الر كِتٰبٌ أُحكِمَت ءايٰتُهُ ثُمَّ فُصِّلَت مِن لَدُن حَكيمٍ خَبيرٍ (آيت : 1) |
ا-ل-ر حڪم آهي جنهن جون آيتون پختيون ۽ تفصيل سان بيان ٿيون آهن هڪ داناءَ باخبر هستيءَ جي طرفان. |
أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنَّنى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ وَبَشيرٌ (آيت : 2) |
ته توهان عبادت نه ڪريو پر صرف الله جي، بيشڪ آئون سندس طرفان توهان کي خبردار ڪرڻ ۽ بشارت ڏيندڙ آهيان. |
وَأَنِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُمَتِّعكُم مَتٰعًا حَسَنًا إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَيُؤتِ كُلَّ ذى فَضلٍ فَضلَهُ وَإِن تَوَلَّوا فَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ كَبيرٍ (آيت : 3) |
۽ هي به ته معافي گهرو پنهنجي رب کان موٽي اچو ان ڏي ته اهو هڪ خاص مدت تائين توهان کي سهڻي زندگيءَ جو سامان ڏيندو ۽ هر فضل واري صاحب کي ان جو فضل عطا ڪندو، پر جيڪڏهن توهان منهن موڙيو ته آئون ڊڄان ٿو توهان تي عذاب جي دهشتناڪ ڏينهن کان. |
إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 4) |
الله ڏانهن ئي توهان کي موٽڻو آهي سڀني کي ۽ اهو ئي سڀ ڪجهه ڪرڻ جي قدرت رکي ٿو. |
أَلا إِنَّهُم يَثنونَ صُدورَهُم لِيَستَخفوا مِنهُ أَلا حينَ يَستَغشونَ ثِيابَهُم يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 5) |
ڏسو اهي ماڻهو موڙين ٿا پنهنجي سينن کي جيئن کانئس لڪي وڃن، خبردار! جڏهن ڍڪيندا آهن پنهنجو پاڻ کي ڪپڙن سان ته الله ڄاڻي ٿو سندن لڪايل کي به ۽ ظاهر کي به، ۽ بيشڪ ڄاڻي ٿو انهن رازن کي جيڪي سينن ۾ سمايل آهن. |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ إِلّا عَلَى اللَّهِ رِزقُها وَيَعلَمُ مُستَقَرَّها وَمُستَودَعَها كُلٌّ فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 6) |
۽ ڪوبه ساهه وارو چرندڙ پرندڙ اهڙو نه آهي زمين تي جنهن جو الله جي ذمي رزق نه هجي ۽ جنهن جي باري ۾ هو نه ڄاڻندو هجي ته ڪٿي ٿو رهي، ڪٿي ٿو امانت طور رکيو وڃي، اهو سڀ هڪ پڌري ڪتاب ۾ لکيل آهي |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَكانَ عَرشُهُ عَلَى الماءِ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَلَئِن قُلتَ إِنَّكُم مَبعوثونَ مِن بَعدِ المَوتِ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
۽ هو اهو ئي آهي جنهن خلقيو آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾، جڏهن ته ان کان اڳي عرش عظيم پاڻيءَ تي هو، جيئن توهان کي پرکي ته ڪير آهي توهان ۾ سٺا عمل ڪرڻ وارو، هاڻي (اي نبي!) تون چوين ته اي انسانو! ٻيهر اٿاريا ويندؤ مرڻ کان پوءِ ته چون ٿا هڪدم منڪر ماڻهو ته اها بلڪل ئي پڌري جادوگري آهي |
وَلَئِن أَخَّرنا عَنهُمُ العَذابَ إِلىٰ أُمَّةٍ مَعدودَةٍ لَيَقولُنَّ ما يَحبِسُهُ أَلا يَومَ يَأتيهِم لَيسَ مَصروفًا عَنهُم وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 8) |
