الر كِتٰبٌ أُحكِمَت ءايٰتُهُ ثُمَّ فُصِّلَت مِن لَدُن حَكيمٍ خَبيرٍ (آيت : 1) |
الف_ ل_ ر. داناءُ ۽ سڀ خبر رکندڙ وٽان هي اهڙو ڪتاب ۽ تفصيل آهي، جنهن جون آيتون مضبوط آهن. |
أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنَّنى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ وَبَشيرٌ (آيت : 2) |
ته اوهين الله ڌاران ڪنهن جي به بندگي نه ڪريو_ بيشڪ آءُ هن جي طرفان اوهان لاءِ ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان. |
وَأَنِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُمَتِّعكُم مَتٰعًا حَسَنًا إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَيُؤتِ كُلَّ ذى فَضلٍ فَضلَهُ وَإِن تَوَلَّوا فَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ كَبيرٍ (آيت : 3) |
۽ هي ته پنهنجي رب کان بخشش گهرو ۽ پڻ انهيءَ ڏانهن موٽو، ته هو اوهان کي مقرر وقت تائين سٺي آسودگي ڏئي ۽ اوهان مان هر هڪ وڏي درجي جي لائق کي وڏو درجو ڏئي، پر جي اوهين منهن موڙيندؤ ته آءُ اوهان لاءِ وڏي ڏينهن جي عذاب جو انديشو رکان ٿو. |
إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 4) |
اوهان کي الله ڏي موٽڻو آهي، ۽ هو هر ڪم تي وس وارو آهي. |
أَلا إِنَّهُم يَثنونَ صُدورَهُم لِيَستَخفوا مِنهُ أَلا حينَ يَستَغشونَ ثِيابَهُم يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 5) |
ياد رکو! هو پنهنجي سينن کي ٻيڻو ٿا ڪن ته الله کان (سندن ڳجهه) لڪائين. ياد رکن ته هو جڏهن ڪپڙا ٿا ڍڪين تڏهن به هو سندن ڳجها پڌرا ڪم ڄاڻي ٿو، هو ته دلين جا حال ڄاڻندڙ آهي! |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ إِلّا عَلَى اللَّهِ رِزقُها وَيَعلَمُ مُستَقَرَّها وَمُستَودَعَها كُلٌّ فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 6) |
زمين جي هر هڪ چرندڙ جو رزق الله تي آهي، هو انهن جي حياتيءَ خواه موت کان پوءِ جي ٺڪاڻي کي ڄاڻي ٿو، اهو سڀ پڌري ڪتاب ۾ آهي. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَكانَ عَرشُهُ عَلَى الماءِ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَلَئِن قُلتَ إِنَّكُم مَبعوثونَ مِن بَعدِ المَوتِ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
هو اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن وقتن ۾ پيدا ڪيو ۽ سندن بادشاهي پاڻيءَ تي هئي_ ته اوهان کي پرکي ته، ڪير ٿو وڌيڪ سٺا ڪم ڪري ۽ جيڪڏهن تون چوندين ته ”اوهين مرڻ بعد ضرور جياربا،“ ته ڪافر ضرور چوندا ته ”اها صفا ٺڳي آهي!“ |
وَلَئِن أَخَّرنا عَنهُمُ العَذابَ إِلىٰ أُمَّةٍ مَعدودَةٍ لَيَقولُنَّ ما يَحبِسُهُ أَلا يَومَ يَأتيهِم لَيسَ مَصروفًا عَنهُم وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 8) |
۽ جي اسين ڪنهن مقرر وقت تائين مٿانئن عذاب ٽاريون، ته ضرور چون ٿا ”هو ڇا جي ڪري روڪيو ويو؟“ ياد رکو، جنهن وقت مٿن آيو، تڏهن ڪو به مٿانئن ٽاري نه سگهندو ۽ جنهن تي هو مسخريون ڪندا هئا، سوکين گهيري ويندو. |
وَلَئِن أَذَقنَا الإِنسٰنَ مِنّا رَحمَةً ثُمَّ نَزَعنٰها مِنهُ إِنَّهُ لَيَـٔوسٌ كَفورٌ (آيت : 9) |
جي اسين انسان کي رحمت جو مزو چکائي پوءِ اها کانئس کسيون ٿا ته، هو نااميد ۽ بي شڪر ٿئي ٿو. |
وَلَئِن أَذَقنٰهُ نَعماءَ بَعدَ ضَرّاءَ مَسَّتهُ لَيَقولَنَّ ذَهَبَ السَّيِّـٔاتُ عَنّى إِنَّهُ لَفَرِحٌ فَخورٌ (آيت : 10) |
پر جي کيس تڪليف ملڻ بعد نعمت ڏيون ٿا ته ضرور چوي ٿو ته ”منهنجا دک دور ٿيا_ ”هو ڦونڊ جي آڪڙ ڪندڙ آهي. |
إِلَّا الَّذينَ صَبَروا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 11) |
سواءِ انهن شخصن جي جن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، انهن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي. |
فَلَعَلَّكَ تارِكٌ بَعضَ ما يوحىٰ إِلَيكَ وَضائِقٌ بِهِ صَدرُكَ أَن يَقولوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ كَنزٌ أَو جاءَ مَعَهُ مَلَكٌ إِنَّما أَنتَ نَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 12) |
تون شايد اسان جي تو ڏانهن ڪن موڪليل حڪمن کي ڇڏين ۽ تنهنجي دل هنن جي انهيءَ چوڻ کان تنگ ٿئي، ته ”ڀلا هن ڏي ڪو خزانو ڇو نه موڪليو ويو، يا ساڻس گڏ ملائڪ نه موڪليو ويو“ پر تون فقط ڊيڄاريندڙ آهن_ الله ئي هر چيز تي سنڀاليندڙ آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِعَشرِ سُوَرٍ مِثلِهِ مُفتَرَيٰتٍ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 13) |
ڇا، هو چون ٿا ته ”نبيءَ قرآن کي پاڻان ٺاهيو آهي؟“ چئو ڀلا جي سچا آهيو ته اهڙيون ڏهه سورتون ته ٺاهي ڏيکاريو. ۽ ڀل الله کانسواءِ ٻين جن کي به سڏي سگهو تن کي سڏيو!“ |
فَإِلَّم يَستَجيبوا لَكُم فَاعلَموا أَنَّما أُنزِلَ بِعِلمِ اللَّهِ وَأَن لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 14) |
پوءِ جي اوهان جي اها ڳالهه قبول نه ڪن، ته سمجهو ته هي الله جي علم سان ئي لٿل آهي ۽ اهو به، ته ان ڌاران ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق ناهي. پوءِ ڀلا هاڻ ته مڃيندڙ آهيو نه؟. |
مَن كانَ يُريدُ الحَيوٰةَ الدُّنيا وَزينَتَها نُوَفِّ إِلَيهِم أَعمٰلَهُم فيها وَهُم فيها لا يُبخَسونَ (آيت : 15) |
