهن اهي پنهنجا ڪپڙا ڍڪين ٿا، (ان وقت به) الله سندن ظاهر ۽ باطن ڄاڻي ٿو، بيشڪ الله سينن جي علم کي ڄـاڻندڙ آهي |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ إِلّا عَلَى اللَّهِ رِزقُها وَيَعلَمُ مُستَقَرَّها وَمُستَودَعَها كُلٌّ فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 6) |
۽ زمين ۾ رهندڙ هر جاندار جي رزق جو ذمون الله تعالى تي آهي ۽ الله تعالى انهن جي رهڻ ۽ موٽڻ جي جاءِ به ڄاڻي ٿو. سڀني (شين) جي لکت لوحِ محفوظ ۾ آهي |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَكانَ عَرشُهُ عَلَى الماءِ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَلَئِن قُلتَ إِنَّكُم مَبعوثونَ مِن بَعدِ المَوتِ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
۽ الله تعالى اهو آهي جنهن (سَتَ) آسمان ۽ زمينون ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيون ۽ ( انهيءَ کان اڳ ۾) عرشِ عظيم پاڻيءَ تي قائم هو (تخليق ان لاءِ ٿي جو) الله تعالى آزمائي ٿو ته توهان مان نيڪ عمل ڪير ڪري ٿو، ۽ جيڪڏهن رسولِ عربي انهن کي چوي ٿو ته موت کان پوءِ توهان اٿاريا ويندا ته ڪافر فوراً چون ٿا ته ناهي هيءُ قرآن مگر صاف جادو |
وَلَئِن أَخَّرنا عَنهُمُ العَذابَ إِلىٰ أُمَّةٍ مَعدودَةٍ لَيَقولُنَّ ما يَحبِسُهُ أَلا يَومَ يَأتيهِم لَيسَ مَصروفًا عَنهُم وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 8) |
۽ جيڪڏهن ڪنهن وقت تائين اسين انهن تان عذاب هٽايون ٿا ته چون ٿا ته الله تعالى کي عذاب ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي، خبردار ! جنهن ڏينهن عذاب ايندو ته ڪوبه ان کي انهن تان هٽائي نه سگھندو، ۽ انهن کي اهوئي عذاب گھيري ۾ وٺندو جنهن لاءِ مذاق ڪندا هئا |
وَلَئِن أَذَقنَا الإِنسٰنَ مِنّا رَحمَةً ثُمَّ نَزَعنٰها مِنهُ إِنَّهُ لَيَـٔوسٌ كَفورٌ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏهن اسين انسان کي ڪا نعمت عطا ڪري ان کان پوءِ (وري) اُها نعمت واپس وٺون ٿا ته بيشڪ (اُن وقت) اُهو انسان يقيناً مايوس ۽ ناشڪر ٿئي ٿو |
وَلَئِن أَذَقنٰهُ نَعماءَ بَعدَ ضَرّاءَ مَسَّتهُ لَيَقولَنَّ ذَهَبَ السَّيِّـٔاتُ عَنّى إِنَّهُ لَفَرِحٌ فَخورٌ (آيت : 10) |
۽ جيڪڏهن انسان کي تڪليف کان پوءِ نعمت عطا ڪريون ٿا ته ضرور چوندو ته مون کان سڀئي تڪليفون لهي ويون، بيشڪ (ان وقت) اهو انسان يقيناً خوش ٿيندڙ فخر ڪندڙ آهي |
إِلَّا الَّذينَ صَبَروا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 11) |
سواءِ انهن ماڻهن جي جن صبر ڪيو ۽ نيڪ عمل ڪيا، ۽ انهن لاءِ بخشش ۽ تمام وڏو ثواب آهي |
فَلَعَلَّكَ تارِكٌ بَعضَ ما يوحىٰ إِلَيكَ وَضائِقٌ بِهِ صَدرُكَ أَن يَقولوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ كَنزٌ أَو جاءَ مَعَهُ مَلَكٌ إِنَّما أَنتَ نَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 12) |
پوءِ ڇا توهان وَحِي ربانيءَ جو ڪجھه حصو ڇڏيندا (يقيناً نه) ۽ (انهن جي اعتراض تي) توهان جو سينو مبارڪ تنگ ٿئي ٿو، اهي چون ٿا ته توهان تي خزانو ڇو نٿو نازل ٿئي، يا توهان سان گڏ ملائڪ ڇو نٿو اچي. (در حقيقت) توهان ته فقط ڊيڄاريندڙ آهيو، ۽ الله تعالى هر شيءِ تي ڪارساز آهي |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِعَشرِ سُوَرٍ مِثلِهِ مُفتَرَيٰتٍ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 13) |
ڇا اهي چون ٿا ته رسولِ عربي قرآن ڪريم کي پاڻ ٺاهيو آهي، توهان فرمايو پوءِ توهان فقط ڏَهَه سورتون قرآن جي مثال ٺاهي ڏيکاريو ۽ توهان جيڪا طاقت رکي سگھو ٿا الله کان سواءِ اُن کي پڪاريو جيڪڏهن توهان سچا آهيو |
فَإِلَّم يَستَجيبوا لَكُم فَاعلَموا أَنَّما أُنزِلَ بِعِلمِ اللَّهِ وَأَن لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 14) |
پوءِ جيڪڏهن اهي توهان کي جواب نه ڏين، پوءِ توهان يقين ڪريو ته قرآن ڪريم الله جي علم سان نازل ڪيو ويو آهي. الله کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي، پوءِ ڇا توهان (هاڻي) تسليم ڪريو ٿا |
مَن كانَ يُريدُ الحَيوٰةَ الدُّنيا وَزينَتَها نُوَفِّ إِلَيهِم أَعمٰلَهُم فيها وَهُم فيها لا يُبخَسونَ (آيت : 15) |
جيڪو ماڻهو دنيا جي حياتي ۽ اُن جي زينت چاهي ٿو اسين کين دنيا ۾ سندن عملن جي جزا عطا ڪريون ٿا ۽ انهن کي دنيا ۾ نقصان نٿو ڏنو وڃي |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَيسَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ إِلَّا النّارُ وَحَبِطَ ما صَنَعوا فيها وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 16) |
اِهي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ آخرت ۾ باه کانسواءِ ڪجھه به ناهي، ۽ دنيا ۾ جيڪي ڪيائون سو ضايع ٿي ويو ۽ سندن عمل (ريا وارا ) باطل ٿي ويا |
أَفَمَن كانَ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبِّهِ وَيَتلوهُ شاهِدٌ مِنهُ وَمِن قَبلِهِ كِتٰبُ موسىٰ إِمامًا وَرَحمَةً أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ مِنَ الأَحزابِ فَالنّارُ مَوعِدُهُ فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِنهُ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 17) |
