الر كِتٰبٌ أُحكِمَت ءايٰتُهُ ثُمَّ فُصِّلَت مِن لَدُن حَكيمٍ خَبيرٍ (آيت : 1) |
الف ـــ لام ـــ را، هي اهڙو ڪتاب آهي جنھن جون آيتون بلڪل چٽيون آهن ۽ وڏي حڪمت واري ۽ هر شيءِ جي خبر رکندڙ جي طرفان وڏي تفصيل سان بيان ڪيون ويون آهن. |
أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنَّنى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ وَبَشيرٌ (آيت : 2) |
(هن ڪتاب ۾ چيو ويو آهي ته) توهان سڀ الله تعالى کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي به بندگي نه ڪريو. بيشڪ مان ان جي طرفان توهان ڏي عذاب کان ڊيڄاريندڙ ۽ جنت جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو ويو آهيان. |
وَأَنِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُمَتِّعكُم مَتٰعًا حَسَنًا إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَيُؤتِ كُلَّ ذى فَضلٍ فَضلَهُ وَإِن تَوَلَّوا فَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ كَبيرٍ (آيت : 3) |
(۽ اهو به ٻڌائڻ لاءِ آيو آهيان ته) توهان پنھنجي پالڻھار کان گناهن جي بخشش گهرو ۽ ان ڏي موٽو (۽ گناهن کان توبہ ڪريو) ته جيئن ھو توهان کي مقرر مدت تائين خوشحالي عطا فرمائي ۽ هر ڀلائي ڪندڙ کي سندس ڀلائي جو اجر عطا ڪري ۽ جيڪڏهن توهان منھن موڙيندا ته مان توهان تي وڏي ڏينھن (يعني قيامت) جي اچڻ کان ڊڄان ٿو. |
إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 4) |
توهان سڀني کي الله تعالى جي طرف موٽي هلڻو آهي ۽ هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
أَلا إِنَّهُم يَثنونَ صُدورَهُم لِيَستَخفوا مِنهُ أَلا حينَ يَستَغشونَ ثِيابَهُم يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 5) |
ڏسو ته سهي هي ماڻهو (نبي سڳوري جي سامھون اچڻ کان بچڻ لاءِ) پنھنجا سينا ڦيرين ٿا ته جيئن هو لڪي وڃن. خبردار! وري هو پاڻ کي ڪپڙن سان به لڪائين ٿا (ته جيئن سڃاڻپ ۾ نه اچن) الله تعالى ته هر ان حالت کي ڄاڻي ٿو، جيڪا هو لڪائين ٿا يا ظاهر ڪن ٿا. بيشڪ هو ته سينن ۾ لڪيل رازن به کي خوب ڄاڻي ٿو. |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ إِلّا عَلَى اللَّهِ رِزقُها وَيَعلَمُ مُستَقَرَّها وَمُستَودَعَها كُلٌّ فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 6) |
زمين ۾ اهڙو ڪوبه ساهوارو نه آهي جنھن جو رزق الله تعالى جي ذمي نه هجي. ھو ته ان ساهه واري جي ھميشه رھڻ واري ۽ عارضي جڳھه کي به خوب ڄاڻي ٿو. (بھرحال) ھر شيءِ واضح دفتر ۾ لکيل آھي. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَكانَ عَرشُهُ عَلَى الماءِ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَلَئِن قُلتَ إِنَّكُم مَبعوثونَ مِن بَعدِ المَوتِ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
اهو (اللھ تعالى) ئي آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ پيدا ڪيو، جڏھن ته (ان کان اڳ) سندس حڪمراني صرف پاڻي تي ھئي (توھان کي پيدا ڪرڻ جو مقصد ھي آھي) ته جيئن توھان کي آزمائي ته توھان مان ڪير نيڪ عمل ڪري ٿو؟ (اي نبيﷺ!) جيڪڏھن تون کين چوندين ته توھان سڀ موت کان پوءِ ٻيھر جيئرا ڪيا ويندا ته ھو ضرور چوندا ته ھي پڌرو جادو آھي. |
وَلَئِن أَخَّرنا عَنهُمُ العَذابَ إِلىٰ أُمَّةٍ مَعدودَةٍ لَيَقولُنَّ ما يَحبِسُهُ أَلا يَومَ يَأتيهِم لَيسَ مَصروفًا عَنهُم وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 8) |
اسان جيڪڏھن ڪجهه وقت لاءِ مٿن ايندڙ عذاب ٽارينداسين ته ھو ضرور چوندا ته ھن (عذاب) کي ڪھڙي شيءِ روڪيو آھي؟ خبردار! جڏھن مٿن عذاب ايندو ۽ هو ڪنھن جي ٽارڻ سان نه ٽرندو ته اھا شيءِ مٿن اچي ڪڙڪندي، جنھن تي ھو ٽوڪون ڪري رھيا آھن. |
وَلَئِن أَذَقنَا الإِنسٰنَ مِنّا رَحمَةً ثُمَّ نَزَعنٰها مِنهُ إِنَّهُ لَيَـٔوسٌ كَفورٌ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏھن اسان انسان کي پنھنجي رحمت جو مزو چکائڻ کان پوءِ اھا ان کان (ڪنھن حڪمت تحت) کسي وٺون ٿا ته ھو مايوس ٿي ناشڪرو ٿي ويندو آهي. |
وَلَئِن أَذَقنٰهُ نَعماءَ بَعدَ ضَرّاءَ مَسَّتهُ لَيَقولَنَّ ذَهَبَ السَّيِّـٔاتُ عَنّى إِنَّهُ لَفَرِحٌ فَخورٌ (آيت : 10) |
۽ (وري) جڏھن کيس تڪليف جو ذائقو چکائڻ کان پوءِ اسان کيس نعمتن جو مزو وٺرائيندا آھيون ته چوندو آھي ته منھنجي مٿان ته (ھميشه لاءِ) نحوست ختم ٿي وئي آهي، پوءِ ھو فخر ڪرڻ ۽ پاڻ پڏائڻ لڳندو آھي. |
إِلَّا الَّذينَ صَبَروا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 11) |
پر جيڪي ماڻهو صبر ۽ نيڪ عمل ڪندا آھن، سي اھڙي سوچ کان بچيل آھن. اھڙن ماڻهن لاءِ ئي بخشش ۽ وڏو اجر آھي. |
فَلَعَلَّكَ تارِكٌ بَعضَ ما يوحىٰ إِلَيكَ وَضائِقٌ بِهِ صَدرُكَ أَن يَقولوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ كَنزٌ أَو جاءَ مَعَهُ مَلَكٌ إِنَّما أَنتَ نَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 12) |
(اي نبيﷺ!) جيڪا توڏي وحي ڪئي وڃي ٿي، اها هوبهو بيان ڪندا رهو ۽ انهن ماڻهن جي اِن چوڻ تي ته “ھن شخص جي مٿان خزانو ڇو نه لاٿو ويو يا ھن سان گڏ فرشتو ڇو نه آيو؟” تون (ڪڏھن به) دل ننڍي نه ڪجانءِ. (حقيقت ھي آھي ته) تون صرف انهن کي (جھنم کان) ڊيڄاريندڙ آھين (باقي) سڀ معاملا اللھ تعالى جي ھٿ ۾ آھن. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِعَشرِ سُوَرٍ مِثلِهِ مُفتَرَيٰتٍ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 13) |
يا ھو چون ٿا ته هي (قرآن) هن پاڻ گهڙيو آھي. (جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته) پوءِ کين چيلنج ڏي ته توھان ڏھ سورتون ان جھڙيون ٺاھي ڏيکاريو ۽ ان ڪوشش ۾ اللھ تعالى کان سواءِ جنھن کي سڏي سگهو ٿا کين سڏيو. جيڪڏھن توھان واقعي سچا آھيو ته (سڀ ملي ڪري به) اھو ڪم ڪري ڏيکاريو. |
فَإِلَّم يَستَجيبوا لَكُم فَاعلَموا أَنَّما أُنزِلَ بِعِلمِ اللَّهِ وَأَن لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 14) |
پوءِ جيڪڏھن (اھي شريڪ) توھان کي ڪوبه جواب نه ڏين ته توھان سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ ھي قرآن اللھ تعالى جي علم سان نازل ڪيو ويو آھي. ان کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق آهي ئي ڪونه. پوءِ ڇا توھان مسلمان ٿيڻ لاءِ تيار آھيو؟ |
مَن كانَ يُريدُ الحَيوٰةَ الدُّنيا وَزينَتَها نُوَفِّ إِلَيهِم أَعمٰلَهُم فيها وَهُم فيها لا يُبخَسونَ (آيت : 15) |