جيڪو شخص دنيا جي حياتي ۽ سندس سينگار طلبيندو، ته اسين کيس انهيءَ ۾ ئي سندس ڪمن جو بدلو پورو ڏينداسون ۽ انهيءَ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪنداسون. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَيسَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ إِلَّا النّارُ وَحَبِطَ ما صَنَعوا فيها وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 16) |
اهي ئي آهن جن لاءِ آخرت ۾ رڳي باهه آهي ۽ جيڪي دنيا ۾ بنايائون سو سڀ اجايو ويو ۽ جيڪي ٿا ڪن سڀ غلط آهي. |
أَفَمَن كانَ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبِّهِ وَيَتلوهُ شاهِدٌ مِنهُ وَمِن قَبلِهِ كِتٰبُ موسىٰ إِمامًا وَرَحمَةً أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ مِنَ الأَحزابِ فَالنّارُ مَوعِدُهُ فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِنهُ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 17) |
ڀلا جيڪو شخص سندس رب کان آيل صاف رستي تي آهي ۽ ان سان گڏ ان وٽان هڪ شاهد به آهي ۽ ان کان اڳ موسيٰ جو ڪتاب به رستي ڏيکاريندڙ ۽ رحمت آهي، اهڙا ئي ان تي ايمان آڻيندڙ آهن_ ۽ ٻين فرقن مان جيڪو به سندس انڪار ڪندو، ان جو ٺڪاڻو دوزخ آهي_ ان ڪري تون ان بابت شڪ نه ڪر، بيشڪ اهو تنهنجي ڌڻي وٽان آيل حق آهي، پر گهڻا ماڻهو ايمان آڻين نٿا. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أُولٰئِكَ يُعرَضونَ عَلىٰ رَبِّهِم وَيَقولُ الأَشهٰدُ هٰؤُلاءِ الَّذينَ كَذَبوا عَلىٰ رَبِّهِم أَلا لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 18) |
ان کان وڌيڪ ظالم ڪهڙو چئبو جنهن الله تي ڪوڙ ٺاهيو؟ اهڙا شخص سندن ڌڻيءَ وٽ پيش ٿيندا ۽ شاهد چوندا ته ”هي اهي آهن جن سندن ڌڻيءَ تي ڪوڙ ٺاهيو،“ ياد رکو، ته ظالمن تي الله جي لعنت آهي. |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 19) |
جي الله جي راهه کان روڪين ٿا ۽ ان ۾ رنڊڪون ٿا چاهين ۽ اهي ئي آخرت کي نٿا مڃين. |
أُولٰئِكَ لَم يَكونوا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَما كانَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ يُضٰعَفُ لَهُمُ العَذابُ ما كانوا يَستَطيعونَ السَّمعَ وَما كانوا يُبصِرونَ (آيت : 20) |
اهڙا نڪي الله کان زمين ۾ کٽي سگهيا ۽ نڪي الله ڌاران سندن ڪو به حمايتي آهي، هنن لاءِ ٻيڻو عذاب آهي، جو هو نڪي (حق) ٻڌي سگهندا هئا نڪي ڏسي سگهندا هئا. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 21) |
اهڙن شخصن پنهنجي پاڻ کي نقصان ۾ وڌو ۽ جيڪي ٺاهه ٿي ٺاهيائون سي وڃائجي وين. |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 22) |
بيشڪ اهي ئي آخرت ۾ نقصان پرائيندا. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَأَخبَتوا إِلىٰ رَبِّهِم أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 23) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ سندن ڌڻيءَ ڏي جهڪيا، سي ئي بهشتي آهن ۽ اهي ان ۾ هميشه رهندا. |
مَثَلُ الفَريقَينِ كَالأَعمىٰ وَالأَصَمِّ وَالبَصيرِ وَالسَّميعِ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 24) |
انهن ٻنهي ڌرين جو مثال انڌي ۽ ٻوڙي، سڄي ۽ ٻڌندڙ وانگر آهي، ڇا اهي ڪي برابر آهن؟ پوءِ ڇو نٿا نصيحت وٺو؟ |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 25) |
۽ اسان نوح کي سندن قوم ڏي هن حڪم سان موڪليو ته، آءُ اوهان لاءِ چٽو ڊيڄاريندڙ آهيان. |
أَن لا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 26) |
ته الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪريو، مون کي اوهان لاءِ دردناڪ ڏينهن جي عذاب جو ڊپ آهي!“ |
فَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما نَرىٰكَ إِلّا بَشَرًا مِثلَنا وَما نَرىٰكَ اتَّبَعَكَ إِلَّا الَّذينَ هُم أَراذِلُنا بادِىَ الرَّأىِ وَما نَرىٰ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ بَل نَظُنُّكُم كٰذِبينَ (آيت : 27) |
انهيءَ تي سندس قوم جي ڪافر وڏيرن چيو ”اسين ته توکي پاڻ جهڙو ماڻهو ئي ٿا سمجهون ۽ اسين ته تنهنجا تابعدار رڳا هلڪڙيءَ سمجهه وارا مسڪين ٿا ڏسون! اسين اوهان کي پاڻ کان ڪجهه به وڌيڪ نٿا سمجهون، بلڪ اوهان کي ڪوڙا ٿا ڀانيون!“ |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى رَحمَةً مِن عِندِهِ فَعُمِّيَت عَلَيكُم أَنُلزِمُكُموها وَأَنتُم لَها كٰرِهونَ (آيت : 28) |
چيائين ”اي قوم! ڀلا ڏسو ته جي آءُ پنهنجي رب جي ڏنل صاف رستي تي هجان ۽ هن مون کي پاڻ وٽان رحمت ڏني هجي ۽ اوهان کي اها ڏسڻ ۾ نه ايندي هجي، ته اوهان جي ناپسند ڪرڻ باوجود اسين ڪو اوهان تي زور ڪري مڙهينداسون؟ |
وَيٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مالًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَما أَنا۠ بِطارِدِ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَلٰكِنّى أَرىٰكُم قَومًا تَجهَلونَ (آيت : 29) |
۽ اي قوم! آءُ اوهان کان ڪو مال نٿو گهران. منهنجو اجر ته فقط الله تي آهي، آءُ ڪو (غريب) مومنن کي (اوهان خاطر) لوڌيندس ڪو نه، هو ته پڪ پنهنجي رب سان ملندا، پر آءُ اوهان کي جاهل ماڻهو ٿو سمجهان. |