ڇا پوءِ رسولِ عربي (۽ مؤمن) پنهنجي رب جي طرفان دليل تي ناهن (يقيناً آهن) ۽ رسولِ عربي تي جبريل امين قرآن ڪريم پڙهي ٿو ۽ قرآن ڪريم کان اڳ ۾ تورات به (جبريل جي معرفت) نازل ٿيو جيڪو رهنما ۽ رحمت هو، اهي ماڻهو قرآن ڪريم تي ايمان آڻن ٿا، ۽ جيڪي ماڻهو (ڪافر) قرآن جو انڪار ڪن ٿا پوءِ انهن جي جاءِ جهنم آهي. پوءِ (اي ٻڌندڙ) تون ڪنهن به شڪ ۾ نه ٿيءُ، بيشڪ قرآن ڪريم تنهنجي رب جي طرفان حق آهي ۽ پر اڪثر ماڻهو ايمان نٿا آڻن |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أُولٰئِكَ يُعرَضونَ عَلىٰ رَبِّهِم وَيَقولُ الأَشهٰدُ هٰؤُلاءِ الَّذينَ كَذَبوا عَلىٰ رَبِّهِم أَلا لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 18) |
۽ اُن ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير ٿي سگھي ٿو جيڪو الله تعالى تي ڪوڙ مڙهي، اهي ماڻهو الله تعالى جي دربار ۾ پيش ڪيا ويندا ۽ ملائڪ شاهدي ڏيندا ته اِهي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي رب تي ڪوڙ مڙهيو هو، خبردار! الله تعالى جي لعنت ظالمن تي آهي |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 19) |
جيڪي الله تعالى جي راه کان روڪن ٿا ۽ انهي واٽ کي ٽيڙو سمجھن ٿا، ۽ اِهي اِهي آخرت جو انڪار ڪن ٿا |
أُولٰئِكَ لَم يَكونوا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَما كانَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ يُضٰعَفُ لَهُمُ العَذابُ ما كانوا يَستَطيعونَ السَّمعَ وَما كانوا يُبصِرونَ (آيت : 20) |
اهي (ڪافر) زمين ۾ عذاب الاهي کي روڪي نٿا سگھن ۽ انهن وٽ الله کان سواءِ ڪي به مددگار ناهن، انهن لاءِ عذاب ٻيڻو ڪيو ويندو (يعنى) اُهو (عذاب) جيڪو نه ٻُڌي سگھندا ۽ نه ڏِسي سگھندا |
أُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 21) |
انهن ماڻهن پنهنجي نفسن کي نقصان ۾ وڌو ۽ انهن جا هٿرادو بُت غائب ٿي ويندا |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 22) |
انهي سببان بيشڪ اِهي اِهي آخرت ۾ گھڻي نقصان وارا آهن |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَأَخبَتوا إِلىٰ رَبِّهِم أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 23) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ پنهنجي رب تعالى ڏانهن دل سان جھڪيا، اهي جنتي آهن، اهي جنت ۾ هميشه رهندا |
مَثَلُ الفَريقَينِ كَالأَعمىٰ وَالأَصَمِّ وَالبَصيرِ وَالسَّميعِ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 24) |
انهن ٻنهي ٽولن (مؤمنن ۽ ڪافرن) جو مثال انڌي ۽ ڏِسندڙ ۽ گونگي ۽ ٻُڌندڙ جهڙو آهي. ڇا اهي (ٻئي ٽولا) پاڻ ۾ برابر ٿا سگھن ٿا؟ (يقيناً نه) ڇا پوءِ توهان نصيحت نٿا حاصل ڪريو |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 25) |
۽ تحقيق نوح کي اسان پيغمبر ڪري سندس قوم ڏانهن موڪليو، (نوح چيو) بيشڪ آئون توهان لاءِ صاف ڊيـڄاريندڙ آهيان |
أَن لا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 26) |
(پيغام هي آهي ته) توهان فقط الله تعالى جي عبادت ڪريو، (جيڪڏهن توهان نه مڃو ته) تحقيق آئون توهان تي قيامت جي دردناڪ عذاب جو خوف ڪريان ٿو |
فَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما نَرىٰكَ إِلّا بَشَرًا مِثلَنا وَما نَرىٰكَ اتَّبَعَكَ إِلَّا الَّذينَ هُم أَراذِلُنا بادِىَ الرَّأىِ وَما نَرىٰ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ بَل نَظُنُّكُم كٰذِبينَ (آيت : 27) |
پوءِ نوح جي قوم مان ڪافر سردارن (هي) چيو ته اسين توکي پاڻ جهڙو بشر ڏسون ٿا ۽ اسين تنهنجا تابعدار اهي ماڻهو ڏسون ٿا جيڪي اسان مان راءِ جا ڪمزور آهن، ۽ اسين توکي پاڻ کان ڀلو نٿا سمجھون، بلڪ اسان کي يقين آهي ته توهان ڪوڙا آهيو |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى رَحمَةً مِن عِندِهِ فَعُمِّيَت عَلَيكُم أَنُلزِمُكُموها وَأَنتُم لَها كٰرِهونَ (آيت : 28) |
(حضرت) نوح چيو اي منهنجي قوم ڇا توهان مون کي اها خبر ٻُڌائيندا ته جيڪڏهن آئون پنهنجي رب جي طرفان ڪنهن دليل تي آهيان ۽ مون کي الله نبوت ڏني آهي پوءِ توهان ان کان اکيون پوريو ٿا، ڇا آئون توهان کي (اُها حُجت) ڳچيءَ ۾ وجھان ٿو جيڪا توهان کي نٿي وڻي |
وَيٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مالًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَما أَنا۠ بِطارِدِ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَلٰكِنّى أَرىٰكُم قَومًا تَجهَلونَ (آيت : 29) |
۽ اي منهنجي قوم آئون توهان کان تبليغ جي عيوض دولت نٿو گھُران، منهنجو ثواب منهنجي رب تعالى وٽ آهي ۽ آئون مؤمنن کي پاڻ کان پري ڪونه ڪندس، بيشڪ اهي پنهنجي رب تعالى سان ملاقات ڪندا ۽ پر آئون توهان کي جاهِل قوم ڏسان ٿو |
وَيٰقَومِ مَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن طَرَدتُهُم أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 30) |
۽ اي منهنجي قوم جيڪڏهن آئون مؤمنن کي پري ڪندس ته پوءِ الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير منهنجي مدد ڪندو، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو |
وَلا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ إِنّى مَلَكٌ وَلا أَقولُ لِلَّذينَ تَزدَرى أَعيُنُكُم لَن يُؤتِيَهُمُ اللَّهُ خَيرًا اللَّهُ أَعلَمُ بِما فى أَنفُسِهِم إِنّى إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 31) |
۽ آئون اها دعويٰ نٿو ڪريان ته مون وٽ الله تعالى جا خزانا آهن ۽ آئون (بذاتِ خود) علم غيب کي ڄاڻان ٿو، آئون اها دعويٰ نٿو ڪريان ته آئون ملائڪ آهيان ۽ آئون اها دعويٰ به نٿو ڪريان ته جيڪي ماڻهو توهان جي نظرن ۾ گھٽ آهن انهن کي الله هرگز ڪو خير نه ڏيندو. الله انهن جي دلين کان واقف آهي (۽ جيڪڏهن بالفرض ايئن چيو ته) بيشڪ آئون ان وقت ظالمن ٿي پوندس |