(اھو ٻڌي ڇڏيو ته) جيڪي ماڻهو دنيا جي زندگي ۽ ان جي خوشحالي چاھيندا آھن، اھڙن چاھيندڙن جي عملن جو بدلو اسان کين ھن دنيا ۾ ئي ڏئي ڇڏيندا آھيون ۽ ان ۾ ذرو به گهٽتائي نه ڪئي ويندي آھي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَيسَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ إِلَّا النّارُ وَحَبِطَ ما صَنَعوا فيها وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 16) |
اھڙن ماڻهن جي لاءِ آخرت ۾ باهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ھوندو ۽ ھن دنيا ۾ انهن جيڪو ڪمايو ۽ عمل ڪيو، سو سڀ بيڪار ٿي ويندو. |
أَفَمَن كانَ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبِّهِ وَيَتلوهُ شاهِدٌ مِنهُ وَمِن قَبلِهِ كِتٰبُ موسىٰ إِمامًا وَرَحمَةً أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ مِنَ الأَحزابِ فَالنّارُ مَوعِدُهُ فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِنهُ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 17) |
ڇا جيڪو ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي طرفان (فطري طور) واضح دليل تي قائم ھجي ۽ وري اُن (پالڻھار) جي طرفان ان وٽ (تائيد ۾) ھڪ شاھد (يعني قرآن) به موجود ھجي ۽ اُن قرآن کان پھريائين موسى ($) جو ڪتاب (تورات) به رھنمائي ۽ رحمت طور وٽس موجود ھجي (پوءِ ته انڪار ڪرڻ ناممڪن ٿي وڃي ٿو) تنھن ڪري اھڙا ماڻهو ان قرآن تي ضرور ايمان آڻين ٿا ۽ جيڪي به گروهه ان قرآن جو انڪار ڪن ٿا ته دوزخ ئي انهن سان ڪيل وعدي جي جڳھ آھي، سو توھان کي ھن قرآن جي باري ۾ ڪوبه شڪ نه ٿيڻ کپي. اھوئي اوھان جي پالڻھار جي طرفان برحق آھي. پر گهڻا ماڻهو مڃين ئي نٿا. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أُولٰئِكَ يُعرَضونَ عَلىٰ رَبِّهِم وَيَقولُ الأَشهٰدُ هٰؤُلاءِ الَّذينَ كَذَبوا عَلىٰ رَبِّهِم أَلا لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 18) |
(توھان پاڻ ئي ڏسي وٺو ته) ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو جيڪو اللھ تعالى تي ڪوڙ ھڻي، اھڙا ماڻهو (جڏھن) پنھنجي پالڻھار جي سامھون پيش ڪيا ويندا ته گواھي ڏيندڙ شاھدي ڏيندا ته ھي اُھي ماڻهو آھن جن پنھنجي پالڻھار تي ڪوڙ ھنيو ھو، (پوءِ) اھڙن ظالمن تي اللھ تعالى جي لعنت هوندي. |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 19) |
جيڪي ٻين ماڻهن کي اللھ تعالى جي رستي کان روڪين ٿا ۽ ان راهه ۾ ڏنگائي پيدا ڪرڻ گهرن ٿا سي سڀ آخرت جو انڪار ڪندڙ آھن. |
أُولٰئِكَ لَم يَكونوا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَما كانَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ يُضٰعَفُ لَهُمُ العَذابُ ما كانوا يَستَطيعونَ السَّمعَ وَما كانوا يُبصِرونَ (آيت : 20) |
ھو زمين ۾ (اللھ تعالى کي) بي وس ڪرڻ وارا نه ھئا ۽ نه ئي انهن جو اللھ تعالى کان سواءِ ٻيو ڪو مددگار ھو. سو کين ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو ڇاڪاڻ جو ھو (حق ڳالهه کي) نه غور سان ٻڌندا ھئا ۽ نه ئي ان کي اکيون پٽي ڏسندا ھئا. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 21) |
انهن ئي ماڻهن پنھنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو آهي ۽ جيڪي ڪجهه ھو ڪوڙ ھڻندا ھئا، سي سڀ انهن جا ضايع ٿي ويا. |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 22) |
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته اھڙا ماڻهو آخرت ۾ به وڏي نقصان ۾ رھندا. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَأَخبَتوا إِلىٰ رَبِّهِم أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 23) |
باقي رهيا اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ پنھنجي پالڻھار جي آڏو نوڙت اختيار ڪئي، اھڙائي ماڻهو جنتي آھن ھو اُن ۾ ھميشه رھندا. |
مَثَلُ الفَريقَينِ كَالأَعمىٰ وَالأَصَمِّ وَالبَصيرِ وَالسَّميعِ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 24) |
انهن ٻنھي ڌرين جو مثال ايئن آھي جيئن ھڪ ماڻهو انڌو ۽ ٻوڙو ھجي ۽ ٻيو ماڻهو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي طاقت رکندو ھجي، ڇا ھي ٻئي ھڪ جھڙا ٿي سگهن ٿا؟ پوءِ توھان نصيحت ڇو نٿا وٺو؟ |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 25) |
اھڙي طرح اسان نوح ($) کي پنھنجي قوم ڏانھن (نبوت ڏئي) موڪليوسين، (ھُن قوم کي چيو ته) بيشڪ مان توھان کي (برن عملن جي انجام کان) ڊيڄاريان ٿو. |
أَن لا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 26) |
اوھان اللھ تعالى کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي به عبادت نه ڪريو (اِيئَن ڪندا ته) مان توھان تي تڪليف واري ڏينھن جي عذاب اچڻ کان ڊڄان ٿو. |
فَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما نَرىٰكَ إِلّا بَشَرًا مِثلَنا وَما نَرىٰكَ اتَّبَعَكَ إِلَّا الَّذينَ هُم أَراذِلُنا بادِىَ الرَّأىِ وَما نَرىٰ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ بَل نَظُنُّكُم كٰذِبينَ (آيت : 27) |
سندس قوم جي ڪافر سردارن چيو ته اسان توکي پاڻ جھڙو ئي انسان ٿا ڏسون، اسان مان رڳو ڏتڙيل (۽ غريب) ماڻهن بغير سوچي سمجهي توتي ايمان آندو آھي ۽ اسان اوھان ۾ پاڻ کان مٿي معيار واري ڪابه شيءِ نٿا ڏسون، بلڪ اسان توھان کي ڪوڙو ٿا سمجهون. |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى رَحمَةً مِن عِندِهِ فَعُمِّيَت عَلَيكُم أَنُلزِمُكُموها وَأَنتُم لَها كٰرِهونَ (آيت : 28) |
ان تي نوح ($) چيو ته اي منھنجي قوم! ڀلا ھي ٻڌايو ته جيڪڏھن مان پنھنجي پالڻھار جي طرفان چٽي دليل تي ھجان ۽ ھُن مون کي پنھنجي طرفان رحمت (يعني نبوت) به ڏني ھجي پوءِ اھا نبوت ۽ اھو دليل توھان کي نظر ئي نه اچي ( ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟) پوءِ اوھان جنھن شيءِ کان نفرت ڪريو ٿا سو اسان توھان کي زبردستي مجبور ته نٿا ڪري سگهون. |
وَيٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مالًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَما أَنا۠ بِطارِدِ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَلٰكِنّى أَرىٰكُم قَومًا تَجهَلونَ (آيت : 29) |
اي منھنجي قوم! مان اوھان کان سمجهائڻ جو معاوضو ته نٿو گهران، منھنجو معاوضو ته اللھ تعالى وٽ آھي ۽ جن ڏتڙيل ماڻهن ايمان آندو آھي انهن کي مان پاڻ کان ڇو پري ڪريان؟ ھي (ويچارا) ته پنھنجي پالڻھار سان ملاقات ڪرڻ وارا آھن، حقيقت ۾ مان توھان کي جاھل ئي ڏسان ٿو. |