وَيٰقَومِ مَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن طَرَدتُهُم أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 30) |
۽ اي قوم! جي آءُ انهن کي لوڌيان ته الله وٽان ڪير مون کي ڇڏائيندو؟ پوءِ اوهين ايترو به ڇو نٿا سمجهو! |
وَلا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ إِنّى مَلَكٌ وَلا أَقولُ لِلَّذينَ تَزدَرى أَعيُنُكُم لَن يُؤتِيَهُمُ اللَّهُ خَيرًا اللَّهُ أَعلَمُ بِما فى أَنفُسِهِم إِنّى إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 31) |
آءُ اوهان کي ائين ڪو نه ٿو چوان ته منهنجي هٿ ۾ الله جا خزانا آهن، نڪي آءُ سندس ڳجهه ٿو ڄاڻان، نڪي چوان ٿو ته آءُ فرشتو آهيان. ۽ جيڪي شخص اوهان جي نظر ۾ گهٽ درجي جا آهن، آءُ انهن لاءِ ائين نٿو چوان ته الله هنن کي درجا نه ڏيندؤ. هنن جي اندر کي ته الله ئي ڄاڻي ٿو_ ائين ڪريان ته جيڪر آءُ ظالم ٿي پوان. |
قالوا يٰنوحُ قَد جٰدَلتَنا فَأَكثَرتَ جِدٰلَنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 32) |
چيائون ”اي نوح! تو اسان سان بحث ڪيو ۽ تمام گهڻو بحث ڪيو، هاڻ جي سچو آهين ته جيڪو عذاب ٿو چوين سو آڻي ڏيکار.“ |
قالَ إِنَّما يَأتيكُم بِهِ اللَّهُ إِن شاءَ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 33) |
چيائين ”ان کي ته رڳو الله ئي آڻي سگهي ٿو، جي هو گهري ته ۽ تڏهن اوهين کٽي نه سگهندا_ |
وَلا يَنفَعُكُم نُصحى إِن أَرَدتُ أَن أَنصَحَ لَكُم إِن كانَ اللَّهُ يُريدُ أَن يُغوِيَكُم هُوَ رَبُّكُم وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 34) |
۽ جيڪڏهن الله اوهان کي گمراهه ڪرڻ چاهيندو ته آءُ کڻي اوهان کي نصيحت ڪرڻ گهرندس ته به اوهان کي نصيحت مان فائدو ڪو نه ٿيندو. هو اوهان جو ڌڻي آهي ۽ ان ڏي اوهين موٽندؤ. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل إِنِ افتَرَيتُهُ فَعَلَىَّ إِجرامى وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تُجرِمونَ (آيت : 35) |
ڇا هو چون ٿا ته ”اهو پاڻ ٺاهيو اٿس؟“ چئو ته ”جي مون اهو پاڻ ٺاهيو آهي ته ان جو گناهه مون تي آهي ۽ آءُ اوهان جي گناهن کان بيزار آهيان. |
وَأوحِىَ إِلىٰ نوحٍ أَنَّهُ لَن يُؤمِنَ مِن قَومِكَ إِلّا مَن قَد ءامَنَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) |
۽ اسان نوح کي واقف ڪيو ته، تنهنجي قوم مان جن ايمان آندو تن کان سواءِ هاڻ ٻيو ڪو ايمان نه آڻيندو، ان ڪري سندن ڪمن تي تون غم نه ڪر. |
وَاصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 37) |
تون اسان جي نظر ۽ حڪم هيٺ ٻيڙي ٺاهه ۽ ظالمن بابت مون سان منهن نه اڙاءِ، ڇو ته هو ٻڏندا. |
وَيَصنَعُ الفُلكَ وَكُلَّما مَرَّ عَلَيهِ مَلَأٌ مِن قَومِهِ سَخِروا مِنهُ قالَ إِن تَسخَروا مِنّا فَإِنّا نَسخَرُ مِنكُم كَما تَسخَرونَ (آيت : 38) |
هو ٻيڙي ٺاهڻ لڳو ۽ جڏهن سندس قوم جو ڪو وڏيرو لنگهندو هو ته مٿس مسخريون ڪندو هو، چيائين ” جي اوهين ٿا اسان تي چٿرون ڪريو، ته اسين به اوهان تي ائين ٿا چٿرون ڪريون جيئن اوهين ٿا ڪريو. |
فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 39) |
پوءِ اجهو ٿي خبر پويوَ، ته ڪنهن تي ٿو خوار ڪندڙ عذاب اچي ۽ مٿس دائمي عذاب پوي.“ |
حَتّىٰ إِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ قُلنَا احمِل فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ وَمَن ءامَنَ وَما ءامَنَ مَعَهُ إِلّا قَليلٌ (آيت : 40) |
تان جو جڏهين اسان جو حڪم آيو ۽ تنور اٻڙيو، تڏهن حڪم ڪيوسون، ته هر ڪنهن جوڙي مان ٻه ٻه ٻيڙيءَ تي چاڙهه ۽ تنهنجي گهر وارا به، سواءِ انهن جي، جنهن لاءِ عذاب جو حڪم ٿيل آهي ۽ مومن به، ۽ هن تي ايمان ڪن ٿورڙن آندو هو. |
وَقالَ اركَبوا فيها بِسمِ اللَّهِ مَجر۪ىٰها وَمُرسىٰها إِنَّ رَبّى لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 41) |
نوح چيو ”اچي هن ۾ چڙهو، هن جو هلڻ ۽ بيهڻ سڀ الله جي نالي سان آهي. بيشڪ منهنجوڌڻي بخشيندڙ مهربان آهي. |
وَهِىَ تَجرى بِهِم فى مَوجٍ كَالجِبالِ وَنادىٰ نوحٌ ابنَهُ وَكانَ فى مَعزِلٍ يٰبُنَىَّ اركَب مَعَنا وَلا تَكُن مَعَ الكٰفِرينَ (آيت : 42) |
هوءَ انهن کي جبل جيڏين لهرن ۾ وٺي هلڻ لڳي ۽ نوح سندس پٽ کي، جو ڪناري تي هو، چيو ”پٽڙا! اسان سان گڏ اچي چڙهه ۽ ڪافرن سان گڏ نه ٿيءُ!“ |
قالَ سَـٔاوى إِلىٰ جَبَلٍ يَعصِمُنى مِنَ الماءِ قالَ لا عاصِمَ اليَومَ مِن أَمرِ اللَّهِ إِلّا مَن رَحِمَ وَحالَ بَينَهُمَا المَوجُ فَكانَ مِنَ المُغرَقينَ (آيت : 43) |
چيائين ”آءُ اجهو ٿو ڪنهن جبل تي پناهه وٺان، جو مون کي پاڻيءَ کان بچائيندو.“ چيائين ”اڄ الله جي امر کان، سندس رحم ڪرڻ بنا ڪو به نه بچائي سگهندو.“ اتي ٻنهي وچ ۾ لهر اچي وئي ۽ هو ٻڏي ويو. |
وَقيلَ يٰأَرضُ ابلَعى ماءَكِ وَيٰسَماءُ أَقلِعى وَغيضَ الماءُ وَقُضِىَ الأَمرُ وَاستَوَت عَلَى الجودِىِّ وَقيلَ بُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
حڪم ٿيو ته ”اي زمين! پنهنجو پاڻي ڳهي وڃ ۽ اي آسمان! بس ڪر! ”پاڻي گهٽجي ويو، ڪم ختم ٿيو ۽ ٻيڙي اچي ”جودي“ (جبل) تي بيٺي. چيو ويو ته ”ڪافر قوم تي لعنت آهي.“ |