قالوا يٰنوحُ قَد جٰدَلتَنا فَأَكثَرتَ جِدٰلَنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 32) |
انهن چيو ته اي نوح تون اسان سان جھڳڙو ڪرين ٿو پوءِ توهان اسان سان جھڳڙو وڌايو پوءِ تون وعدو ڪيل عذاب آڻ، جيڪڏهن تون سچن مان آهين |
قالَ إِنَّما يَأتيكُم بِهِ اللَّهُ إِن شاءَ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 33) |
(حضرت) نوح چيو عذاب ته الله آڻيندو جيڪڏهن پاڻ چاهي ۽ توهان عذاب ٽاري نٿا سگھو |
وَلا يَنفَعُكُم نُصحى إِن أَرَدتُ أَن أَنصَحَ لَكُم إِن كانَ اللَّهُ يُريدُ أَن يُغوِيَكُم هُوَ رَبُّكُم وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 34) |
۽ پوءِ توهان کي منهنجي نصيحت ڪو فائدو نه ڏيندي، جيڪڏهن آئون چاهيان ته توهان کي نصيحت ڪريان ۽ جيڪڏهن الله توهان کي گمراه ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو اهو توهان جو رب آهي، ۽ ان ڏانهن توهان کي موٽايو ويندو |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل إِنِ افتَرَيتُهُ فَعَلَىَّ إِجرامى وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تُجرِمونَ (آيت : 35) |
ڇا اهي چون ٿا ته توهان پاڻ قرآن ڪريم تيار ڪيو آهي، توهان فرمايو جيڪڏهن (بالفرض) مون قرآن ڪريم تيار ڪيو آهي ته ان جو گناه مون تي آهي ۽ آئون توهان جي گناه کان بيزار آهيان |
وَأوحِىَ إِلىٰ نوحٍ أَنَّهُ لَن يُؤمِنَ مِن قَومِكَ إِلّا مَن قَد ءامَنَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) |
۽ (حضرت) نوح ڏانهن وحي موڪلي وئي ته تنهنجي قوم مان ٻيو ڪوبه تو تي ايمان نه آڻيندو سواءِ انهن مؤمنن جي جيڪي ايمان آڻي چڪا آهن، پوءِ تون انهي جو ڏک نه ڪر جيڪي ڪجھه اهي ڪن ٿا |
وَاصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 37) |
۽ تون (اي نوح) اسان جي حڪم مطابق اسان جي نگراني ۾ ٻيڙي تيار ڪر ۽ تون ظالمن سان مخاطب نه ٿيءُ، بيشڪ اهي ٻُڏندڙ آهن |
وَيَصنَعُ الفُلكَ وَكُلَّما مَرَّ عَلَيهِ مَلَأٌ مِن قَومِهِ سَخِروا مِنهُ قالَ إِن تَسخَروا مِنّا فَإِنّا نَسخَرُ مِنكُم كَما تَسخَرونَ (آيت : 38) |
۽ (حضرت نوح) ٻيڙي تيار ڪري رهيو هو، ۽ جڏهن به ڪو سردار سندس قوم جو اتان لگھندو هو ته ساڻس مذاق ڪندا هئا. نوح چيو جيڪڏهن توهان اسان سان مذاق ڪريو ٿا ته اسين به توهان تي مذاق ڪنداسين جيئن توهان مذاق ڪندا هئا |
فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 39) |
پوءِ جلدي توهان معلوم ڪندا ته عذاب ڪنهن تي اچي ٿو جيڪو ان کي خوار ڪري ٿو ۽ ڪنهن تي هميشه وارو عذاب نازل ٿئي ٿو |
حَتّىٰ إِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ قُلنَا احمِل فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ وَمَن ءامَنَ وَما ءامَنَ مَعَهُ إِلّا قَليلٌ (آيت : 40) |
ايستائين جو اسان جو حڪم پهتو ۽ زمين مان جوش سان پاڻي نڪرڻ لڳو، اسان حڪم ڪيو ته ان ٻيڙيءَ ۾ هر قسم جي جانورن مان جوڙو جوڙو سوار ڪر ۽ سڀئي هلاڪ ٿيا (طوفان ۾) مگر جنهنکي بچايو ويو، ۽ جنهن ماڻهو ايمان آندو، ۽ نوح سان گڏ تمام ٿورڙن ماڻهن ايمان آندو |
وَقالَ اركَبوا فيها بِسمِ اللَّهِ مَجر۪ىٰها وَمُرسىٰها إِنَّ رَبّى لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 41) |
(حضرت) نوح چيو توهان انهي ٻيڙيءَ ۾ الله جو نالو وٺي سوار ٿيو جيڪو ان ٻيڙي کي هلائي ٿو ۽ بيهاري ٿو، بيشڪ منهنجو رب گھڻو بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
وَهِىَ تَجرى بِهِم فى مَوجٍ كَالجِبالِ وَنادىٰ نوحٌ ابنَهُ وَكانَ فى مَعزِلٍ يٰبُنَىَّ اركَب مَعَنا وَلا تَكُن مَعَ الكٰفِرينَ (آيت : 42) |
۽ اها ٻيڙي انهن کي وٺي جبلن جيڏين موجن ۾ هلڻ لڳي ۽ نوح پنهنجي پُٽ کي پڪاريو ۽ اهو علاحده جاءِ تي هو، (نوح پڪاريو ته) اي منهنجا پٽ مون سان گڏ (ٻيڙي ۾) سوار ٿيءُ ۽ ڪافرن سان گڏ نه ٿيءُ |
قالَ سَـٔاوى إِلىٰ جَبَلٍ يَعصِمُنى مِنَ الماءِ قالَ لا عاصِمَ اليَومَ مِن أَمرِ اللَّهِ إِلّا مَن رَحِمَ وَحالَ بَينَهُمَا المَوجُ فَكانَ مِنَ المُغرَقينَ (آيت : 43) |
پٽ چيو جلدي آئون جبل تي پناه وٺندس جيڪو مون کي پاڻي کان بچائيندو، نوح چيو، اڄ توکي الله جي عذاب کان ڪير به بچائي نٿو سگھي سواءِ ان جي جنهن تي پاڻ رحم ڪري، ايتري ۾ پيءُ پٽ جي وچ ۾ پاڻيءَ جون موجون اچي ويون، پوءِ پٽ غرق ٿي ويو |
وَقيلَ يٰأَرضُ ابلَعى ماءَكِ وَيٰسَماءُ أَقلِعى وَغيضَ الماءُ وَقُضِىَ الأَمرُ وَاستَوَت عَلَى الجودِىِّ وَقيلَ بُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
۽ حڪم ڪيو ويو ته اي زمين تون پنهنجو پاڻي جذب ڪر ۽ اي آسمان تون رڪجي وڃ ۽ پاڻي سڪي ويو ۽ وعدو پورو ڪيو ويو (عذاب جو) ۽ ٻيڙي اچي جوڌي (جبل) تي بيٺي ۽ چيو ويو هي عذاب آهي ظالم قوم لاءِ |
وَنادىٰ نوحٌ رَبَّهُ فَقالَ رَبِّ إِنَّ ابنى مِن أَهلى وَإِنَّ وَعدَكَ الحَقُّ وَأَنتَ أَحكَمُ الحٰكِمينَ (آيت : 45) |
۽ نوح پنهنجي رب کي پڪاريو پوءِ عرض ڪيائين اي منهنجا رب بيشڪ منهنجو پٽ منهنجي اهل مان آهي ۽ بيشڪ تنهنجو وعدو (نجات جو) سچو آهي ۽ تون بهترين فيصلو ڪندڙ آهين |
قالَ يٰنوحُ إِنَّهُ لَيسَ مِن أَهلِكَ إِنَّهُ عَمَلٌ غَيرُ صٰلِحٍ فَلا تَسـَٔلنِ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنّى أَعِظُكَ أَن تَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 46) |