وَيٰقَومِ مَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن طَرَدتُهُم أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 30) |
اي منھنجي قوم! جيڪڏھن مان انهن (ويچارن) کي پاڻ کان پري ڪندس ته پوءِ مون کي اللھ تعالى جي عذاب کان ڪير بچائيندو؟ ڇا توھان ايتري ڳالھ به نٿا سمجهي سگهو؟ |
وَلا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ إِنّى مَلَكٌ وَلا أَقولُ لِلَّذينَ تَزدَرى أَعيُنُكُم لَن يُؤتِيَهُمُ اللَّهُ خَيرًا اللَّهُ أَعلَمُ بِما فى أَنفُسِهِم إِنّى إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 31) |
۽ مان اوھان کي اھو به نٿو چوان ته مون وٽ اللھ تعالى جا ڪي (لڪيل) خزانا آھن، نه ئي مون کي غيب جو علم آھي ۽ نه ئي منھنجي اھا دعوى آھي ته مان ڪو فرشتو آھيان ۽ جيڪي ماڻهو توھان جي نگاهه ۾ حقير آھن انهن جي باري ۾ مان نٿو چئي سگهان ته کين اللھ تعالى ڀلائي نه ڏيندو، اللھ تعالى انھن جي دلين کان خوب واقف آھي (جيڪڏھن مان کين پاڻ کان پري ڪيو ته) پَڪ سان مان ناانصافي ڪندڙن مان ٿيندس. |
قالوا يٰنوحُ قَد جٰدَلتَنا فَأَكثَرتَ جِدٰلَنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 32) |
جواب ۾ انهن چيو ته اي نوح! تو اسان سان جهڳڙو ڪيو ۽ گهڻو ئي جهڳڙو ڪري ورتو. بس! جيڪڏھن تون سچو آھين ته ھاڻي ئي اسان جي مٿان عذاب آڻ، جنھن جي تون اسان کي ڌمڪي ڏئين ٿو. |
قالَ إِنَّما يَأتيكُم بِهِ اللَّهُ إِن شاءَ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 33) |
نوح ($) چيو ته بيشڪ توھان تي عذاب ته اللھ تعالى ئي آڻيندو، جيڪڏھن ھو چاھيندو (بھرحال) توھان ان عذاب کي ٽاري نٿا سگهو. |
وَلا يَنفَعُكُم نُصحى إِن أَرَدتُ أَن أَنصَحَ لَكُم إِن كانَ اللَّهُ يُريدُ أَن يُغوِيَكُم هُوَ رَبُّكُم وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 34) |
۽ جيڪڏھن اللھ تعالى ئي توھان کي (توھان جي برن ڪمن جي ڪري) گمراهه ڪرڻ جو ارادو ڪيو آھي ته ھاڻي مان نصيحت ڪرڻ به چاھيان ته به اھا نصيحت اوھان کي ڪڏھن به فائدو نه ڏئي سگهندي. اُھوئي توھان سڀني جو پالڻھار آھي ۽ توھان سڀ ان ڏانھن ئي موٽايا ويندا. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل إِنِ افتَرَيتُهُ فَعَلَىَّ إِجرامى وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تُجرِمونَ (آيت : 35) |
(اي نبيﷺ) ھي ماڻهو توهان جي لاءِ چون ٿا ته ھي قرآن ھُن خود ٺاھيو آھي. انهن کي چؤ ته جيڪڏھن مان ان کي ٺاھيو آھي ته ان (جرم ) جي ذميداري مون تي ئي آھي ۽ جيڪو (ڄاڻي واڻي) ايمان نه آڻڻ جي صورت ۾ توھان جرم ڪري رھيا آھيو (ان جي ذِميدارِي توھان تي آھي) مان ان جو ذِميدار نه آھيان. |
وَأوحِىَ إِلىٰ نوحٍ أَنَّهُ لَن يُؤمِنَ مِن قَومِكَ إِلّا مَن قَد ءامَنَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) |
پوءِ اسان نوح ($) کي ٻڌائي ڇڏيوسين ته تنھنجي قوم مان جن به ماڻهن کي ايمان آڻڻو ھو سي آڻي چڪا، ٻيا ماڻهو بهرحال ايمان آڻڻ جي موڊ ۾ ئي نه آھن. تون اُنهن جي عملن تي غم کائڻ ڇڏي ڏي. |
وَاصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 37) |
تون اسان جي نگراني ۾ وحي جي ذريعي ڏنل ھدايتن مطابق ھڪ ٻيڙو ٺاھ، پر (رحمدلي جو مظاھرو ڪندي) ظالمن جي باري ۾ اسان کي التجا نه ڪجانءِ . بيشڪ ھاڻي ھي سڀ ماڻهو غرق ٿيڻ وارا آھن. |
وَيَصنَعُ الفُلكَ وَكُلَّما مَرَّ عَلَيهِ مَلَأٌ مِن قَومِهِ سَخِروا مِنهُ قالَ إِن تَسخَروا مِنّا فَإِنّا نَسخَرُ مِنكُم كَما تَسخَرونَ (آيت : 38) |
ھو ٻيڙو ٺاھي رھيو ھو ته سندس قوم جي سردارن مان جيڪو به اتان گذري پيو ته مٿس کلندي ٽوڪون ڪندو ھو، تنھن تي (نوح $ ) چيو ته جيڪڏھن توھان اسان تي ٽوڪون ڪريو ٿا ته اهو وقت به ايندو جواسان به توھان تي ٽوڪون ڪنداسين، جيئن توھان ٽوڪون ڪريو ٿا. |
فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 39) |
توھان کي جلد ئي خبر پئجي ويندي ته ڪنھن تي دنيا ۾ ذليل ڪرڻ وارو عذاب اچي ٿو ۽ قيامت ۾ وري مٿس ھميشه عذاب ٿيندو رھندو. |
حَتّىٰ إِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ قُلنَا احمِل فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ وَمَن ءامَنَ وَما ءامَنَ مَعَهُ إِلّا قَليلٌ (آيت : 40) |
آخرڪار اسان جي (عذاب وارو) حڪم اچي پھتو ۽ تنور ڇوهه سان ڀڙڪو کاڌو ته اسان (نوح $ کي) چيو ته ھاڻي تون ھر قسم جي جانورن مان ھڪ ھڪ جوڙي نر ۽ مادي، پنھنجي گهر وارن ۽ ايمان آڻيندڙ سڀني کي ٻيڙي ۾ ويھار پر انهن ماڻهن کي بلڪل نه ويھارجانءِ جن جي تباهه ٿيڻ جو پروانو جاري ٿي چڪو آھي. پوءِ (نوح $) سان گڏ تمام ٿورڙا ماڻهو ھئا جن ايمان آندو ھو. |
وَقالَ اركَبوا فيها بِسمِ اللَّهِ مَجر۪ىٰها وَمُرسىٰها إِنَّ رَبّى لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 41) |
۽ نوح ($) ايمان آڻيندڙن کي چيو ته ھن ٻيڙي ۾ سوار ٿيو، ھن ٻيڙي جو ھلڻ ۽ ھن جو بيھڻ اللھ تعالى جي نالي سان ئي آھي. بيشڪ منھنجو پالڻھار وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي. |
وَهِىَ تَجرى بِهِم فى مَوجٍ كَالجِبالِ وَنادىٰ نوحٌ ابنَهُ وَكانَ فى مَعزِلٍ يٰبُنَىَّ اركَب مَعَنا وَلا تَكُن مَعَ الكٰفِرينَ (آيت : 42) |
۽ اھو ٻيڙو جبلن جھڙين ڇولين ۾ سوارين کي کڻي ھلي رھيو ھو (ان دوران) نوح ($) پنھنجي پٽ کي سڏيو جيڪو ٿورو پرڀرو (پريشاني واري حالت ۾) بيٺو ھو. کيس چيائينس ته اي منهنجا پٽڙا! اسان سان گڏ (ٻيڙي ۾) سوار ٿي وڃ، تون انهن ڪافرن سان گڏ شامل نه ٿيءُ. |
قالَ سَـٔاوى إِلىٰ جَبَلٍ يَعصِمُنى مِنَ الماءِ قالَ لا عاصِمَ اليَومَ مِن أَمرِ اللَّهِ إِلّا مَن رَحِمَ وَحالَ بَينَهُمَا المَوجُ فَكانَ مِنَ المُغرَقينَ (آيت : 43) |
پُٽ جواب ڏنو ته مان ھاڻي ئي جبل تي چڙھي ويندس، ھو مون کي پاڻي کان بچائيندو.(نوح $ ) چيس ته (پُٽ) اڄ اللھ تعالى جي حڪم کان ڪير به بچائڻ وارو نه آھي، سواءِ ان جي جنھن تي ھو پاڻ رحم ڪري (ته اھوئي بچي سگهي ٿو) ايتري ۾ (پيءُ ۽ پُٽ) ٻنھي جي وچ ۾ هڪ ڇولي آئي، پوءِ ھو غرق ٿيندڙن ۾ شامل ٿي ويو. |
وَقيلَ يٰأَرضُ ابلَعى ماءَكِ وَيٰسَماءُ أَقلِعى وَغيضَ الماءُ وَقُضِىَ الأَمرُ وَاستَوَت عَلَى الجودِىِّ وَقيلَ بُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