وَنادىٰ نوحٌ رَبَّهُ فَقالَ رَبِّ إِنَّ ابنى مِن أَهلى وَإِنَّ وَعدَكَ الحَقُّ وَأَنتَ أَحكَمُ الحٰكِمينَ (آيت : 45) |
۽ نوح سندس ڌڻيءَ کي پڪاري چيو ته ”منهنجا ڌڻي! بيشڪ منهنجو پٽ منهنجي گهر وارن مان آهي ۽ تنهنجو واعد سچو آهي، جو تون سڀ کان وڏو حاڪم آهي.“ |
قالَ يٰنوحُ إِنَّهُ لَيسَ مِن أَهلِكَ إِنَّهُ عَمَلٌ غَيرُ صٰلِحٍ فَلا تَسـَٔلنِ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنّى أَعِظُكَ أَن تَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 46) |
چيائين ”نوح! هو تنهنجي گهر وارن مان ناهي، هو بدڪار آهي، پوءِ جنهن جي توکي خبر ناهي. ان بابت سوال نه ڪر، آءُ توکي نصيحت ٿو ڪريان، ته تون جاهل نه ٿيءُ.“ |
قالَ رَبِّ إِنّى أَعوذُ بِكَ أَن أَسـَٔلَكَ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَإِلّا تَغفِر لى وَتَرحَمنى أَكُن مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 47) |
چيائين ”اي ڌڻي! آءُ توکان پناهه ٿو گهران جو توکي انهي لاءِ سوال ڪريان، جنهن جي مون کي ڄاڻ نه هجي، هاڻ جي تون مون کي نه بخشيندين ۽ مون تي رحم نه ڪندين ته آءُ ته نقصان ۾ پوندس!“ |
قيلَ يٰنوحُ اهبِط بِسَلٰمٍ مِنّا وَبَرَكٰتٍ عَلَيكَ وَعَلىٰ أُمَمٍ مِمَّن مَعَكَ وَأُمَمٌ سَنُمَتِّعُهُم ثُمَّ يَمَسُّهُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 48) |
چيو ويو ”اي نوح! تون اسان وٽان پاڻ تي خواهه تنهنجي همراهه امت تي، سلامتيون ۽ برڪتون کڻي لهه! ۽ ٻين ڪن امتين کي اسين اول ڪجهه راحت ڏينداسون، پوءِ هنن کي اسان وٽان دردناڪ عذاب ٿيندو. |
تِلكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيها إِلَيكَ ما كُنتَ تَعلَمُها أَنتَ وَلا قَومُكَ مِن قَبلِ هٰذا فَاصبِر إِنَّ العٰقِبَةَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 49) |
(اي رسول!) هي ڳجهه جون خبرون آهن، جي توڏي ٿا موڪليون ته_ تون خواهه تنهنجي قوم هن کان اڳ انهن کي نه ڄاڻندي هئي_ پوءِ صبر ڪر، بيشڪ نيڪن جي پڇاڙي چڱي آهي. |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِن أَنتُم إِلّا مُفتَرونَ (آيت : 50) |
۽ ”عاد“ قوم ڏي سندن ڀاءُ ”هود“ (موڪليوسون) چيائين ”اي قوم! الله جي بندگي ڪريو، اوهان لاءِ ان ڌاران ٻيو ڪو به سائين ناهي_ اوهين رڳو ٺاهه ٿا ٺاهيو. |
يٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى الَّذى فَطَرَنى أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 51) |
اي قوم! آءُ اوهان کان انهيءَ بابت ڪو اجر نٿو گهران، منهنجو اجر ته فقط ان تي آهي، جنهن مون کي پيدا ڪيو، پوءِ ڇو نٿا پروڙيو؟ |
وَيٰقَومِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا وَيَزِدكُم قُوَّةً إِلىٰ قُوَّتِكُم وَلا تَتَوَلَّوا مُجرِمينَ (آيت : 52) |
۽ اي قوم! پنهنجي ڌڻيءَ کان بخشش گهرو، وري ان ڏي موٽو، ته هو اوهان تي آسمانن مان خوب مينهن وسائيندو ۽ اوهان جي طاقت کي گهڻو وڌائيندو ۽ ڏوهاري ٿي منهن نه موڙيو.“ |
قالوا يٰهودُ ما جِئتَنا بِبَيِّنَةٍ وَما نَحنُ بِتارِكى ءالِهَتِنا عَن قَولِكَ وَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 53) |
چيائون ”اي هود! تو اسان وٽ ڪو معجزو نه آندو آهي ۽ اسين نڪي تنهنجي چوڻ تي پنهنجن سائين کي ڇڏينداسون نڪي توکي وسهنداسون. |
إِن نَقولُ إِلَّا اعتَرىٰكَ بَعضُ ءالِهَتِنا بِسوءٍ قالَ إِنّى أُشهِدُ اللَّهَ وَاشهَدوا أَنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 54) |
اسين ته ائين ئي ٿا چئون ته توتي اسان جي ڪنهن سائين خرابي وڌي آهي_ ”چيائين“ آءُ الله کي شاهد ٿو ڪريان ۽ اوهان به شاهد رهو، ته آءُ الله کانسواءِ انهن کان بيزار آهيان جن کي اوهين ان جهڙا ٿا سمجهو. |
مِن دونِهِ فَكيدونى جَميعًا ثُمَّ لا تُنظِرونِ (آيت : 55) |
انهيءَ کان سواءِ اوهين ڀل سڀ گڏجي مون تي داؤ هلايو ۽ مو نکي مهلت نه ڏيو. |
إِنّى تَوَكَّلتُ عَلَى اللَّهِ رَبّى وَرَبِّكُم ما مِن دابَّةٍ إِلّا هُوَ ءاخِذٌ بِناصِيَتِها إِنَّ رَبّى عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 56) |
بيشڪ، مون الله تي ڀروسو ڪيو آهي جو منهنجو خواهه اوهان جو ڌڻي آهي_ هر ڪو چرندڙ سندس ئي قبضي ۾ آهي_ بيشڪ منهنجو ڌڻي سنئين رستي تي آهي.“ |
فَإِن تَوَلَّوا فَقَد أَبلَغتُكُم ما أُرسِلتُ بِهِ إِلَيكُم وَيَستَخلِفُ رَبّى قَومًا غَيرَكُم وَلا تَضُرّونَهُ شَيـًٔا إِنَّ رَبّى عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 57) |
پوءِ جي منهن موڙيو ته مون بيشڪ اوهان ڏي آيل ڌڻي جو حڪم اوهان کي رسايو منهنجو رب اوهان جي جاءِ تي ٻيون قومون وسائيندو ۽ اوهين هن کي ڪجهه به نقصان رسائي نه سگهندؤ_ بيشڪ منهنجو ڌڻي هر چيز تي نگهبان آهي_“ |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا هودًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَنَجَّينٰهُم مِن عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 58) |
پوءِ جڏهن اسان جو حڪم پهتو، ته پنهنجي طرفان رحمت سان هود ۽ سندس مومن ساٿين کي بچايوسون ۽ کين سخت عذاب کان بچايوسون_ |
وَتِلكَ عادٌ جَحَدوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَعَصَوا رُسُلَهُ وَاتَّبَعوا أَمرَ كُلِّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 59) |