الله تعالى فرمايو اي نوح تحقيق اهو تنهنجي اهل مان ناهي (ڇو ته) تحقيق انهي جا عمل صالح ناهن. پوءِ تون مون کان اهو سوال نه ڪر جنهن جو توکي ڪو علم ناهي. تحقيق آئون توکي نصيحت ڪريان ٿو ته متان تون نادانن مان ٿي پوين |
قالَ رَبِّ إِنّى أَعوذُ بِكَ أَن أَسـَٔلَكَ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَإِلّا تَغفِر لى وَتَرحَمنى أَكُن مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 47) |
نوح عرض ڪيو تحقيق آئون تو کان (آئيندهه ان سوال بابت) پناه گھران ٿو جنهن جو مون کي ڪو علم ناهي، ۽ جيڪڏهن تو مون کي بخش نه ڪيو ۽ رحم نه ڪيو ته آئون نقصان وارن مان ٿي پوندس |
قيلَ يٰنوحُ اهبِط بِسَلٰمٍ مِنّا وَبَرَكٰتٍ عَلَيكَ وَعَلىٰ أُمَمٍ مِمَّن مَعَكَ وَأُمَمٌ سَنُمَتِّعُهُم ثُمَّ يَمَسُّهُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 48) |
حڪم ڪيو ويو ته اي نوح (ٻيڙيءَ مان) هيٺ لهه اسان جي طرفان سلامتي ۽ برڪت سان جيڪا تنهنجي مٿان ۽ انهن سوارن جي مٿان آهي جيڪي توسان گڏ هئا، ۽ ڪجھه ماڻهن (ڪافرن) کي اسين (دنيا جو) نفعو ڏينداسين ان کان پوءِ کين دردناڪ عذاب پهچندو |
تِلكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيها إِلَيكَ ما كُنتَ تَعلَمُها أَنتَ وَلا قَومُكَ مِن قَبلِ هٰذا فَاصبِر إِنَّ العٰقِبَةَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 49) |
اهي غيب جون خبرون آهن جيڪي اسين رسولِ عربي ڏانهن موڪليون ٿا. انهن ڳالهين کي اڳ ۾ نه توهان ڄاڻندڙ هئا ۽ نه ئي توهان جي قوم ڄاڻندڙ هئي، رسولِ عربي توهان صبر ڪريو، بيشڪ سهڻي پڇاڙي پرهيزگارن لاءِ آهي |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِن أَنتُم إِلّا مُفتَرونَ (آيت : 50) |
۽ عاد (قوم) ڏانهن اسان سندن ڀاءُ (حضرت) هود کي (پيغمبر ڪري موڪليو سين) هود چيو اي منهنجي قوم توهان ان الله جي عبادت ڪريو جنهن کان سواءِ ڪو معبود ناهي، توهان ته الله تي ڪوڙ مڙهيندڙ آهيو |
يٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى الَّذى فَطَرَنى أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 51) |
اي منهنجي قوم آئون توهان کان انهيءَ (نصيحت) جو ڪوبه اجورو طلب نٿو ڪريان، منهنجو ثواب انهيءَ (الله) جي ذمي آهي جنهن مون کي پيدا ڪيو. ڇا پوءِ توهان عقل کان ڪم نٿا وٺو |
وَيٰقَومِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا وَيَزِدكُم قُوَّةً إِلىٰ قُوَّتِكُم وَلا تَتَوَلَّوا مُجرِمينَ (آيت : 52) |
۽ اي منهنجي قوم توهان پنهنجي رب کان بخشش طلب ڪريو ان کان پوءِ الله ڏانهن موٽو جيڪو توهان جي مٿان مسلسل مينهن وسائي ٿو ۽ توهان جي (موجوده) قوت ۾ وڌيڪ ترقي پيدا ڪندو ۽ توهان مجرم ٿي (تبليغ کان) منهن نه ڦيرائجو |
قالوا يٰهودُ ما جِئتَنا بِبَيِّنَةٍ وَما نَحنُ بِتارِكى ءالِهَتِنا عَن قَولِكَ وَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 53) |
انهن چيو اي هود تو اسان وٽ ڪو صاف دليل نه آندو آهي ۽ اسين تنهنجي چوڻ سان پنهنجي معبودن کي ڪونه ڇڏينداسين ۽ اسين توتي ايمان نه آڻينداسين |
إِن نَقولُ إِلَّا اعتَرىٰكَ بَعضُ ءالِهَتِنا بِسوءٍ قالَ إِنّى أُشهِدُ اللَّهَ وَاشهَدوا أَنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 54) |
اسين ته اهو چئون ٿا ته اسان جا ڪجھه بت توکي هلاڪ ڪري ڇڏيندا، هود چيو بيشڪ آئون الله کي شاهد بنايان ٿو ۽ توهان شاهدي ڏيو ته بيشڪ آئون توهان جي شرڪ کان بَري آهيان جيڪو توهان الله سان ڪريو ٿا |
مِن دونِهِ فَكيدونى جَميعًا ثُمَّ لا تُنظِرونِ (آيت : 55) |
پوءِ توهان سڀئي مون لاءِ منصوبو تيار ڪري ان کان پوءِ مون کي مهلت نه ڏيو. |
إِنّى تَوَكَّلتُ عَلَى اللَّهِ رَبّى وَرَبِّكُم ما مِن دابَّةٍ إِلّا هُوَ ءاخِذٌ بِناصِيَتِها إِنَّ رَبّى عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 56) |
بيشڪ مون الله تي توڪل ڪئي آهي جيڪو منهنجو ۽ توهان جو رب آهي هر جاندار تي الله تعالى جو تصرف ۽ غلبو آهي، بيشڪ منهنجو رب سنئين رستي تي ملي ٿو |
فَإِن تَوَلَّوا فَقَد أَبلَغتُكُم ما أُرسِلتُ بِهِ إِلَيكُم وَيَستَخلِفُ رَبّى قَومًا غَيرَكُم وَلا تَضُرّونَهُ شَيـًٔا إِنَّ رَبّى عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 57) |
پوءِ جيڪڏهن اهي منهن موڙن پوءِ تحقيق مون توهان وٽ تبليغي حڪم پهچايا، ۽ منهنجو رب جلدي توهان جي قوم کي تبديل ڪندو ۽ رب تعالى کي توهان ڪنهن شيءِ جو نقصان پهچائي نٿا سگھو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ جو محافظ آهي |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا هودًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَنَجَّينٰهُم مِن عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 58) |
۽ جڏهن انهن تي اسان جو عذاب آيو ته اسان هود ۽ مؤمنن کي پنهنجي رحمت سان نجات ڏني. ۽ اسان انهن کي سخت عذاب کان بچايو. |
وَتِلكَ عادٌ جَحَدوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَعَصَوا رُسُلَهُ وَاتَّبَعوا أَمرَ كُلِّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 59) |
اها عاد (جي قوم) هئي جنهن پنهنجي رب جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ رسولن جي بي فرماني ڪئي، ۽ هر سرڪش ماڻهوءَ جي انهن تابعداري ڪئي. |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ أَلا إِنَّ عادًا كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِعادٍ قَومِ هودٍ (آيت : 60) |