پوءِ (اللھ تعالى جي طرفان) چيو ويو ته اي زمين! پنھنجو پاڻي چُھي وڃ ۽ اي آسمان! پاڻي وسائڻ بند ڪر، پوءِ گڏ ٿيل پاڻي سڪي ويو ۽ اللھ تعالى جو حڪم پورو ٿي چڪو، ٻيڙو جودي جبل سان وڃي لڳو ۽ چيو ويو ته ظالم قوم (رحمت کان) محروم ڪئي وئي. |
وَنادىٰ نوحٌ رَبَّهُ فَقالَ رَبِّ إِنَّ ابنى مِن أَهلى وَإِنَّ وَعدَكَ الحَقُّ وَأَنتَ أَحكَمُ الحٰكِمينَ (آيت : 45) |
(عذاب دوران) نوح ($) پنھنجي پالڻھار کي سڏيو ۽ چيائين ته پالڻھار! بيشڪ منھنجو پُٽ منھنجي گهر وارن مان آھي ۽ تنھنجو وعدو به سچو آھي (ته تون منھنجي گهر وارن کي بچائيندين سو ان کي بچاءِ) ۽ فيصلي ڪرڻ وارن کان تون ئي بھترين فيصلو ڪندڙ آھين. |
قالَ يٰنوحُ إِنَّهُ لَيسَ مِن أَهلِكَ إِنَّهُ عَمَلٌ غَيرُ صٰلِحٍ فَلا تَسـَٔلنِ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنّى أَعِظُكَ أَن تَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 46) |
(اللھ تعالى) جواب ۾ فرمايو ته اي نوح! اِھو پُٽ ته تنھنجي گهر وارن ۾ شامل ئي نه آھي، ھو ته هڪ بدعمل ماڻهو آھي. مون کي اھڙو عرض نه ڪندو ڪر جنھن جي باري ۾ توکي ڪابه خبر نه ھجي، بيشڪ مان توکي سمجهايان ٿو ته آئندهه جاھل ماڻهن منجهان نه ٿجانءِ. |
قالَ رَبِّ إِنّى أَعوذُ بِكَ أَن أَسـَٔلَكَ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَإِلّا تَغفِر لى وَتَرحَمنى أَكُن مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 47) |
(نوح $ ) فوراً چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! مان توکان اھڙي شيءِ جي پناهه ٿو گهران جنھن جي مون کي ڪابه خبر نه ھجي (ھاڻي) جيڪڏھن تون مون کي معاف نه ڪيو ۽ مون تي رحم نه ڪيو ته مان نقصان کڻڻ وارن مان ٿي ويندس. |
قيلَ يٰنوحُ اهبِط بِسَلٰمٍ مِنّا وَبَرَكٰتٍ عَلَيكَ وَعَلىٰ أُمَمٍ مِمَّن مَعَكَ وَأُمَمٌ سَنُمَتِّعُهُم ثُمَّ يَمَسُّهُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 48) |
(اللھ تعالى جي طرفان) چيو ويو ته: اي نوح! ٻيڙي مان لھي اچ (ھاڻي وري زمين تي زندگي گذار) تنھنجي ۽ توسان گڏ جيڪي امتي باقي بچيا آھن، تن سڀني تي سلامتي ۽ برڪتون آھن، (پر ھڪڙي ڳالھ ياد رک ته) انهن مان ڪجهه امتي اھڙا به ٿيندا، جن کي اسين خوشحالي ڏينداسين (وري ھو به ظلم جي ڪمن ۾ لڳي ويندا) پوءِ انهن کي به اسان جي طرفان تڪليف وارو عذاب پھچندو. |
تِلكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيها إِلَيكَ ما كُنتَ تَعلَمُها أَنتَ وَلا قَومُكَ مِن قَبلِ هٰذا فَاصبِر إِنَّ العٰقِبَةَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 49) |
(اي نبيﷺ!) ھي آھن غيب جون خبرون، جيڪي اسان توکي وحيءَ جي ذريعي ٻڌايون ٿا، تون ۽ تنھنجي قوم کي ھن کان اڳ اھڙن واقعن جي ڪابه خبر نه ھئي. (توکي به ھي قوم تڪليف ڏئي ٿي تنھن ڪري) تون ثابت قدم رهه. بيشڪ سھڻو انجام پرھيزگارن جو ئي ٿيندو. |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِن أَنتُم إِلّا مُفتَرونَ (آيت : 50) |
۽ (اھڙي طرح) عاد قوم ڏانھن سندس ڀاءُ ھود ($) کي موڪليوسين، ھن چيو ته: اي منھنجي قوم! اللھ تعالى جي عبادت ڪريو، ان کان سواءِ اوھان جو ٻيو ڪير به معبود نه آھي، توھان رڳو ڪوڙ گهڙيندا آھيو. |
يٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى الَّذى فَطَرَنى أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 51) |
اي منھنجي قوم! (مان توھان سان خيرخواھي ڪريان ٿو) مان توھان کان سمجهائڻ جومعاوضو ته نٿو گهران، منھنجومعاوضو ته اللھ تعالى وٽ آھي، جنهن مون کي پيدا ڪيو آھي، اوھان ان ڳالھ کي ڇو نٿا سمجهو؟ |
وَيٰقَومِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا وَيَزِدكُم قُوَّةً إِلىٰ قُوَّتِكُم وَلا تَتَوَلَّوا مُجرِمينَ (آيت : 52) |
اي منھنجي قوم! پنھنجي پالڻھار کان گناھن جي بخشش گهرو ۽ گناهه ڪرڻ کان توبہ ڪريو ته ھو توھان تي آسمان مان (رحمت جا) مينھن وسائيندو ۽ توھان جي (موجود مالي) طاقت کي اڃا به گهڻو مضبوط ڪندو پر ڏوھاري ماڻهن وانگر توهان منھن نه ڦيرجو. |
قالوا يٰهودُ ما جِئتَنا بِبَيِّنَةٍ وَما نَحنُ بِتارِكى ءالِهَتِنا عَن قَولِكَ وَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 53) |
انهن چيو ته: اي ھود! (اسان سمجهون ٿا ته) تو اسان وٽ ڪوبه چٽو دليل نه آندو آھي، رڳو تنھنجي چوڻ تي اسان پنھنجي معبودن کي ته نٿا ڇڏي سگهون ۽ نه ئي تنھنجي مٿان ايمان آڻي سگهون ٿا. |
إِن نَقولُ إِلَّا اعتَرىٰكَ بَعضُ ءالِهَتِنا بِسوءٍ قالَ إِنّى أُشهِدُ اللَّهَ وَاشهَدوا أَنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 54) |
پر اسان توکي ايترو چئون ٿا ته لڳي ٿو ته توکي اسان جي ڪن معبودن جي ڪا پِٽ لڳي آھي. (ھود $ ) چيو ته مان اللھ تعالى کي شاھد بڻايان ٿو ۽ توھان به شاھد رھجو ته مان انهن (معبودن) کان بيزار آھيان جن کي اوھان اللھ تعالى کان سواءِ شريڪ ڪريو ٿا. |
مِن دونِهِ فَكيدونى جَميعًا ثُمَّ لا تُنظِرونِ (آيت : 55) |
ان (اللھ) کان سواءِ باقي توھان ۽ توھان جا سڀ شريڪ ملي ڪري به منھنجي خلاف جيڪو وڻيوَ سو ڪريو، مون کي صفا مھلت نه ڏجو. |
إِنّى تَوَكَّلتُ عَلَى اللَّهِ رَبّى وَرَبِّكُم ما مِن دابَّةٍ إِلّا هُوَ ءاخِذٌ بِناصِيَتِها إِنَّ رَبّى عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 56) |
بيشڪ مان اللھ تعالى تي ڀروسو رکان ٿو جيڪو منھنجو ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، اھڙو ڪوبه ساھوارو نه آھي جنھن جي ڳچي ان (اللھ) جي ھٿ ۾ نه ھجي، بيشڪ منھنجي پالڻھار جو ڪم صحيح طريقي تي ھوندو آھي. |
فَإِن تَوَلَّوا فَقَد أَبلَغتُكُم ما أُرسِلتُ بِهِ إِلَيكُم وَيَستَخلِفُ رَبّى قَومًا غَيرَكُم وَلا تَضُرّونَهُ شَيـًٔا إِنَّ رَبّى عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 57) |
پر جيڪڏھن توھان منھن موڙيو ٿا ته بيشڪ مون کي توھان ڏانھن جنھن مقصد لاءِ موڪليو ويو ھو، سو اهو پيغام مان توھان کي پھچائي ڇڏيو (ھاڻي لڳي ٿو ته) منھنجو پالڻھار اوھان جي جاءِ تي ٻي ڪنھن قوم کي جانشين مقرر ڪندو ۽ توھان ان کي ڪوبه نقصان نٿا پھچائي سگهو، بيشڪ منھنجو پالڻھار ھر شيءِ جو نگھبان آھي. |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا هودًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَنَجَّينٰهُم مِن عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 58) |