اها هئي عاد قوم، جن سندن ڌڻيءَ جي حڪم جو انڪار ڪيو، سندس رسول کي نه مڃيو ۽ هر ڪنهن ضديءَ ظالم جو چوڻ ورتو. |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ أَلا إِنَّ عادًا كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِعادٍ قَومِ هودٍ (آيت : 60) |
هنن پٺيان هن دنيا خواهه قيامت جي لعنت پيئي_ ياد رکو ته عاد سندس ڌڻيءَ کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ياد رکو ته هود جي قوم عاد تي لعنت آهي. |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ هُوَ أَنشَأَكُم مِنَ الأَرضِ وَاستَعمَرَكُم فيها فَاستَغفِروهُ ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى قَريبٌ مُجيبٌ (آيت : 61) |
۽ ثمود ڏي سندن ڀاءُ صالح کي موڪليوسون چيائين ”اي قوم! الله جي بندگي ڪريو، اوهان لاءِ الله ڌاران ڪو به سائين ناهي_ هن اوهان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ اوهان کي ان ۾ آباد ڪيائين، پوءِ ان کان بخشش گهرو، وري ان ڏي مهاڙ ڪريو، بيشڪ منهنجو ڌڻي ويجهو آهي ۽ دعا ٻڌندڙ آهي.“ |
قالوا يٰصٰلِحُ قَد كُنتَ فينا مَرجُوًّا قَبلَ هٰذا أَتَنهىٰنا أَن نَعبُدَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا وَإِنَّنا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 62) |
چيائون ”صالح! تو ۾ اسان کي هن کان اڳ ڏاڍيون اميدون هيو، ڇا، تون اسان کي انهن جي بندگيءَ کان ٿو روڪين، جن جي اسان جا وڏا عبادت ڪندا هئا؟ ۽ تون اسان کي جيڏانهن سڏين ٿو، ان بابت اسين نهايت شڪ ۾ آهيون جو دل نٿي مڃي!“ |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى مِنهُ رَحمَةً فَمَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن عَصَيتُهُ فَما تَزيدونَنى غَيرَ تَخسيرٍ (آيت : 63) |
چيائين ”اي قوم! ڀلا ڏسو، جيڪڏهن آءُ پنهنجي ڌڻيءَ جي طرفان صاف رستي تي هجان ۽ هن مون کي پاڻ وٽان رحمت ڏني هجي، پوءِ آءُ سندس نافرماني ڪريان، ته ڪير مون کي الله کان بچائيندو؟ اوهين ته مون تي رڳو نقصان پيا وجهو!“ |
وَيٰقَومِ هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ قَريبٌ (آيت : 64) |
اي قوم! هيءَ الله جي اٺڻي اوهان لاءِ نشاني آهي، ان کي ڇڏيو ته الله جي زمين ۾ چرندي رهي ۽ ان کي برائي وارو هٿ نه لڳائجو، نه ته اوهان کي يڪدم عذاب اچي ويندو. |
فَعَقَروها فَقالَ تَمَتَّعوا فى دارِكُم ثَلٰثَةَ أَيّامٍ ذٰلِكَ وَعدٌ غَيرُ مَكذوبٍ (آيت : 65) |
پوءِ هنن ان کي ماريو تڏهن چيائين ”هاڻي اوهين پنهنجي گهرن ۾ ٽي ڏينهن گذاري وٺو_ انهيءَ وعدي ۾ ڪوڙ بلڪل ڪونهي.“ |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا صٰلِحًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَمِن خِزىِ يَومِئِذٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ القَوِىُّ العَزيزُ (آيت : 66) |
پوءِ جڏهن اسان جو حڪم آيو، تڏهن پنهنجي رحمت سان صالح ۽ ساڻس گڏ ايمان آڻيندڙن کي ان ڏينهن جي خواريءَ کان بچايوسون، بيشڪ تنهنجو ڌڻي قوت ۽ غلبي وارو آهي. |
وَأَخَذَ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 67) |
۽ ظالمن کي هڪ سخت آواز اچي دٻايو، جنهن ڪري هو سندس گهرن ۾ ائين اونڌا ٿي پئجي رهيا. |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا إِنَّ ثَمودَا۟ كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِثَمودَ (آيت : 68) |
جو ڄڻ ته هو انهن ۾ ڪڏهن رهيا ئي نه هئا! يا د رکو ثمودين سندن ڌڻيءَ جو انڪار ڪيو، ان ڪري ثمودين تي لعنت آهي. |
وَلَقَد جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ فَما لَبِثَ أَن جاءَ بِعِجلٍ حَنيذٍ (آيت : 69) |
اسان جا ملائڪ ابراهيم ڏي مبارڪ کڻي آيا، چيائون ”سلام!“ چيائين ”سلام“ ۽ يڪدم تريل گابو کڻي آيو- |
فَلَمّا رَءا أَيدِيَهُم لا تَصِلُ إِلَيهِ نَكِرَهُم وَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومِ لوطٍ (آيت : 70) |
پر جڏهن ڏٺائين ته سندن هٿ انهيءَ ڏي نٿا وڌن، ته کٽڪو ٿيس ۽ دل ۾ ڊپ ٿيس_ چيائون ”ڊڄ نه! اسين ”لوط“ جي قوم ڏي موڪليل آهيون.“ |
وَامرَأَتُهُ قائِمَةٌ فَضَحِكَت فَبَشَّرنٰها بِإِسحٰقَ وَمِن وَراءِ إِسحٰقَ يَعقوبَ (آيت : 71) |
سندن بيبي بيٺل هئي، جا کلڻ لڳي، ته اسان ان کي اسحاق جي مبارڪ ڏني ۽ اسحاق کان پوءِ يعقوب جي. |
قالَت يٰوَيلَتىٰ ءَأَلِدُ وَأَنا۠ عَجوزٌ وَهٰذا بَعلى شَيخًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 72) |
چيائين ”هاءِ افسوس! آءُ ٻار ڄڻينديس! آءُ پوڙهي آهيان، ۽ هي منهنجو مڙس به پوڙهو، اها ته عجيب ڳالهه آهي!“ |
قالوا أَتَعجَبينَ مِن أَمرِ اللَّهِ رَحمَتُ اللَّهِ وَبَرَكٰتُهُ عَلَيكُم أَهلَ البَيتِ إِنَّهُ حَميدٌ مَجيدٌ (آيت : 73) |
چيائون ”ڇا الله جي ڪم تي عجب ٿي ڪرين؟ اي هن گهر وارؤ! اوهان تي ته الله جو رحمتون ۽ برڪتون آهن، بيشڪ اهو واکاڻ لائق ۽ سڳورو آهي.“ |
فَلَمّا ذَهَبَ عَن إِبرٰهيمَ الرَّوعُ وَجاءَتهُ البُشرىٰ يُجٰدِلُنا فى قَومِ لوطٍ (آيت : 74) |
پوءِ جڏهن ابراهيم تان ڊپ لٿو ۽ سرهائي آيس، تڏهن وري اسان سان لوط جي قوم بابت جهڳڙڻ لڳو. |
إِنَّ إِبرٰهيمَ لَحَليمٌ أَوّٰهٌ مُنيبٌ (آيت : 75) |
بيشڪ، ابراهيم نهٺو، نرم دل ۽ الله ڏي موٽندڙ هو. |