۽ انهن تي لعنت لڳائي وئي هن دنيا ۾ ۽ قيامت جي ڏينهن ۾، خبردار ! بيشڪ عاد (قوم) پنهنجي رب جو انڪار ڪيو، خبردار ! عذاب آهي عاد تي (يعنى) قوم هود تي |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ هُوَ أَنشَأَكُم مِنَ الأَرضِ وَاستَعمَرَكُم فيها فَاستَغفِروهُ ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى قَريبٌ مُجيبٌ (آيت : 61) |
۽ ثمود قوم ڏانهن سندن ڀاءُ صالح (پيغمبر ڪري موڪليوسين) (حضرت) صالح چيو اي منهن جي قوم توهان ان الله جي عبادت ڪريو جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ناهي، انهيءَ (رب) توهان کي زمين مان پيدا فرمايو ۽ توهان کي زمين ۾ آباد ڪيو، پوءِ توهان الله کان بخشش طلب ڪريو ۽ الله ڏانهن وَرو، بيشڪ منهنجو رب قريب آهي دعائون قبول ڪندڙ آهي |
قالوا يٰصٰلِحُ قَد كُنتَ فينا مَرجُوًّا قَبلَ هٰذا أَتَنهىٰنا أَن نَعبُدَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا وَإِنَّنا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 62) |
انهن چيو اي صالح هن کان اڳ ۾ تو ۾ اسان جون وڏيون اميدون هيون ڇا تون اسان کي انهن بتن جي عبادت کان منع ڪرين ٿو جن جي اسان جا وڏا عبادت ڪندا هئا، بيشڪ اسين تنهنجي تبليغ ۾ شڪ ڪندڙ آهيون |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى مِنهُ رَحمَةً فَمَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن عَصَيتُهُ فَما تَزيدونَنى غَيرَ تَخسيرٍ (آيت : 63) |
صالح چيو اي منهنجي قوم ڇا توهان مون کي ٻڌائيندا ته آئون جيڪڏهن بي فرماني ڪريان ته پوءِ منهنجي ڪير مدد ڪندو ان کان پوءِ جو مون کي پنهنجي رب جا طرفان حجت ۽ نبوت ملي چڪي آهي. پوءِ توهان ته مون کي نقصان ۾ وجھو ٿا |
وَيٰقَومِ هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ قَريبٌ (آيت : 64) |
۽ اي منهنجي قوم هي الله جي ڏاچي آهي جيڪا توهان لاءِ نشاني آهي پوءِ توهان ان کي ڇڏي ڏيو ته الله جي زمين ۾ کائي ۽ توهان ان کي ڪا تڪليف نه ڏيو پوءِ توهان کي فوراً عذاب پهچندو |
فَعَقَروها فَقالَ تَمَتَّعوا فى دارِكُم ثَلٰثَةَ أَيّامٍ ذٰلِكَ وَعدٌ غَيرُ مَكذوبٍ (آيت : 65) |
پوءِ انهن ڏاچيءَ کي هلاڪ ڪيو، پوءِ صالح چيو ته اوهان ٽي ڏينهن پنهنجي گھرن ۾ نفعو وٺو (پوءِ) هي وعدو (عذاب جو) ڪوڙو ناهي |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا صٰلِحًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَمِن خِزىِ يَومِئِذٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ القَوِىُّ العَزيزُ (آيت : 66) |
پوءِ جڏهن انهن تي اسان جو عذاب آيو ته اسان (حضرت) صالح ۽ جن ماڻهن ان سان گڏ ايمان آندو، انهن کي پنهنجي رحمت سان ان ڏينهن جي خواري واري عذاب کان نجات ڏني، بيشڪ توهان جو رب وڏي قوت وارو غالب آهي |
وَأَخَذَ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 67) |
۽ اهي ظالم وڏي آواز واري عذاب ۾ گرفتار ٿيا. پوءِ اهي صبح جي وقت پنهنجي گھرن ۾ گوڏن ڀر ڪِري مُئا |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا إِنَّ ثَمودَا۟ كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِثَمودَ (آيت : 68) |
گوياڪ اهي اتي رهيا ئي ڪونه هئا، خبردار ! بيشڪ ثمود جي قوم پنهنجي رب جو انڪار ڪيو، خبردار ! لعنت آهي ثمود تي. |
وَلَقَد جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ فَما لَبِثَ أَن جاءَ بِعِجلٍ حَنيذٍ (آيت : 69) |
۽ بيشڪ (حضرت) ابراهيم وٽ اسان جي فرشتن (پُٽ ڄمڻ جي) مبارڪ آندي، فرشتن چيو السلام عليڪم، ابراهيم چيو وعليڪم السلام، پوءِ فوراً (ابراهيم) انهن کي ڳائي گوشت جو ڪباب پيش ڪيو |
فَلَمّا رَءا أَيدِيَهُم لا تَصِلُ إِلَيهِ نَكِرَهُم وَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومِ لوطٍ (آيت : 70) |
پوءِ جڏهن ابراهيم ڏٺو ته اهي ڪباب نٿا کائن ته انهن کي ڌاريو سمجھائين ۽ انهن مان خوف محسوس ڪيائين، فرشتن چيو تون اسان کان خوف نه ڪر بيشڪ اسين لوط جي قوم ڏانهن موڪليا ويا آهيون |
وَامرَأَتُهُ قائِمَةٌ فَضَحِكَت فَبَشَّرنٰها بِإِسحٰقَ وَمِن وَراءِ إِسحٰقَ يَعقوبَ (آيت : 71) |
۽ (حضرت) ابراهيم جي گھر وارِي بيٺل هئي جيڪا کِلَڻَ لڳي پوءِ اسان ان کي اسحاق (پُٽ) ۽ ان کان پوءِ يعقوب (پوٽي) جي مبارڪ ڏني. |
قالَت يٰوَيلَتىٰ ءَأَلِدُ وَأَنا۠ عَجوزٌ وَهٰذا بَعلى شَيخًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 72) |
(بيبي صاحبه) چوڻ لڳي واه آئون ٻار ڄڻينديس ۽ آئون ته عمر رسيده آهيان ۽ هي منهنجو گھر وارو (ابراهيم) به عمر رسيده آهي، بيشڪ هي ڳالهه تعجب واري آهي |
قالوا أَتَعجَبينَ مِن أَمرِ اللَّهِ رَحمَتُ اللَّهِ وَبَرَكٰتُهُ عَلَيكُم أَهلَ البَيتِ إِنَّهُ حَميدٌ مَجيدٌ (آيت : 73) |
فرشتن چيو ڇا تون الله جي قدرت تي عجب ڪرين ٿي. اي اهلِ بيت توهان تي الله جون رحمتون ۽ برڪتون آهن، بيشڪ الله تعالى گھڻو ساراهيل گھڻو احسان ڪندڙ آهي |
فَلَمّا ذَهَبَ عَن إِبرٰهيمَ الرَّوعُ وَجاءَتهُ البُشرىٰ يُجٰدِلُنا فى قَومِ لوطٍ (آيت : 74) |
پوءِ جڏهن (حضرت) ابراهيم تان خوف لٿو ۽ ان کي مبارڪ ملي ته فرشتن سان لوط جي قوم بابت سوال جواب ڪرڻ لڳو |
إِنَّ إِبرٰهيمَ لَحَليمٌ أَوّٰهٌ مُنيبٌ (آيت : 75) |
بيشڪ ابراهيم گھڻو بردبار گھڻو آزي ڪندڙ، گھڻو الله ڏانهن رجوع ڪندڙ آهي |
يٰإِبرٰهيمُ أَعرِض عَن هٰذا إِنَّهُ قَد جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَإِنَّهُم ءاتيهِم عَذابٌ غَيرُ مَردودٍ (آيت : 76) |