۽ جي هڪ خاص مدت تائين سندن سزا کي ٽاريون ٿا ته هو وري چوڻ لڳن ٿا ته آخر ڪهڙي شيءِ هن کي روڪيو آهي؟ (ٻڌو) جنهن ڏينهن ان سزا جو وقت اچي ويو ته اهو ڪنهن جي به ٽارڻ سان ٽري نه سگهندو ۽ اها شيءِ کين وڪوڙي ويندي جنهن تي ٽوڪون پيا ڪن |
وَلَئِن أَذَقنَا الإِنسٰنَ مِنّا رَحمَةً ثُمَّ نَزَعنٰها مِنهُ إِنَّهُ لَيَـٔوسٌ كَفورٌ (آيت : 9) |
۽ جي اسان پنهنجي رحمت انسان کي نوازڻ کان پوءِ وري ان کان محروم ڪريون ته هو مايوس ٿيندو آهي، ۽ هو ناشڪري ڪرڻ لڳندو آهي |
وَلَئِن أَذَقنٰهُ نَعماءَ بَعدَ ضَرّاءَ مَسَّتهُ لَيَقولَنَّ ذَهَبَ السَّيِّـٔاتُ عَنّى إِنَّهُ لَفَرِحٌ فَخورٌ (آيت : 10) |
۽ جي انهيءَ مصيبت کان پوءِ جيڪا مٿس آئي هئي، کيس نعمت جو مزو چکائيندا آهيون ته چوندو آهي مون تان ته سڀ ڏک ڏوجهرا ئي لهي ويا، پوءِ هو خوشيءَ ۾ نه ماپندو ۽ ڦونڊ ۾ ڀرجي ويندو آهي |
إِلَّا الَّذينَ صَبَروا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 11) |
بس انهيءَ عيب کان پاڪ رڳو صبر ڪرڻ وارا ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارا آهن، اِهي ئي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ گناهن جي معافي ۽ وڏو اجر به آهي |
فَلَعَلَّكَ تارِكٌ بَعضَ ما يوحىٰ إِلَيكَ وَضائِقٌ بِهِ صَدرُكَ أَن يَقولوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ كَنزٌ أَو جاءَ مَعَهُ مَلَكٌ إِنَّما أَنتَ نَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 12) |
ته (اي نبي!) ائين نه ٿئي ته ڪي ڳالهيون بيان ڪرڻ کان ڇڏي ڏين جيڪي وحي تو ڏانهن ڪيون پيون وڃن ۽ ان ڳالهه تي توکي مونجهارو ٿيو ته اهي چوندا ته، ڇو نه لاٿو ويو ان شخص تي ڪو خزانو؟ يا هي ته ڇو نه آيو هن سان گڏ ڪو فرشتو؟ بيشڪ تون ته فقط خبردار ڪندڙ آهين، باقي الله ئي هر شيءِ جو رکوالو آهي |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِعَشرِ سُوَرٍ مِثلِهِ مُفتَرَيٰتٍ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 13) |
ڇا اهي چون ٿا ته پيغمبر هيءُ ڪتاب پاڻ ٺاهيو آهي؟ چوين ته ٺاهي اچو ڏهه سورتون توهان به ان جهڙيون ۽ جيڪي ٻيا توهان جا خدا توهان جي مدد لاءِ اچي سگهن ٿا، انهن کي به سڏي وٺو الله کان سواءِ، جي توهان (کين خدا سمجهڻ ۾) سچا آهيو |
فَإِلَّم يَستَجيبوا لَكُم فَاعلَموا أَنَّما أُنزِلَ بِعِلمِ اللَّهِ وَأَن لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 14) |
هاڻي جي اهي (توهان جا خدا) مدد لاءِ نٿا اچن توهان لاءِ، ته پوءِ سمجهي وٺو ته اهو نازل ٿيو آهي الله جي علم سان ۽ هي به ته ڪوبه حقيقي خدا ناهي الله کان سواءِ، آخر ته توهان (حق جي آڏو) ڪنڌ جهڪائيندؤ؟ |
مَن كانَ يُريدُ الحَيوٰةَ الدُّنيا وَزينَتَها نُوَفِّ إِلَيهِم أَعمٰلَهُم فيها وَهُم فيها لا يُبخَسونَ (آيت : 15) |
جيڪي ماڻهو رڳو هن حياتي دنيا جي سونهن سوڀيا جا طالب آهن تن جي ڪيل ڪمائيءَ جو سمورو ڦل هتي ڏئي کين ڪا ڪس نه لڳائيندا آهيون |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَيسَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ إِلَّا النّارُ وَحَبِطَ ما صَنَعوا فيها وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 16) |