يٰإِبرٰهيمُ أَعرِض عَن هٰذا إِنَّهُ قَد جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَإِنَّهُم ءاتيهِم عَذابٌ غَيرُ مَردودٍ (آيت : 76) |
(چيوسون) ”ابراهيم! انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي ڏي، انهيءَ لاءِ تنهنجي ڌڻيءَ جو حڪم اچي ويو_ انهن تي اڻ ٽر عذاب ايندو.“ |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالَ هٰذا يَومٌ عَصيبٌ (آيت : 77) |
پوءِ جڏهن اسان جا ملائڪ ”لوط“ وٽ آيا ته هو انهن بابت رنج ۽ تنگدل ٿيو ۽ چوڻ لڳو ”اڄوڪو ڏينهن سخت آهي!“ |
وَجاءَهُ قَومُهُ يُهرَعونَ إِلَيهِ وَمِن قَبلُ كانوا يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ قالَ يٰقَومِ هٰؤُلاءِ بَناتى هُنَّ أَطهَرُ لَكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ فى ضَيفى أَلَيسَ مِنكُم رَجُلٌ رَشيدٌ (آيت : 78) |
سندس قوم وٽس بي اختيار ڊوڙندي آئي، جو اهي انهيءَ کان اڳ بدڪاريون ڪندا هئا، چيائين ”منهنجي قوم! هي منهنجيون نياڻيون اوهان لاءِ پاڪ آهن، الله کان ڊڄو ۽ مهمانن بابت مون کي خوار نه ڪريو، ڇا اوهان ۾ ڪو چڱو مڙس ئي ڪونهي؟ |
قالوا لَقَد عَلِمتَ ما لَنا فى بَناتِكَ مِن حَقٍّ وَإِنَّكَ لَتَعلَمُ ما نُريدُ (آيت : 79) |
چيائون ”توکي ته خبر آهي ته اسان کي تنهنجي ڌيئرن جي ڪا ضرورت ڪانهي ۽ جيڪي اسان کي گهرجي سو به ڄاڻين ٿو.“ |
قالَ لَو أَنَّ لى بِكُم قُوَّةً أَو ءاوى إِلىٰ رُكنٍ شَديدٍ (آيت : 80) |
چيائين ”هاءِ! جي مون کي ڪا طاقت هجي ها يا ڪنهن مضبوط جاءِ ۾ پناهه وٺي سگهان ها!“ |
قالوا يٰلوطُ إِنّا رُسُلُ رَبِّكَ لَن يَصِلوا إِلَيكَ فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ إِلَّا امرَأَتَكَ إِنَّهُ مُصيبُها ما أَصابَهُم إِنَّ مَوعِدَهُمُ الصُّبحُ أَلَيسَ الصُّبحُ بِقَريبٍ (آيت : 81) |
ملائڪن چيو ”لوط! اسين تنهنجي ڌڻيءَ جا موڪليل آهيون، هي توکي پهچي نه سگهندا، سو تون ڪجهه رات بعد گهر وارن کي وٺي نڪر ۽ اوهان مان ڪو به پوئتي نه ڏسي، مگر تنهنجي زال. ان کي ته اهو ئي عذاب رسندو جو هنن کي رسندو! هنن جو وقت آهي صبح، ڇا، صبح ويجهو ناهي؟“ (_) پوءِ جڏهن اسان جو حڪم آيو، تڏهن اسان زمين جو مٿيون پاسو هيٺ ڪيو ۽ مٿس تنهنجي رب جا نشان ڪيل پڪا پٿر لڳو لڳ وساياسون ۽ ٻين ظالمن کان به اهڙو عذاب پري ناهي. |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا جَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيها حِجارَةً مِن سِجّيلٍ مَنضودٍ (آيت : 82) |
پوءِ جڏهن اسان جو حڪم آيو، تڏهن اسان زمين جو مٿيون پاسو هيٺ ڪيو ۽ مٿس پڪا پٿر لڳو لڳ وساياسون |
مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ وَما هِىَ مِنَ الظّٰلِمينَ بِبَعيدٍ (آيت : 83) |
تنهنجي رب جا نشان ڪيل ۽ ٻين ظالمن کان به اهڙو عذاب پري ناهي. |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ وَلا تَنقُصُوا المِكيالَ وَالميزانَ إِنّى أَرىٰكُم بِخَيرٍ وَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ مُحيطٍ (آيت : 84) |
۽ مدين ڏي سندن ڀاءُ شعيب (موڪليوسون) چيائين ”اي قوم! الله جي بندگي ڪريو، ان ڌاران اوهان جو ڪو به سائين ڪونهي، ماپ تور ۾ گهٽتائي نه ڪريو_ آءُ اوهان کي سکيو ٿو ڏسان ۽ اوهان لاءِ گهيريندڙ ڏينهن جي عذاب جو ڊپ اٿم!. |
وَيٰقَومِ أَوفُوا المِكيالَ وَالميزانَ بِالقِسطِ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 85) |
۽ اي قوم! ماپ ۽ تور انصاف سان پوري ڏيو، ماڻهن کي شيون گهٽ نه ڏيو ۽ ملڪ ۾ بگاڙ نه وجهندا وتو- |
بَقِيَّتُ اللَّهِ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 86) |
جي اوهين مومن آهيو ته الله جي حلال ڪيل بچت اوهان لاءِ چڱي آهي، باقي آءُ اوهان تي چوڪيدار ڪو نه آهيان.“ |
قالوا يٰشُعَيبُ أَصَلوٰتُكَ تَأمُرُكَ أَن نَترُكَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا أَو أَن نَفعَلَ فى أَموٰلِنا ما نَشٰؤُا۟ إِنَّكَ لَأَنتَ الحَليمُ الرَّشيدُ (آيت : 87) |
چيائون ”شعيب! ڇا، تنهنجي نماز توکي ائين ٿي چوي ته اسين انهن کي ڇڏيون، جن جي بندگي اسان جا وڏا ڪندا هئا يا پنهنجي دولت بابت جيڪو وڻي سو ڪرڻ ڇڏي ڏيون؟ بس تون ئي عقلمند ديندار آهين؟“ |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَرَزَقَنى مِنهُ رِزقًا حَسَنًا وَما أُريدُ أَن أُخالِفَكُم إِلىٰ ما أَنهىٰكُم عَنهُ إِن أُريدُ إِلَّا الإِصلٰحَ مَا استَطَعتُ وَما تَوفيقى إِلّا بِاللَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ (آيت : 88) |
چيائين ”اي قوم! ڀلا ڏسو، ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي رب جي ڏسيل رستي تي هجان ۽ هن مون کي سٺي نعمت ڏني هجي (ته پوءِ آءُ ڪيئن چپ ڪندس؟) آءُ نٿو چاهيان آءُ جنهن جي اوهان کي منع ڪريان ان جي ابتڙ هلان، آءُ ته فقط پنهنجي پڄت آهر سڌارو ٿو گهران، منهنجي توفيق فقط الله جي مدد سان آهي، آءُ ان تي ئي ڀروسو رکان ٿو ۽ ان ڏي ئي مهاڙ ٿو ڪريان. |
وَيٰقَومِ لا يَجرِمَنَّكُم شِقاقى أَن يُصيبَكُم مِثلُ ما أَصابَ قَومَ نوحٍ أَو قَومَ هودٍ أَو قَومَ صٰلِحٍ وَما قَومُ لوطٍ مِنكُم بِبَعيدٍ (آيت : 89) |