(ملائڪن چيو) اي ابراهيم تون ان ڳالهه تان لهي وڃ، بيشڪ انهن تي تنهنجي رب جو عذاب ايندو، ۽ بيشڪ انهن تي اهو عذاب ايندو جيڪو قطعاً روڪيو نه ويندو |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالَ هٰذا يَومٌ عَصيبٌ (آيت : 77) |
۽ جڏهن اسان جا فرشتا لوط وٽ پهتا ته لوط غمگين ٿيو ۽ سندس دل پريشان ٿي ۽ چيائين ته هي ڏينهن تمام سخت آهي |
وَجاءَهُ قَومُهُ يُهرَعونَ إِلَيهِ وَمِن قَبلُ كانوا يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ قالَ يٰقَومِ هٰؤُلاءِ بَناتى هُنَّ أَطهَرُ لَكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ فى ضَيفى أَلَيسَ مِنكُم رَجُلٌ رَشيدٌ (آيت : 78) |
۽ لوط وٽ سندس قوم وارا تڪڙا تڪڙا اچڻ لڳا، ۽ ان کان اڳ اهي خراب عمل ڪندا هئا، لوط چيو اي منهنجي قوم هي منهنجي قوم جون نياڻيون آهن، اهي توهان لاءِ وڌيڪ پاڪ آهن، پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ مون کي منهنجي مهمانن وٽ شرمندو نه ڪريو، ڇا توهان ۾ هڪ ماڻهو به هدايت وارو ناهي! |
قالوا لَقَد عَلِمتَ ما لَنا فى بَناتِكَ مِن حَقٍّ وَإِنَّكَ لَتَعلَمُ ما نُريدُ (آيت : 79) |
انهن چيو تون ڄاڻين ٿو ته اسان کي تنهنجي قوم جي نياڻين جي ڪا ضرورت ناهي، ۽ بيشڪ تون اسان جي ارادي کان واقف آهين |
قالَ لَو أَنَّ لى بِكُم قُوَّةً أَو ءاوى إِلىٰ رُكنٍ شَديدٍ (آيت : 80) |
لوط چيو جيڪڏهن تحقيق مون کي جسماني طاقت، يا قبيلي جي طاقت هجي ها ( ته آئون توهان سان مقابلو ڪريان ها) |
قالوا يٰلوطُ إِنّا رُسُلُ رَبِّكَ لَن يَصِلوا إِلَيكَ فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ إِلَّا امرَأَتَكَ إِنَّهُ مُصيبُها ما أَصابَهُم إِنَّ مَوعِدَهُمُ الصُّبحُ أَلَيسَ الصُّبحُ بِقَريبٍ (آيت : 81) |
فرشتن چيو اي لوط بيشڪ اسين تنهنجي رب جي طرفان موڪليل آهيون اهي توهان تائين پهچي نه سگھندا پوءِ تون پنهنجي گھر وارِي کان سواءِ ٻين سڀني گھر جي ڀاتين کي رات جي ڪجھه حصي ۾ وٺي روانو ٿيءُ ۽ توهان مان ڪوبه پويان نه نهاري، بيشڪ جيڪو عذاب انهي قوم تي ايندو اهو ان عورت تي به ايندو بيشڪ صبح جي وقت انهن تي عذاب ايندو، ڇا صبح قريب ناهي |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا جَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيها حِجارَةً مِن سِجّيلٍ مَنضودٍ (آيت : 82) |
پوءِ جڏهن اسان جو عذاب پهتو ته اسان انهن ڳوٺن کي اُٿلائي ڇڏيو ۽ اسان انهن جي مٿان مسلسل مٽيءَ مان پڪل پٿر وسايا |
مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ وَما هِىَ مِنَ الظّٰلِمينَ بِبَعيدٍ (آيت : 83) |
جن تي الله جي طرفان نشان لڳل هئا، ۽ اهي پٿر ظالمن کان پري ناهن |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ وَلا تَنقُصُوا المِكيالَ وَالميزانَ إِنّى أَرىٰكُم بِخَيرٍ وَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ مُحيطٍ (آيت : 84) |
۽ مدين شهر وارن ڏانهن سندن ڀاءُ (حضرت) شعيب کي (پيغمبر ڪري موڪليوسين)، شعيب چيو اي منهنجي قوم توهان ان الله جي عبادت ڪريو، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ناهي، ۽ ماپ ۽ تور ۾ گھٽتائي نه ڪريو، بيشڪ منهنجي نظر ۾ توهان مالدار آهيو، ۽ بيشڪ آئون توهان تي قيامت جي ڏينهن واري عذاب جو خوف ڪريان ٿو |
وَيٰقَومِ أَوفُوا المِكيالَ وَالميزانَ بِالقِسطِ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 85) |
۽ اي منهنجي قوم توهان ماپ ۽ تور انصاف سان پوري ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن شيون کُٽائي نه ڏيو ۽ توهان زمين ۾ فساد برپا نه ڪريو |
بَقِيَّتُ اللَّهِ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 86) |
الله تعالى جو ڏنل (حلال مال) توهان لاءِ بهتر آهي جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو ۽ آئون توهان تي نگهبان ناهيان |
قالوا يٰشُعَيبُ أَصَلوٰتُكَ تَأمُرُكَ أَن نَترُكَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا أَو أَن نَفعَلَ فى أَموٰلِنا ما نَشٰؤُا۟ إِنَّكَ لَأَنتَ الحَليمُ الرَّشيدُ (آيت : 87) |
انهن چيو اي شعيب ڇا تنهنجي نماز توکي حڪم ڪري ٿي ته اسين بتن جي عبادت کي ڇڏي ڏيون، يا جيڪو اسين پنهنجي مالن ۾ ڪريون ٿا اهو نه ڪريون جيڪو اسين چاهيون، بيشڪ تون ته وڏو عقلمند ۽ هدايت وارو آهين |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَرَزَقَنى مِنهُ رِزقًا حَسَنًا وَما أُريدُ أَن أُخالِفَكُم إِلىٰ ما أَنهىٰكُم عَنهُ إِن أُريدُ إِلَّا الإِصلٰحَ مَا استَطَعتُ وَما تَوفيقى إِلّا بِاللَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ (آيت : 88) |
شعيب چيو اي منهنجي قوم توهان مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن مون کي پنهنجي رب جي طرفان نبوت ملي آهي ۽ مون کي پاڻ وٽان حلال رزق عطا ڪيو اٿس، ۽ آئون اهو ڪم ڪرڻ نٿو چاهيان جنهن لاءِ آئون توهان کي منع ڪريان، آئون پنهنجي توفيق مطابق اصلاح چاهيان ٿو. ۽ منهنجي توفيق، الله جي مدد سان آهي، الله تعالى تي مون توڪل ڪئي آهي ۽ آئون الله تعالى ڏانهن رجوع ٿيان ٿو |
وَيٰقَومِ لا يَجرِمَنَّكُم شِقاقى أَن يُصيبَكُم مِثلُ ما أَصابَ قَومَ نوحٍ أَو قَومَ هودٍ أَو قَومَ صٰلِحٍ وَما قَومُ لوطٍ مِنكُم بِبَعيدٍ (آيت : 89) |
۽ اي منهنجي قوم منهنجي مخالفت جي ڪري متان توهان کي عذاب پهچي جيڪو (حضرت) نوح، هود ۽ صالح جي قوم کي پهتو، ۽ لوط جي قوم تي (عذاب وارو زمانو) توهان کان پري ناهي |
وَاستَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى رَحيمٌ وَدودٌ (آيت : 90) |
۽ توهان پنهنجي رب کان بخشش طلب ڪريو ان کان پوءِ الله ڏانهن (موٽو) بيشڪ منهنجو رب ٻاجھارو پيار ڀريو آهي |
قالوا يٰشُعَيبُ ما نَفقَهُ كَثيرًا مِمّا تَقولُ وَإِنّا لَنَرىٰكَ فينا ضَعيفًا وَلَولا رَهطُكَ لَرَجَمنٰكَ وَما أَنتَ عَلَينا بِعَزيزٍ (آيت : 91) |
انهن چيو اي شعيب اسان کي تنهن جون گھڻيون ڳالهيون سمجھه ۾ نه ٿيون اچن ۽ بيشڪ اسان جي نظرن ۾ تون ضعيف آهين ۽ جيڪڏهن تنهنجو قبيلو نه هجي ها ته اسين توکي سنگسار ڪريون ها، ۽ تون اسان وٽ معزز ناهين |
قالَ يٰقَومِ أَرَهطى أَعَزُّ عَلَيكُم مِنَ اللَّهِ وَاتَّخَذتُموهُ وَراءَكُم ظِهرِيًّا إِنَّ رَبّى بِما تَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 92) |
شعيب چيو اي منهنجي قوم توهان کي منهنجو قبيلو الله کان وڌيڪ عزت وارو آهي، ۽ توهان الله کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي، بيشڪ منهنجو رب توهان کي توهان جي عملن جي جزا ڏيندڙ آهي |
وَيٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ سَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَمَن هُوَ كٰذِبٌ وَارتَقِبوا إِنّى مَعَكُم رَقيبٌ (آيت : 93) |
۽ اي منهنجي قوم توهان پنهنجي جاءِ ته عمل ڪريو بيشڪ آئون به عمل ڪندڙ آهيان، توهان جلدي معلوم ڪندا ته ڪنهن تي عذاب اچي ٿو جيڪو ان کي خوار ڪري ٿو، ۽ ڪير ڪوڙو آهي، ۽ توهان انتظار ڪريو بيشڪ آئون به توهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيان |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا شُعَيبًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَأَخَذَتِ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 94) |
۽ جڏهن اسان جو عذاب پهتو ته اسان شعيب ۽ جن ماڻهن ساڻس گڏ ايمان آندو انهن کي پنهنجي رحمت سان نجات ڏني، ۽ ظالمن کي زوردار آواز سان هلاڪ ڪيو پوءِ صبح جي وقت پنهنجي گھرن ۾ گوڏن ڀر ڪريل هئا (مري ويا) |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا بُعدًا لِمَديَنَ كَما بَعِدَت ثَمودُ (آيت : 95) |
گوياڪ اهي اتي رهيا ئي ڪونه هئا، خبردار ! عذاب ۾ گرفتار ٿيا مدين وارا جيئنڪ ثمود وارا عذاب ۾ گرفتار ٿيا هئا |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 96) |
۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين ۽ معجزن سان |
إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاتَّبَعوا أَمرَ فِرعَونَ وَما أَمرُ فِرعَونَ بِرَشيدٍ (آيت : 97) |
فرعون ۽ ان جي لشڪر ڏانهن موڪليو پوءِ انهن فرعون جي حڪم جي تابعداري ڪئي، ۽ فرعون جو حڪم صحيح نه هو |
يَقدُمُ قَومَهُ يَومَ القِيٰمَةِ فَأَورَدَهُمُ النّارَ وَبِئسَ الوِردُ المَورودُ (آيت : 98) |
قيامت جي ڏينهن فرعون پنهنجي قوم جي اڳواڻي ڪري پوءِ انهن کي جهنم ۾ لاهيندو، ۽ دوزخ تمام خراب جاءِ آهي داخل ٿيڻ جي |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ بِئسَ الرِّفدُ المَرفودُ (آيت : 99) |
۽ اهي لعنتي هوندا هن دنيا ۾ ۽ قيامت جي ڏينهن، اهو انعام تمام خراب آهي |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ القُرىٰ نَقُصُّهُ عَلَيكَ مِنها قائِمٌ وَحَصيدٌ (آيت : 100) |
اهي (اڳين) ڳوٺاڻن جون خبرون آهن جيڪي اسين توهان تي بيان ڪريون ٿا ڪي (ڳوٺ) انهن مان موجود آهن ۽ ڪي ختم ٿي چڪا آهن |
وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن ظَلَموا أَنفُسَهُم فَما أَغنَت عَنهُم ءالِهَتُهُمُ الَّتى يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ مِن شَيءٍ لَمّا جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَما زادوهُم غَيرَ تَتبيبٍ (آيت : 101) |
۽ اسان انهن تي ظلم نه ڪيو پر انهن پنهنجي نفسن تي پاڻ ظلم ڪيو پوءِ جڏهن تنهنجي رب جو عذاب انهن تي نازل ٿيو ته سندن بُت جن جي عبادت ڪندا هئا، اهي کين بچائي نه سگھيا، ۽ بتن انهن کي برباد ڪيو |
وَكَذٰلِكَ أَخذُ رَبِّكَ إِذا أَخَذَ القُرىٰ وَهِىَ ظٰلِمَةٌ إِنَّ أَخذَهُ أَليمٌ شَديدٌ (آيت : 102) |
۽ اهڙي طرح تنهنجي رب جو عذاب آهي جڏهن ڳوٺ وارن تي پڪڙ ڪري ٿو ۽ اهي ظالم آهن، بيشڪ الله جي پڪڙ سخت ڏکوئيندڙ آهي |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِمَن خافَ عَذابَ الءاخِرَةِ ذٰلِكَ يَومٌ مَجموعٌ لَهُ النّاسُ وَذٰلِكَ يَومٌ مَشهودٌ (آيت : 103) |
بيشڪ انهي ۾ اُن ماڻهو لاءِ نشاني آهي جيڪو آخرت جي عذاب جو خوف رکي ٿو. انهي ڏينهن تي ماڻهو گڏ ڪيا ويندا ۽ اهو (ڏينهن) حاضريءَ جو ڏينهن هوندو |
وَما نُؤَخِّرُهُ إِلّا لِأَجَلٍ مَعدودٍ (آيت : 104) |
۽ اسان ان ڏينهن کي پوئتي نٿا ڪريون، مگر مقرر وقت لاءِ |
يَومَ يَأتِ لا تَكَلَّمُ نَفسٌ إِلّا بِإِذنِهِ فَمِنهُم شَقِىٌّ وَسَعيدٌ (آيت : 105) |
جڏهن اهو ڏينهن ايندو ته الله جي حڪم کان سواءِ ڪوبه ڳالهائي نه سگھندو، پوءِ ڪي ماڻهو انهن مان نيڪ بخت ۽ ڪي بد بخت آهن |
فَأَمَّا الَّذينَ شَقوا فَفِى النّارِ لَهُم فيها زَفيرٌ وَشَهيقٌ (آيت : 106) |
پر بد بخت پوءِ اهي جهنم ۾ گڏهن وانگر دانهون ڪندا |
خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ إِنَّ رَبَّكَ فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 107) |