۽ جڏھن اسان جو حڪم (يعني عذاب) اچي پھتو ته اسان ھود ($) ۽ ايمان آڻيندڙن کي پنھنجي رحمت سان بچايوسين ۽ کين سخت عذاب کان به نجات ڏني سين. |
وَتِلكَ عادٌ جَحَدوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَعَصَوا رُسُلَهُ وَاتَّبَعوا أَمرَ كُلِّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 59) |
۽ اھا عاد قوم ئي ھئي جنھن پنھنجي پالڻھار جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ پنهنجي رسول سڳورن کي نه مڃيو ۽ ھر سرڪش ۽ مغرور ماڻهوءَ جي تابعداري ڪندا رھيا. |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ أَلا إِنَّ عادًا كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِعادٍ قَومِ هودٍ (آيت : 60) |
(آخرڪار) مٿن ھن دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به لعنت پوندي رھندي. خبردار! بيشڪ عاد قوم پنھنجي پالڻھار (جي آيتن) جو انڪار ڪيو، سو ڏسي وٺو! عاد قوم جيڪا ھود ($) جي قوم ھئي سا (رحمت کان) محروم ڪئي وئي. |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ هُوَ أَنشَأَكُم مِنَ الأَرضِ وَاستَعمَرَكُم فيها فَاستَغفِروهُ ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى قَريبٌ مُجيبٌ (آيت : 61) |
۽ (اھڙي طرح) ثمود قوم ڏانھن سندس ڀاءُ صالح ($) کي موڪليوسين، ھن چيو ته: اي منھنجي قوم! اللھ تعالى جي عبادت ڪريو، اوھان جو ان کان سواءِ ٻيو ڪير به معبود نه آھي، ھن توھان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ ان زمين ۾ ئي توھان کي ٺڪاڻو ڏنائين پوءِ توھان ان کان گناھن جي بخشش گهرو ۽ گناھن کان رڪجي ان ڏي (توبَہ ڪري) موٽو. بيشڪ منھنجو پالڻھار (تمام) ويجهو به آهي ته دعائن کي قبول ڪندڙ به آھي. |
قالوا يٰصٰلِحُ قَد كُنتَ فينا مَرجُوًّا قَبلَ هٰذا أَتَنهىٰنا أَن نَعبُدَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا وَإِنَّنا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 62) |
انهن چيو ته: (اي صالح!) تون ته اسان ۾ وڏو قابل ماڻهو سمجهيو ويندو ھئين ۽ (اسان کي) تو ۾ وڏيون اميدون به ھيون، ڇا تون اسان کي انهن جي عبادت ڪرڻ کان روڪين ٿو جن جي عبادت اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا آھن؟ اسان (توحيد بابت) شڪ ۾ آھيون ۽ جنھن ڳالھ ڏانھن تون اسان کي سڏين ٿو سا دل کي مُنجهائيندڙ آھي. |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى مِنهُ رَحمَةً فَمَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن عَصَيتُهُ فَما تَزيدونَنى غَيرَ تَخسيرٍ (آيت : 63) |
صالح ($) چيو ته: اي منھنجي قوم! ڀلا اھو ته ٻڌايو جيڪڏھن مان پنھنجي پالڻھار جي طرفان چٽي دليل تي ھجان ۽ ھُن پنھنجي طرف کان مون کي رحمت (۽ نبوت) به عطا ڪئي ھجي پوءِ جيڪڏھن مان ان جي نافرماني ڪريان ته مون کي اللھ تعالى (جي عذاب) کان ڪير بچائيندو؟ توھان ته رڳو منھنجي نقصان ۾ واڌارو ڪري سگهو ٿا. |
وَيٰقَومِ هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ قَريبٌ (آيت : 64) |
اي منھنجي قوم! ھي اللھ تعالى جي ڏاچي توھان لاءِ نشاني طور آھي، ھن کي آزاد ڇڏي ڏجو، اللھ تعالى جي زمين ۾ جتان به چرندي وتي ھن جي مرضيءَ تي ڇڏيل آھي، توهان ھن کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش نه ڪجو ورنه توھان تي فوراً عذاب ايندو. |
فَعَقَروها فَقالَ تَمَتَّعوا فى دارِكُم ثَلٰثَةَ أَيّامٍ ذٰلِكَ وَعدٌ غَيرُ مَكذوبٍ (آيت : 65) |
پر (افسوس) ھنن ماڻهن ان (ويچاري) ڏاچيءَ کي ماري وڌو. پوءِ صالح ($) چيو ته (ھاڻي) توھان صرف ٽي ڏينھن باقي پنھنجي گهرن ۾ مزي سان زندگي گذاريو، اهو ڪوڙو وعدو نه آھي. |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا صٰلِحًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَمِن خِزىِ يَومِئِذٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ القَوِىُّ العَزيزُ (آيت : 66) |
پوءِ جڏھن اسان جو عذاب آيو ته صالح ( $) ۽ ان سان گڏ ايمان آڻيندڙن کي اسان پنھنجي رحمت سان بچايو ۽ کين (قيامت واري ڏينھن) خواري کان نجات ڏني سين. بيشڪ تنھنجو پالڻھار وڏو طاقتور ۽ زبردست آھي. |
وَأَخَذَ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 67) |
پوءِ جن جن ماڻهن ظلم ڪيو هو تن سڀني کي ھڪ رڙِ (جي آواز) اچي وڪڙ ۾ ورتو ۽ ھو پنھنجي گهرن ۾ اونڌا مئل پيا ھئا. |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا إِنَّ ثَمودَا۟ كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِثَمودَ (آيت : 68) |
(ايئن لڳي پيو ته) ڄڻ انهن گهرن ۾ ڪير آباد ئي ڪونه ھو، بيشڪ ثمود قوم پنھنجي پالڻھار جي آيتن جو انڪار ڪيو، سو ڏسي وٺو! ثمود قوم کي جيڪا (رحمت کان) محروم ڪئي وئي. |
وَلَقَد جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ فَما لَبِثَ أَن جاءَ بِعِجلٍ حَنيذٍ (آيت : 69) |
(اھڙي طرح) اسان جا موڪليل فرشتا ابراھيم ($ ) ڏي خوشخبري کڻي آيا، (اچڻ سان ئي) کيس سلام ڪيو. ابراھيم ($) سلام جو جواب ڏنو. ۽ ٿوري دير ۾ سندن سامھون گابي جو ڀُڳل گوشت کڻي آيو. |
فَلَمّا رَءا أَيدِيَهُم لا تَصِلُ إِلَيهِ نَكِرَهُم وَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومِ لوطٍ (آيت : 70) |
جڏھن (ابراھيم ($) ڏٺو ته ھي فرشتا کاڌو کائڻ لاءِ ھٿ ئي نٿا وڌائين ته کيس شڪ به ٿيو ته ڊپ به. (ملائڪ ان جو شڪ ۽ ڊپ سمجهي ويا) انهن چيس ته ڊپ نه ڪر اسان کي لوط ($) جي قوم ڏانھن (عذاب ڏيڻ ۽ توھان کي پُٽ جي خوشخبري ڏيڻ لاءِ) موڪليو ويو آھي. |
وَامرَأَتُهُ قائِمَةٌ فَضَحِكَت فَبَشَّرنٰها بِإِسحٰقَ وَمِن وَراءِ إِسحٰقَ يَعقوبَ (آيت : 71) |
(پُٽ جي خوشخبري ٻڌائڻ وقت) سندس گهر واري (بي بي سارهه سانئڻ) به بيٺي ھئي ۽ (خوشخبري) ٻڌي کلي ڏنائين، اسان کيس پُٽ اسحاق ۽ اسحاق کان پوءِ پوٽي يعقوب جي خوشخبري ٻڌائي. |
قالَت يٰوَيلَتىٰ ءَأَلِدُ وَأَنا۠ عَجوزٌ وَهٰذا بَعلى شَيخًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 72) |
(گهر واريءَ حيران ٿيندي) چيو ته: اَلاڙي! مان ٻار ڪيئن ڄڻينديس! مان ته صفا پوڙھي ٿي چڪي آھيان ۽ منھنجو مڙس به (ويچارو) جهونڙو ٿي ويو آھي. بيشڪ اھا ته ھڪ عجيب خوشخبري آھي. |
قالوا أَتَعجَبينَ مِن أَمرِ اللَّهِ رَحمَتُ اللَّهِ وَبَرَكٰتُهُ عَلَيكُم أَهلَ البَيتِ إِنَّهُ حَميدٌ مَجيدٌ (آيت : 73) |
فرشتن چيو ته ڇا توکي اللھ تعالى جي فيصلي تي تعجب ٿئي ٿو؟ اي ابراھيم جا گهر وارؤ! توھان تي ته اللھ تعالى جي رحمت ۽ ان جون برڪتون آھن (پريشان نه ٿيو) بيشڪ اللھ تعالى ئي تعريف جي لائق ۽ وڏي شان وارو آھي. |