۽ اي قوم! ائين نه ٿئي، جو مون سان ضد ڪرڻ ڪري اوهان تي نوح يا هود يا صالح جي قومن جهڙا عذاب پون ۽ لوط جي قوم به اوهان کان پري ڪانهي! |
وَاستَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى رَحيمٌ وَدودٌ (آيت : 90) |
ان ڪري الله کان بخشش گهرو، وري ان ڏي، موٽو، بيشڪ منهنجو ڌڻي رحم ڪندڙ محبت رکندڙ آهي.“ |
قالوا يٰشُعَيبُ ما نَفقَهُ كَثيرًا مِمّا تَقولُ وَإِنّا لَنَرىٰكَ فينا ضَعيفًا وَلَولا رَهطُكَ لَرَجَمنٰكَ وَما أَنتَ عَلَينا بِعَزيزٍ (آيت : 91) |
چيائون ”شعيب! اسين ته تنهنجي ڳالهين مان گهڻيون سمجهيون ئي نٿا- اسين ته توکي پاڻ ۾ بي زور به ڏسون پيا_ جي اسان کي تنهنجي عزازت (مٽي مائٽي) جو خيال نه هجي ها ته جيڪر سنگسار ڪريون ها ۽ نه ته اسان کي تولاءِ ڪا به عزت ڪانهي.“ |
قالَ يٰقَومِ أَرَهطى أَعَزُّ عَلَيكُم مِنَ اللَّهِ وَاتَّخَذتُموهُ وَراءَكُم ظِهرِيًّا إِنَّ رَبّى بِما تَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 92) |
چيائين ”اي قوم! ڇا، اوهان کي منهنجي عزازت الله کان وڌيڪ عزت واري ٿي لڳي، جو اوهان هن کي وساري پٺيءَ پوئتي کڻي ڇڏيو آهي؟ بيشڪ، منهنجو ڌڻي اوهان جي ڪمن کي گهيريندڙ آهي. |
وَيٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ سَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَمَن هُوَ كٰذِبٌ وَارتَقِبوا إِنّى مَعَكُم رَقيبٌ (آيت : 93) |
تڏهن اي قوم! اوهين پيا پنهنجي منهن ڪم ڪريو ۽ آءُ به پيو ڪريان، اجهو ٿي خبر پويوَ ته ڪنهن تي خوار ڪندڙ عذاب اچي ۽ ڪير ڪوڙو آهي، اوهين به پيا واٽ ڏسو، آءُ به اوهان سان گڏ پيو واٽ ڏسان.“ |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا شُعَيبًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَأَخَذَتِ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 94) |
پوءِ جڏهن اسان جو حڪم آيو، تڏهن پنهنجي رحمت سان شعيب ۽ ساڻس گڏ ايمان آڻيندڙن کي بچايوسون ۽ ظالمن کي اهڙي سخت آواز اچي ورتو، جو سندن گهرن ۾ اونڌا ٿي پئجي رهيا. |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا بُعدًا لِمَديَنَ كَما بَعِدَت ثَمودُ (آيت : 95) |
جو ڄڻ ته انهن ۾ رهيا ئي ڪونه هئا! ياد رکو! مدين وارن تي به ثمودين جهڙي ئي لعنت آهي. |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 96) |
۽ اسان موسيٰ کي پنهنجا حڪم ۽ چٽا دليل ڏيئي، |
إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاتَّبَعوا أَمرَ فِرعَونَ وَما أَمرُ فِرعَونَ بِرَشيدٍ (آيت : 97) |
فرعون ۽ سندس سردارن ڏي موڪليو پر هنن فرعون جي حڪم کي ئي مڃيو_ ۽ فرعون جو حڪم صحيح نه هو. |
يَقدُمُ قَومَهُ يَومَ القِيٰمَةِ فَأَورَدَهُمُ النّارَ وَبِئسَ الوِردُ المَورودُ (آيت : 98) |
هو سندس قوم جو اڳواڻ ٿي کين اچي دوزخ ۾ داخل ڪندو ۽ اهو داخلو بڇڙو آهي. |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ بِئسَ الرِّفدُ المَرفودُ (آيت : 99) |
هو هتي به لعنت ۾ پيا ۽ قيامت ڏينهن به، اهو کين مليل انعام بڇڙو آهي. |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ القُرىٰ نَقُصُّهُ عَلَيكَ مِنها قائِمٌ وَحَصيدٌ (آيت : 100) |
اهي ڳوٺن جا ڪجهه احوال هئا جي اسان توکي ٻڌايا، انهن مان ڪي قائم آهن ۽ ڪي ختم ٿيل. |
وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن ظَلَموا أَنفُسَهُم فَما أَغنَت عَنهُم ءالِهَتُهُمُ الَّتى يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ مِن شَيءٍ لَمّا جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَما زادوهُم غَيرَ تَتبيبٍ (آيت : 101) |
اسان هنن تي ظلم نه ڪيو پر هنن ئي پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو_ پوءِ جڏهن ڌڻيءَ جو حڪم پهتو تڏهن سندن جن سائين کي الله کانسواءِ پڪاريندا هئا تن ڪو فائدو نه ڏنو، الٽو کين نقصان ڏنائون. |
وَكَذٰلِكَ أَخذُ رَبِّكَ إِذا أَخَذَ القُرىٰ وَهِىَ ظٰلِمَةٌ إِنَّ أَخذَهُ أَليمٌ شَديدٌ (آيت : 102) |
ائين آهي تنهنجي ڌڻيءَ جي پڪڙ! جڏهن تنهنجو ڌڻي ظالم ڳوٺن کي پڪڙ ڪندو آهي_ بيشڪ سندس پڪڙ دردناڪ ۽ سخت آهي. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِمَن خافَ عَذابَ الءاخِرَةِ ذٰلِكَ يَومٌ مَجموعٌ لَهُ النّاسُ وَذٰلِكَ يَومٌ مَشهودٌ (آيت : 103) |
انهن واقعن ۾ ان ماڻهوءَ لاءِ وڏي عبرت آهي، جو آخرت جي عذاب کان ڊڄي ٿو. اهو ڏينهن اهڙو هوندو، جو ان ۾ سڀ ماڻهو ڪٺا ڪبا ۽ اهو حاضريءَ جو ڏينهن آهي. |
وَما نُؤَخِّرُهُ إِلّا لِأَجَلٍ مَعدودٍ (آيت : 104) |
۽ اسان انکي رڳو ٿوري مدت لاءِ پٺتي وڌو آهي. |
يَومَ يَأتِ لا تَكَلَّمُ نَفسٌ إِلّا بِإِذنِهِ فَمِنهُم شَقِىٌّ وَسَعيدٌ (آيت : 105) |
جنهن ڏينهن هو ايندو، ته ڪو به شخص سندس اجازت کانسواءِ نه ڳالهائي سگهندو، پوءِ ڪي انهن مان نڀاڳا هوندا ۽ ڪي سڀاڳا. |
فَأَمَّا الَّذينَ شَقوا فَفِى النّارِ لَهُم فيها زَفيرٌ وَشَهيقٌ (آيت : 106) |
جيڪي نڀاڳا هوندا سي دوزخ ۾ هوندا، جو ان ۾ سندن رڙيون ۽ دانهون هونديون. |
خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ إِنَّ رَبَّكَ فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 107) |
(۽) ان ۾ هميشه رهندا، جيسين آسمان ۽ زمين قائم آهن سواءِ انهيءَ جي جو تنهنجو ڌڻي گهري، بيشڪ، تنهنجي ڌڻيءَ کي جيڪي وڻي سو ڪري سگهي ٿو. |