اهي جهنم ۾ هميشه هميشه هوندا جيستائين آسمان ۽ زمين هوندا، مگر جيترو رسولِ عربيءَ جي رب چاهيو، بيشڪ توهان جو رب جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو |
وَأَمَّا الَّذينَ سُعِدوا فَفِى الجَنَّةِ خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ عَطاءً غَيرَ مَجذوذٍ (آيت : 108) |
۽ پر اهي ماڻهو جيڪي نيڪ بخت آهن اهي بهشت ۾ هميشه هميشه هوندا، جيستائين آسمان ۽ زمين هوندا مگر جيترو رسولِ عربي جي رب چاهيو اها عطا هميشه هوندي |
فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِمّا يَعبُدُ هٰؤُلاءِ ما يَعبُدونَ إِلّا كَما يَعبُدُ ءاباؤُهُم مِن قَبلُ وَإِنّا لَمُوَفّوهُم نَصيبَهُم غَيرَ مَنقوصٍ (آيت : 109) |
پوءِ (اي ٻڌندڙ) تون ان شڪ ۾ نه پئو ته اهي بتن جي عبادت ڇوٿا ڪن، اهي نٿا پوڄا ڪن بتن جي مگر جيئن هن کان اڳ سندن وڏا پوڄا ڪندا هئا، ۽ بيشڪ اسان انهن سڀني کي سواءِ ڪنهن ڪميءَ جي سندن پورو حصو ڏينداسين |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَاختُلِفَ فيهِ وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّهُم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 110) |
۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي تورات عطا ڪيو پوءِ ان ۾ اختلاف ڪيو ويو، ۽ جيڪڏهن توهان جي رب جو روزِ جزا تي فيصلو رکيل نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ (دنيا ۾) فيصلو ٿي وڃي ها، ۽ بيشڪ اهي انهيءَ متعلق شڪ ۾ مبتلا آهن |
وَإِنَّ كُلًّا لَمّا لَيُوَفِّيَنَّهُم رَبُّكَ أَعمٰلَهُم إِنَّهُ بِما يَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 111) |
۽ بيشڪ هر هڪ (انسان) کي تنهنجو رب سندن عملن جي پوري جزا ڏيندو، بيشڪ الله تعالى سندن عملن کان خبردار آهي |
فَاستَقِم كَما أُمِرتَ وَمَن تابَ مَعَكَ وَلا تَطغَوا إِنَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 112) |
پوءِ توهان ۽ مؤمن حڪم موجب قائم رهو ۽ توهان حد کان نه وڌو، بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي |
وَلا تَركَنوا إِلَى الَّذينَ ظَلَموا فَتَمَسَّكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 113) |
۽ توهان ظالمن ڏانهن لاڙو نه ڪريو. (بالفرض توهان لاڙو ڪيو) ته توهان کي باه پهچندي، ۽ الله تعالى کان سواءِ توهان جو ڪو مددگار نه هوندو ان کان پوءِ توهان جي مدد نه ڪئي ويندي |
وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ طَرَفَىِ النَّهارِ وَزُلَفًا مِنَ الَّيلِ إِنَّ الحَسَنٰتِ يُذهِبنَ السَّيِّـٔاتِ ذٰلِكَ ذِكرىٰ لِلذّٰكِرينَ (آيت : 114) |
۽ توهان صبح ۽ شام نماز پڙهو ۽ رات جي ڪجھه حصي ۾ نماز ادا ڪريو، بيشڪ نيڪيون، براين کي ختم ڪن ٿيون، اها نصيحت آهي نصيحت قبول ڪندڙن لاءِ |
وَاصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 115) |
۽ رسولِ عربي توهان صبر ڪريو بيشڪ الله تعالى نيڪوڪارن جو اجر ضايع نٿو ڪري |
فَلَولا كانَ مِنَ القُرونِ مِن قَبلِكُم أُولوا بَقِيَّةٍ يَنهَونَ عَنِ الفَسادِ فِى الأَرضِ إِلّا قَليلًا مِمَّن أَنجَينا مِنهُم وَاتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا ما أُترِفوا فيهِ وَكانوا مُجرِمينَ (آيت : 116) |
پوءِ جيڪي اُمتون توهان کان اڳ ۾ گذريون آهن انهن ۾ اهڙا عقلمند ماڻهو ڇو نه هئا، جيڪي ٻين کي زمين ۾ فساد ڪرڻ کان روڪين ها، مگر ٿورڙا انهن مان اهي هئا جن کي اسان نجات ڏني، ۽ (انهن مان) جيڪي ظالم هئا سي عيش پرستي ۾ هئا ۽ اهي ئي مجرم هئا |
وَما كانَ رَبُّكَ لِيُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها مُصلِحونَ (آيت : 117) |
۽ توهان جو رب نيڪي ڪرڻ جي ڪري ڪنهن ڳوٺ وارن کي ظلم سان هلاڪ ڪندڙ ناهي |
وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَجَعَلَ النّاسَ أُمَّةً وٰحِدَةً وَلا يَزالونَ مُختَلِفينَ (آيت : 118) |
۽ جيڪڏهن توهان جو رب چاهي ها ته سڀني ماڻهن کي هڪ اُمت ڪري ها، ۽ هميشه اهي اختلاف ۾ رهندا |
إِلّا مَن رَحِمَ رَبُّكَ وَلِذٰلِكَ خَلَقَهُم وَتَمَّت كَلِمَةُ رَبِّكَ لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 119) |
مگر جنهنکي توهان جو رب چاهي، ۽ انهي لاءِ انهن کي پيدا ڪيو اٿس ۽ توهان جي رب جو وعدو پورو ٿيو ته آئون ضرور جهنم کي جِنن ۽ انسانن سان ڀريندس |
وَكُلًّا نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ الرُّسُلِ ما نُثَبِّتُ بِهِ فُؤادَكَ وَجاءَكَ فى هٰذِهِ الحَقُّ وَمَوعِظَةٌ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 120) |
۽ اهي سمورن نبين جا قصا، اسان توهان تي (انهي لاءِ) بيان ڪريون ٿا ته توهان جي دل تي اهي ثابت ٿي بيهن، ۽ توهان وٽ قرآن ڪريم ۾ حق آيو آهي ۽ اهو مؤمنن لاءِ واعظ ۽ نصيحت آهي |
وَقُل لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّا عٰمِلونَ (آيت : 121) |
۽ رسولِ عربي توهان، ڪافرن کي فرمايو ته توهان پنهنجي جاءِ تي عمل ڪريو، بيشڪ اسين پنهنجو عمل ڪندڙ آهيون |
وَانتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 122) |
۽ توهان انتظار ڪريو، بيشڪ اسين به انتظار ڪندڙ آهيون |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَيهِ يُرجَعُ الأَمرُ كُلُّهُ فَاعبُدهُ وَتَوَكَّل عَلَيهِ وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 123) |
۽ آسمانن ۽ زمينن جو غيب الله تعالى وٽ آهي. ۽ سڀئي عمل الله ڏانهن موٽايا ويندا، پوءِ توهان الله جي عبادت ڪريو ۽ انهي تي توڪل ڪريو، ۽ توهان جو رب توهان جي عملن کان بي خبر ناهي |