فَلَمّا ذَهَبَ عَن إِبرٰهيمَ الرَّوعُ وَجاءَتهُ البُشرىٰ يُجٰدِلُنا فى قَومِ لوطٍ (آيت : 74) |
پوءِ جڏھن ابراھيم ($) جو ڊپ لٿو ۽ پوڙھائپ ۾ پُٽ جي خوشخبري ٻڌڻ سان خوش ٿيو ته وري لوط ($) جي قوم جي باري ۾ اسان (جي فرشتن) سان ويھي بحث ڪرڻ لڳو. |
إِنَّ إِبرٰهيمَ لَحَليمٌ أَوّٰهٌ مُنيبٌ (آيت : 75) |
بيشڪ ابراھيم ( $) وڏو بردبار، رحمدل ۽ ھر حال ۾ (اللھ تعالى ڏي) رجوع ڪندڙ ھو. |
يٰإِبرٰهيمُ أَعرِض عَن هٰذا إِنَّهُ قَد جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَإِنَّهُم ءاتيهِم عَذابٌ غَيرُ مَردودٍ (آيت : 76) |
(فرشتن چيو ته) اي ابراھيم! ان ڳالھ کي ڇڏي ڏي (يعني لوط $ جي قوم کي بچائڻ جي طرف داري نه ڪر) بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو فيصلو ٿي چڪو آھي ۽ کين عذاب ٿيڻو ئي ٿيڻو آھي (اھو عذاب) ڪنھن جي ٽارڻ سان نه ٽري سگهندو. |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالَ هٰذا يَومٌ عَصيبٌ (آيت : 77) |
جڏھن اسان جا فرشتا (سُھڻن ڇوڪرن جي شڪل ۾) لوط ($) وٽ آيا ته کين ڏسي ڏاڍو گهٻرائجي ۽ ڏکارو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته اڄوڪو ڏينھن ته ڪو وڏي مصيبت اچڻ وارو ٿو لڳي. |
وَجاءَهُ قَومُهُ يُهرَعونَ إِلَيهِ وَمِن قَبلُ كانوا يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ قالَ يٰقَومِ هٰؤُلاءِ بَناتى هُنَّ أَطهَرُ لَكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ فى ضَيفى أَلَيسَ مِنكُم رَجُلٌ رَشيدٌ (آيت : 78) |
(سُھڻن ڇوڪرن جو ٻُڌي) قوم جا ماڻهو وٽس ڀڄندا آيا. ھي ته اھڙي بري ڪم ڪرڻ جا اڳي ئي ھيراڪ ھئا (انھن جو اھڙو خراب موڊ ڏسي لوط $ ) چيو ته اي منھنجا قومي ڀائرو! (ايئن نه ڪريو) منھنجي قوم جون نياڻيون موجود آھن (انھن سان نڪاح ڪريو) اوھان لاءِ اھو ھڪ پاڪيزهه طريقو آھي (ٻيلي) اللھ تعالى کان ڊڄو ۽ مھمانن جي معاملي ۾ مون کي خوار نه ڪريو. ڇا توھان ۾ اھڙو ڪو چڱو مڙس ڪونھي؟ (جيڪو توھان کي مھمانن جي عزت ڪرڻ جو احساس ڏياري.) |
قالوا لَقَد عَلِمتَ ما لَنا فى بَناتِكَ مِن حَقٍّ وَإِنَّكَ لَتَعلَمُ ما نُريدُ (آيت : 79) |
انهن چيو ته: (اي لوط!) توکي ته خبر آھي ته اسان جو تنھنجي نياڻين سان ڪھڙو ڪم؟ تون چڱي طرح سمجهين ٿو ته اسان ڇا ٿا چاھيون؟ |
قالَ لَو أَنَّ لى بِكُم قُوَّةً أَو ءاوى إِلىٰ رُكنٍ شَديدٍ (آيت : 80) |
(هڪ وڏي آھ ڀري لوط $ ) چيو ته ڪاش! مون ۾ ايتري طاقت ھجي ھا يا مون کي اھڙو مضبوط سھارو ملي وڃي ھا (جو مان مھمانن جي عزت بچائي سگهان ھا.) |
قالوا يٰلوطُ إِنّا رُسُلُ رَبِّكَ لَن يَصِلوا إِلَيكَ فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ إِلَّا امرَأَتَكَ إِنَّهُ مُصيبُها ما أَصابَهُم إِنَّ مَوعِدَهُمُ الصُّبحُ أَلَيسَ الصُّبحُ بِقَريبٍ (آيت : 81) |
(ھاڻي فرشتن ڀڙڪو کاڌو ۽) چيائون اي لوط! (تون پري ٿي بيھه) اسان تنھنجي پالڻھار جا موڪليل فرشتا آھيون، ھي (بدمعاش) توکي ھرگز به ھٿ نه لائي سگهندا، تون رات جي پھر ۾ ئي پنھنجي ايمان وارن کي وٺي ھتان جلدي نڪري وڃ ۽ ڪير به پوئتي نه نھاري. تون پنھنجي گهر واريءَ کي گڏ نه کڻجانءِ، ان کي به اھوئي عذاب ملندو جيڪو هنن (بدمعاشن) کي ملندو، انهن جي عذاب جو وقت صبح جو مقرر ٿيل آھي، سو صبح جو وقت اچي پھتو آھي؟ |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا جَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيها حِجارَةً مِن سِجّيلٍ مَنضودٍ (آيت : 82) |
جڏھن اسان جي عذاب جو وقت اچي پھتو ته اسان ان شھر کي پاڙان پٽي مٿي ابتو ڪري هيٺ اڇلايوسين،۽ ان تي لڳاتار مٽيءَ جا پڪل (بُھڻ جا) سروٽا وسائيندا رھياسين. |
مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ وَما هِىَ مِنَ الظّٰلِمينَ بِبَعيدٍ (آيت : 83) |
(اي نبيﷺ!) توهان جي پالڻھار جي طرفان ھڪ ھڪ سروٽو نشان ٿيل ھو (۽ ٺيڪ وڃي ان نشاني تي ڪريو ٿي) اي مڪي وارؤ! توھان جھڙن ظالمن کان اھو شھر ڪو پري ته ناھي (وڃي ڏسو) |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ وَلا تَنقُصُوا المِكيالَ وَالميزانَ إِنّى أَرىٰكُم بِخَيرٍ وَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ مُحيطٍ (آيت : 84) |
(اھڙي طرح) مدين شھر وارن ڏانھن اسان سندن ڀاءُ شعيب ($) کي موڪليو. ھن چيو ته: اي منھنجي قوم! اللھ تعالى جي عبادت ڪريو توھان جو ان کان سواءِ ٻيو ڪير به معبود ناھي. توهان ماپ ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو، مان ته توھان کي خوشحال ڏسان ٿو پر مون کي اھو ڀؤ آھي ته توھان تي (ماپ تور ۾ کوٽ ڪرڻ جي ڪري) ڪنھن ڏينھن ڪو اھڙو عذاب نه اچي جيڪو سڀني کي وڪوڙي ڇڏي. |
وَيٰقَومِ أَوفُوا المِكيالَ وَالميزانَ بِالقِسطِ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 85) |
اي منھنجي قوم! ماپ ۽ تور انصاف سان ڪندا ڪريو ۽ ماڻهن کي پنھنجيون شيون گهٽائي نه ڏيو ۽ نه زمين ۾ فساد ڦھلائيندا وتو. |
بَقِيَّتُ اللَّهِ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 86) |
ماپ ۽ تور ۾ انصاف سان ڪمايل فائدو ئي اللھ تعالى جي بچت آھي، جيڪڏھن توھان ايمان وارا آھيو ته اها ئي بچت توھان لاءِ بھتر آھي. مان (بھرحال) اوھان تي نگراني ڪرڻ وارو ته نه آھيان. |
قالوا يٰشُعَيبُ أَصَلوٰتُكَ تَأمُرُكَ أَن نَترُكَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا أَو أَن نَفعَلَ فى أَموٰلِنا ما نَشٰؤُا۟ إِنَّكَ لَأَنتَ الحَليمُ الرَّشيدُ (آيت : 87) |
انهن چيو ته: اي شعيب! ڇا توکي تنهنجي نماز اھو ٿي سيکاري ته اسان جا ابا ڏاڏا جن جي عبادت ڪندا ھئا تن معبودن کي ڇڏي ڏيون ۽ ڇا اسان پنھنجي مرضيءَ سان پنھنجو مال به خرچ نه ڪري سگهون (واهه ــ واهه!) بيشڪ تون ته ڪو وڏو نرم دل ۽ چڱو مڙس ٿو لڳين! |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَرَزَقَنى مِنهُ رِزقًا حَسَنًا وَما أُريدُ أَن أُخالِفَكُم إِلىٰ ما أَنهىٰكُم عَنهُ إِن أُريدُ إِلَّا الإِصلٰحَ مَا استَطَعتُ وَما تَوفيقى إِلّا بِاللَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ (آيت : 88) |
شعيب ($) چيو ته: اي منھنجي قوم! ڀلا اھو ٻڌايو ته جيڪڏھن مان پنھنجي پالڻھار جي طرفان چٽي دليل تي ھجان ۽ ھُن پنھنجي طرفان سٺي (۽ پاڪيزهه) روزي به عطا ڪئي ھجي ۽ مان نٿو چاھيان ته ڪو اھڙو ڪم ڪريان جنھن کان مان توھان کي منع ڪريان، مان ته پنھنجي وَسَ آھر ئي اصلاح ڪرڻ گهران ٿو. اللھ تعالى کان سواءِ مون کي ٻي ڪابه طاقت نه آھي، ان تي ئي ڀروسو رکان ٿو ۽ (ھر ڪم لاءِ) ان ڏانھن ئي لاڙو رکندو آھيان. |