وَأَمَّا الَّذينَ سُعِدوا فَفِى الجَنَّةِ خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ عَطاءً غَيرَ مَجذوذٍ (آيت : 108) |
۽ جيڪي سڀاڳا آهن، سي جنت ۾ پوندا_ منجهس هميشه رهندا_ جيسين آسمان ۽ زمين قائم آهن_ سواءِ انهيءَ جي جو تنهنجو ڌڻي گهري، اها بند نه ٿيڻ واري بخشش هوندي. |
فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِمّا يَعبُدُ هٰؤُلاءِ ما يَعبُدونَ إِلّا كَما يَعبُدُ ءاباؤُهُم مِن قَبلُ وَإِنّا لَمُوَفّوهُم نَصيبَهُم غَيرَ مَنقوصٍ (آيت : 109) |
سو جن جي هي عبادت ڪن ٿا، ان بابت ذرو به شڪ نه ڪج، هي به رڳو ائين ٿا سندن بندگي ڪن جيئن سندن وڏا اڳ ۾ ڪندا هئا_ اسين پڪ سان کين سندن حصو پورو پورو پهچائي ڏينداسون. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَاختُلِفَ فيهِ وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّهُم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 110) |
۽ اسان موسيٰ کي به ڪتاب ڏنو هو، سو ان ۾ به اختلاف ڪيو ويو، ۽ جي تنهنجي رب وٽان ڪا ڳالهه اڳ ٺهرايل نه هجي ها ته سندن وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ها ۽ بيشڪ اهي ان کان شڪ ۽ ٻڏتر ۾ آهن. |
وَإِنَّ كُلًّا لَمّا لَيُوَفِّيَنَّهُم رَبُّكَ أَعمٰلَهُم إِنَّهُ بِما يَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 111) |
پڪ سان سڀني کي سندن رب سندن عملن جو پورو بدلو ڏيندو ۽ هو پڪ سندن ڪمن کان واقف آهي. |
فَاستَقِم كَما أُمِرتَ وَمَن تابَ مَعَكَ وَلا تَطغَوا إِنَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 112) |
جيئن توکي حڪم ڏنل آهي تيئن پختو رهه، ۽ اهي به، جن توسان گڏ توبه ڪئي آهي نا فرمان نه ٿيو بيشڪ هو اوهان جي ڪمن کي ڏسو ٿو. |
وَلا تَركَنوا إِلَى الَّذينَ ظَلَموا فَتَمَسَّكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 113) |
۽ ظالمن ڏانهن نه جهڪو نه ته اوهين دوزخ ۾ پوندا ۽ خدا کانسواءِ اوهان جو ڪو به مددگار نه هوندو، پوءِ ڪا به مدد نه ملندوَ. |
وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ طَرَفَىِ النَّهارِ وَزُلَفًا مِنَ الَّيلِ إِنَّ الحَسَنٰتِ يُذهِبنَ السَّيِّـٔاتِ ذٰلِكَ ذِكرىٰ لِلذّٰكِرينَ (آيت : 114) |
۽ ڏينهن جي ٻنهي طرفن ۽ رات جي ڪجهه حصن ۾ نماز کي قائم رک، بيشڪ نيڪ ڪم بڇڙن ڪمن کي ميٽين ٿا، اها ڳالهه نصيحت وٺندڙن لاءِ هڪ نصيحت آهي. |
وَاصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 115) |
۽ صبر ڪر، جو بيشڪ الله نيڪو ڪارن جي اجر کي نٿو وڃائي. |
فَلَولا كانَ مِنَ القُرونِ مِن قَبلِكُم أُولوا بَقِيَّةٍ يَنهَونَ عَنِ الفَسادِ فِى الأَرضِ إِلّا قَليلًا مِمَّن أَنجَينا مِنهُم وَاتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا ما أُترِفوا فيهِ وَكانوا مُجرِمينَ (آيت : 116) |
پوءِ جيڪي امتون اوهان کان اڳ گذري چڪيون آهن، انهن ۾ ٻيا اهڙا سمجهه ڀريا ڇو نه ٿيا، جو ملڪ ۾ فساد کان منع ڪن ها! سواءِ انهن ٿورن جي، جن کي اسان عذاب کان بچايو هو ۽ جيڪي نافرمان هئا، سي جنهن آسودگيءَ ۾ هئا، ان ۾ ئي پيا رهيا ۽ ڏوهاري هئا. |
وَما كانَ رَبُّكَ لِيُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها مُصلِحونَ (آيت : 117) |
تنهنجو ڌڻي اهڙو نه آهي، جو ڳوٺن کي ظلم سان ناس ڪري ۽ انهن جا رهاڪو سڌارو ڪندڙ هجن. |
وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَجَعَلَ النّاسَ أُمَّةً وٰحِدَةً وَلا يَزالونَ مُختَلِفينَ (آيت : 118) |
۽ جيڪڏهن تنهنجو ڌڻي گهري ته سڀني ماڻهن کي هڪڙي طريقي تي رکي، هو هميشه اختلاف ئي ڪندا رهندا. |
إِلّا مَن رَحِمَ رَبُّكَ وَلِذٰلِكَ خَلَقَهُم وَتَمَّت كَلِمَةُ رَبِّكَ لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 119) |
مگر جن تي تنهنجي ڌڻيءَ جي رحمت ٿئي ۽ انهيءَ لاءِ ئي انهن کي خلقيائين_ تنهنجي ڌڻيءَ جي اها ڳالهه پوري ٿيندي، ته آءُ جهنم کي جنن ۽ انسانن ٻنهي سان ڀريندس. |
وَكُلًّا نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ الرُّسُلِ ما نُثَبِّتُ بِهِ فُؤادَكَ وَجاءَكَ فى هٰذِهِ الحَقُّ وَمَوعِظَةٌ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 120) |
اسين پيغمبرن جي قصن مان اهي سڀ قصا توکي ٻڌايون ٿا، جن سان تنهنجي دل کي مضبوط ڪريون ٿا، انهن ۾ تو وٽ سچ پهتو آهي ۽ مومنن لاءِ نصيحت ۽ يادگيري آهي. |
وَقُل لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّا عٰمِلونَ (آيت : 121) |
ايمان نه آڻيندڙن کي چئو ته ”اوهان پنهنجي جاءِ عمل ڪندا رهو ۽ اسين به عمل ڪري رهيا آهيون. |
وَانتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 122) |
۽ اوهين به واٽ نهاريندا رهو ۽ اسين به واٽ نهاريندا رهون ٿا.“ |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَيهِ يُرجَعُ الأَمرُ كُلُّهُ فَاعبُدهُ وَتَوَكَّل عَلَيهِ وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 123) |
آسمانن ۽ زمين جي غيب جون ڳالهيون الله کي معلوم آهن ۽ سڀئي ڪم ان ڏانهن موٽن ٿا، پوءِ تون ان جي عبادت ڪر، ان تي ڀروسو رک ۽ جيڪي ڪم اوهين ڪندا رهو ٿا تن کان اوهان جو ڌڻي بي خبر نه آهي. |