وَيٰقَومِ لا يَجرِمَنَّكُم شِقاقى أَن يُصيبَكُم مِثلُ ما أَصابَ قَومَ نوحٍ أَو قَومَ هودٍ أَو قَومَ صٰلِحٍ وَما قَومُ لوطٍ مِنكُم بِبَعيدٍ (آيت : 89) |
اي منھنجي قوم! متان توھان کي مون سان دشمني ان حد تائين وڃي پھچائي جو اوھان جي مٿان به اھڙو عذاب نه اچي جيڪو نوح، ھود ۽ صالح (ؓ) جي قومن تي اچي چڪو آھي ۽ لوط ($) جي قوم (جو اَنجام) ته توھان کان گهڻو پري به ناھي. |
وَاستَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى رَحيمٌ وَدودٌ (آيت : 90) |
پنھنجي پالڻھار کان گناھن جي بخشش گهرندا رھو ۽ گناھن کان بچندي ان ڏي رجوع ڪريو. بيشڪ منھنجو پالڻھار وڏو رحم ڪندڙ ۽ محبت رکندڙ آھي. |
قالوا يٰشُعَيبُ ما نَفقَهُ كَثيرًا مِمّا تَقولُ وَإِنّا لَنَرىٰكَ فينا ضَعيفًا وَلَولا رَهطُكَ لَرَجَمنٰكَ وَما أَنتَ عَلَينا بِعَزيزٍ (آيت : 91) |
ماڻهن جواب ڏنو: اي شعيب! تون جيڪو چوين ٿو انهن مان گهڻيون ڳالھيون ته اسان کي سمجهه ۾ ئي نٿيون اچن ۽ اسان وٽ تنھنجي (انتھائي) ڪمزور پوزيشن آھي، جيڪڏھن تنھنجي ھلڪي سلڪي برادري نه ھجي ھا ته اسان توکي (ڪڏھوڪو) پٿر ھڻي ماري ڇڏيون ھا ۽ تنھنجي ڪھڙي مجال جو تون اسان کان ڏاڍو ٿيندين؟ |
قالَ يٰقَومِ أَرَهطى أَعَزُّ عَلَيكُم مِنَ اللَّهِ وَاتَّخَذتُموهُ وَراءَكُم ظِهرِيًّا إِنَّ رَبّى بِما تَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 92) |
شعيب ($) چيو ته: اي منھنجي قوم! اوھان کي اللھ تعالى جي مقابلي ۾ منھنجي (ننڍڙي) برادري وڌيڪ عزت واري نظر اچي ٿي. (نعوذباللھ) توھان اللھ تعالى (جي لحاظ) کي ئي پوئتي ڦٽي ڪري ڇڏيو آھي. بيشڪ منھنجي پالڻھار توھان جي ھر عمل کي گهيري ۾ ورتو آھي. |
وَيٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ سَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَمَن هُوَ كٰذِبٌ وَارتَقِبوا إِنّى مَعَكُم رَقيبٌ (آيت : 93) |
اي منھنجي قوم! توھان پنھنجي جاءِ تي ڪم ڪندا رھو، مان به ڪم ڪريان ٿو. جلد ئي اوھان کي خبر پئجي ويندي ته خوار ڪرڻ وارو عذاب ڪنھن تي اچي ٿو؟ ۽ ڪير ڪوڙو آھي؟ بس انتظار ڪريو مان به توھان سان گڏ انتظار ڪريان ٿو. |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا شُعَيبًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَأَخَذَتِ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 94) |
پوءِ جڏھن اسان جو عذاب آيو ته شعيب ( $) ۽ ان سان گڏ جن ماڻهن ايمان آندو تن سڀني کي اسان پنھنجي رحمت سان بچايوسين ۽ جن جن ماڻهن به ظلم ڪيو هو تن سڀني کي ھڪ رڙِ جي آواز اچي وڪڙ ۾ ورتو ۽ ھو پنھنجي گهرن ۾ اونڌا مئل پيا ھئا. |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا بُعدًا لِمَديَنَ كَما بَعِدَت ثَمودُ (آيت : 95) |
ڄڻ ته انهن گهرن ۾ ڪير آباد ئي ڪونه ھو. مدين وارا به (رحمت کان) ايئن محروم ڪيا ويا جيئن ثمود قوم محروم ڪئي وئي هئي. |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 96) |
(اھڙيءَ طرح) اسان موسى ($) کي به پنھنجون نشانيون ۽ واضح دليل ڏئي ڪري موڪليو هو. |
إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاتَّبَعوا أَمرَ فِرعَونَ وَما أَمرُ فِرعَونَ بِرَشيدٍ (آيت : 97) |
فرعون ۽ ان جي سردارن ڏانھن، پر انهن ماڻهن فرعون جي حڪم جي پيروي ڪئي. حالانڪ فرعون جو حڪم صحيح به نه ھو. |
يَقدُمُ قَومَهُ يَومَ القِيٰمَةِ فَأَورَدَهُمُ النّارَ وَبِئسَ الوِردُ المَورودُ (آيت : 98) |
قيامت جي ڏينھن فرعون پنھنجي قوم جي اڳيان اڳيان ھوندو ۽ انهن سڀني کي (فرعون جي قيادت ۾ ئي) جھنم ڏانھن وٺي وڃبو. اھا ڪيڏي نه بري جاءِ آھي، جتي ڪير وڃي پھچي! |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ بِئسَ الرِّفدُ المَرفودُ (آيت : 99) |
مٿن ھن دنيا ۾ به لعنت پئي ۽ قيامت واري ڏينھن به لعنت پوندن. ڪيڏو نه برو بدلو آھي جيڪو کين ڏنو ويو. |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ القُرىٰ نَقُصُّهُ عَلَيكَ مِنها قائِمٌ وَحَصيدٌ (آيت : 100) |
(اي نبي ﷺ!) ھي ھيون انهن شھرن جون خبرون جيڪي اسان توکي ٻڌايون ٿا، انهن شھرن مان ڪي شھر ته اڄ به موجود آھن ۽ ڪن شهرن کي ته پاڙون ئي پٽي تباهه ڪري ڇڏيوسين. |
وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن ظَلَموا أَنفُسَهُم فَما أَغنَت عَنهُم ءالِهَتُهُمُ الَّتى يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ مِن شَيءٍ لَمّا جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَما زادوهُم غَيرَ تَتبيبٍ (آيت : 101) |
اسان مٿن ڪوبه ظلم نه ڪيو هو بلڪ انهن پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ھو ۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار جو عذاب آيو ته سندن معبودن مان جن جي ھو اللھ تعالى کي ڇڏي عبادت ڪندا ھئا ڪير به ڪم نه اچي سگهيو ۽ انهن معبودن ويتر سندن تباھيءَ ۾ واڌارو آڻي ڇڏيو. |
وَكَذٰلِكَ أَخذُ رَبِّكَ إِذا أَخَذَ القُرىٰ وَهِىَ ظٰلِمَةٌ إِنَّ أَخذَهُ أَليمٌ شَديدٌ (آيت : 102) |
تنھنجو پالڻھار اھڙي طريقي سان ئي ظالم ماڻهن کي پڪڙيندو آھي. بيشڪ ان جي پڪڙ انتھائي دردناڪ ۽ سخت ھوندي آھي. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِمَن خافَ عَذابَ الءاخِرَةِ ذٰلِكَ يَومٌ مَجموعٌ لَهُ النّاسُ وَذٰلِكَ يَومٌ مَشهودٌ (آيت : 103) |
بيشڪ انهن واقعن ۾ آخرت جي عذاب کان ڊڄندڙن جي لاءِ نشاني آھي. بيشڪ اھو ڏينھن سڀني ماڻهن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ وارو آھي، پوءِسڀ جا سڀ ان ڏينھن روبرو پيش ٿيندا. |
وَما نُؤَخِّرُهُ إِلّا لِأَجَلٍ مَعدودٍ (آيت : 104) |
اسان ته ان ڏينھن کي ٿوري وقت لاءِ پوئتي رکيو آھي. |
يَومَ يَأتِ لا تَكَلَّمُ نَفسٌ إِلّا بِإِذنِهِ فَمِنهُم شَقِىٌّ وَسَعيدٌ (آيت : 105) |
جڏھن اھو ڏينھن برپا ٿيندو ته اللھ تعالى جي اجازت کان سواءِ ڪير به نه ڳالھائي سگهندو. انهن مان ڪجهه نڀاڳا ماڻهو ھوندا ۽ ڪي وري سڀاڳا ھوندا. |
فَأَمَّا الَّذينَ شَقوا فَفِى النّارِ لَهُم فيها زَفيرٌ وَشَهيقٌ (آيت : 106) |
جيڪي نڀاڳا ھوندا، سي جھنم ۾ ويندا، جتي گرمي جي ڪري سندن رڙيون ۽ ڪُوڪراٽ لڳا پيا ھوندا. |
خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ إِنَّ رَبَّكَ فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 107) |
ھي ماڻهو ھميشه لاءِ جھنم ۾ رھندا جيستائين (قيامت واري ڏينھن جا موجود) آسمان ۽ زمين قائم رھيا يا وڌيڪ تنھنجو پالڻھار جيڪو چاھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار جو ڪجهه چاھي ٿو سو ئي ڪري ٿو. |
وَأَمَّا الَّذينَ سُعِدوا فَفِى الجَنَّةِ خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ عَطاءً غَيرَ مَجذوذٍ (آيت : 108) |
باقي رھيا سڀاڳا ماڻهو سي ھميشه لاءِ جنت ۾ رھندا. جيستائين (قيامت واري ڏينھن جا موجود) آسمان ۽ زمين قائم رھيا يا وڌيڪ تنھنجو پالڻھار جيڪو چاھي (بھرحال) مٿن ڪيل نعمتون ڪڏھن به ختم نه ٿي سگهنديون. |
فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِمّا يَعبُدُ هٰؤُلاءِ ما يَعبُدونَ إِلّا كَما يَعبُدُ ءاباؤُهُم مِن قَبلُ وَإِنّا لَمُوَفّوهُم نَصيبَهُم غَيرَ مَنقوصٍ (آيت : 109) |
(اي نبيﷺ!) ھي ماڻهو جنھن جي پوڄا ڪري رھيا آھن انهن جي باري ۾ (ھروڀرو) ھُرُ کُر ۾ نه پؤ، جيئن اڳ ۾ ھنن جا ابا ڏاڏا پوڄا ڪندا ھئا ھي به انهن جي ڊول (۽ طريقي) تي پوڄا ڪري رھيا آھن. بيشڪ اسان کين بغير ڪنھن گهٽتائي جي پنھنجو پورو حصو ڏينداسين. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَاختُلِفَ فيهِ وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّهُم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 110) |
بيشڪ اسان موسى ($) کي ڪتاب ڏنو ته ان ۾ به اختلاف پيدا ڪيو ويو (ھاڻي مڪي جا ماڻهو به قرآن جي باري ۾ اختلاف ڪن ٿا. اي نبيﷺ!) جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جي طرفان اڳ ۾ ڳالھ طئي ٿيل نه ھجي ھا ته انهن اختلاف ڪندڙن جي وچ ۾ ڪڏھو ڪو فيصلو ٿي وڃي ھا. بيشڪ ھي ماڻهو (قرآن جي باري ۾) وڏي شڪ ۾ به پيل آھن ۽ منجهيل به آھن. |
وَإِنَّ كُلًّا لَمّا لَيُوَفِّيَنَّهُم رَبُّكَ أَعمٰلَهُم إِنَّهُ بِما يَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 111) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار سڀني کي پنھنجي عملن جو پورو بدلو ڏيندو. بيشڪ ھو سندن ھر عمل کي خوب ڄاڻي ٿو. |
فَاستَقِم كَما أُمِرتَ وَمَن تابَ مَعَكَ وَلا تَطغَوا إِنَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 112) |
(اي نبيﷺ!) جيڪو توهان کي حڪم ڏنو ويو آھي ان مطابق توهان ۽ توهان جا ساٿي جن رجوع ڪيو آھي، سڀ حق تي ڄمي بيھو ۽ حد کان نه وڌو. بيشڪ اللھ تعالى توھان جي ھر عمل کي ڏسي ٿو. |
وَلا تَركَنوا إِلَى الَّذينَ ظَلَموا فَتَمَسَّكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 113) |
(اي مؤمنو!) ظالمن جي اڳيان ڪڏھن به نه جهڪجو ورنه توھان به باهه جي عذاب جي وڪڙ ۾ اچي ويندا ۽ اوھان کي اللھ تعالى کان سواءِ ٻيو ڪوبه مددگار نه ملندو ۽ توھان جي ڪابه مدد نه ڪئي ويندي. |
وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ طَرَفَىِ النَّهارِ وَزُلَفًا مِنَ الَّيلِ إِنَّ الحَسَنٰتِ يُذهِبنَ السَّيِّـٔاتِ ذٰلِكَ ذِكرىٰ لِلذّٰكِرينَ (آيت : 114) |
نماز قائم ڪريو صبح، شام ۽ ٿورو وقت رات جي اونداهه ٿيڻ کان پوءِ (يعني صبح، عصر، مغرب ۽ عشاء جون نمازون) بيشڪ نيڪيون برائين کي ميٽائين ٿيون، نصيحت مڃيندڙن لاءِ اها ھڪ وڏي نصيحت آھي. |
وَاصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 115) |
(اي نبيﷺ!) صبر ئي ڪر، بيشڪ اللھ تعالى نيڪوڪارن جي اجر کي ڪڏھن به ضايع نٿو ڪري. |
فَلَولا كانَ مِنَ القُرونِ مِن قَبلِكُم أُولوا بَقِيَّةٍ يَنهَونَ عَنِ الفَسادِ فِى الأَرضِ إِلّا قَليلًا مِمَّن أَنجَينا مِنهُم وَاتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا ما أُترِفوا فيهِ وَكانوا مُجرِمينَ (آيت : 116) |
توھان کان اڳ جيڪي امتون ٿي گذريون آھن، انهن مان ڇو نه اھڙا سمجهدار ماڻهو پيدا ٿيا جيڪي زمين ۾ ماڻهن کي فساد ڪرڻ کان روڪين ھا؟ (۽ جيڪڏهن ھئا به ته) ٿوري تعداد ۾. پوءِ اسان فسادين مان صرف انهن ٿورن کي ئي بچايوسين ۽ ظالم ماڻهو وري خوشحالي جي مزن جي پويان لڳا رھيا، ھو سڀ ڏوھاري ماڻهو ھئا. |
وَما كانَ رَبُّكَ لِيُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها مُصلِحونَ (آيت : 117) |
جن شھرن ۾ اصلاح ڪرڻ وارا ماڻهو موجود ھجن ته اللھ تعالى ايئن نه آھي جو انهن شھرن کي ڪڏھن به ظلم سان برباد ڪري. |
وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَجَعَلَ النّاسَ أُمَّةً وٰحِدَةً وَلا يَزالونَ مُختَلِفينَ (آيت : 118) |
توهان جو پالڻھار جيڪڏھن چاھي ھا ته سڀني ماڻهن کي (شروع ۾ئي) ھڪ گروه (يعني امت) بنائي ڇڏي ھا پر (ھاڻي) سندس نظام تحت ھي ماڻهو مختلف طريقن تي ئي ھلندا رھندا. |
إِلّا مَن رَحِمَ رَبُّكَ وَلِذٰلِكَ خَلَقَهُم وَتَمَّت كَلِمَةُ رَبِّكَ لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 119) |
باقي (حق کي قبول ڪرڻ جي صورت ۾) جن ماڻهن تي تنھنجو پالڻھار رحم ڪندو ته ھو اختلافن کان بچي ويندا. ان مقصد لاءِ ئي انسان کي پيدا ڪيو ويو آھي ۽ تنھنجي پالڻھار جي (اھا) ڳالھ پوري ٿي ته مان جنن ۽ انسانن سان جھنم کي ضرور ڀريندس. |
وَكُلًّا نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ الرُّسُلِ ما نُثَبِّتُ بِهِ فُؤادَكَ وَجاءَكَ فى هٰذِهِ الحَقُّ وَمَوعِظَةٌ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 120) |
(اي نبيﷺ!) نبين سڳورن جا هي واقعا اسان توکي ان ڪري ٻڌايون ٿا ته جيئن تنھنجي دل کي مضبوط ڪريون، انهن واقعن ۾ توکي اصل حقيقت جي ڄاڻ ملي ۽ مؤمنن کي وري نصيحت ۽ ياد دھاني ٿئي. |
وَقُل لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّا عٰمِلونَ (آيت : 121) |
تون انهن ماڻهن کي چؤ جن ايمان نه آندو ته توھان پنھنجي جاءِ تي عمل ڪندا رھو، بيشڪ اسان به پنھنجي جاءِ تي عمل ڪري رھيا آھيون. |
وَانتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 122) |
(نتيجي جو) انتظار توھان به ڪريو ۽ اسان به نتيجي جي انتظار ۾ آھيون. |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَيهِ يُرجَعُ الأَمرُ كُلُّهُ فَاعبُدهُ وَتَوَكَّل عَلَيهِ وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 123) |
آسمانن ۽ زمين جي غيب جو علم صرف اللھ تعالى وٽ آھي ۽ ھر معاملو ان جي طرف ئي موٽي ٿو . (پوءِ اي پيغمبر!) تون ان جي عبادت ڪر، ان تي ڀروسو رک ۽ جيڪو توھان عمل ڪريو ٿا، ان کان تنھنجو پالڻھار بي خبر نه آھي. |