اهڙن ئي ماڻهن جي لاءِ ڪوبه حصو نه آهي آخرت ۾ سواءِ باهه جي، (اتي پتو پوندن) دنيا ۾ جيڪي ٺاهيو هو سو ناس ٿي ويو ۽ باطل آهي جيڪي ڪجهه هنن ڪيو |
أَفَمَن كانَ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبِّهِ وَيَتلوهُ شاهِدٌ مِنهُ وَمِن قَبلِهِ كِتٰبُ موسىٰ إِمامًا وَرَحمَةً أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ مِنَ الأَحزابِ فَالنّارُ مَوعِدُهُ فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِنهُ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 17) |
جيڪو شخص پنهنجي پالڻهار جي طرفان پڌري شاهدي رکڻ وارو هو ۽ ان بعد هڪ شاهد پالڻهار طرفان ان جي تائيد ۾ (قرآن) اچي ويو ۽ اڳي ئي موسيٰ جو ڪتاب جيڪو رهنما ۽ رحمت طور آيل موجود هو (ڇا اهو دنيا پرستن وانگر ان کان انڪار ڪندو؟) اهڙا ماڻهو ان تي ايمان آڻيندا ۽ انساني ٽولن مان جيڪو ان جو انڪار ڪندو، تن لاءِ جيڪو وعدو آهي سا دوزخ آهي، پوءِ (اي پيغمبر!) تون ان شيءِ بابت شڪ ۾ نه پئجان، اهو ئي حق آهي تنهنجي رب جي طرفان، پر ڪيترا ئي ماڻهو آهن جيڪي ناهن مڃيندڙ |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أُولٰئِكَ يُعرَضونَ عَلىٰ رَبِّهِم وَيَقولُ الأَشهٰدُ هٰؤُلاءِ الَّذينَ كَذَبوا عَلىٰ رَبِّهِم أَلا لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 18) |
۽ ان شخص کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير ٿيندو جيڪو الله تي ڪوڙ ٺآهيندو هجي، اهڙا ماڻهو پيش ٿيندا پنهنجي رب جي حضور ۾ ۽ شاهد شاهدي ڏيندا ته هي آهن اهي ماڻهو جن ڪوڙ ٺاهيو پنهنجي رب تي، (اي رسول! ٻڌ!) لعنت آهي الله جي ظالمن تي |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 19) |
اهي ئي ظالم آهن جيڪي روڪين ٿا الله جي راهه کان ماڻهن کي ۽ ان جي راهه کي موڙڻ گهرن ٿا، ۽ اهي آخرت جو انڪار ڪن ٿا |
أُولٰئِكَ لَم يَكونوا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَما كانَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ يُضٰعَفُ لَهُمُ العَذابُ ما كانوا يَستَطيعونَ السَّمعَ وَما كانوا يُبصِرونَ (آيت : 20) |
اهي نه ته (الله کي) بي وس ڪرڻ وارا زمين ۾ هئا ۽ نه وري سندن ڪوبه الله جي مقابلي ۾ حمايتي هو، هاڻي ته کين ڏنو ويندو ٻيڻو عذاب، اهي نه ته سگهه رکندا هئا ڪنهن جي ٻُڌڻ جيي ۽ نه وري پاڻ کي ئي سمجهه هوندي هين |
أُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 21) |
هي اهي ئي ماڻهو هئا جن پاڻ کي نقصان ۾ وڌو ۽ گم ٿي ويو اهو سڀ انهن کان جيڪو انهن پاڻ ٺاهيو هو |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 22) |
لازم آهي ته وڌ ۾ وڌ اهي آخرت ۾ گهاٽي (نقصان) ۾ رهن |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَأَخبَتوا إِلىٰ رَبِّهِم أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 23) |
(باقي اهي ماڻهو) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ سٺا عمل ڪيا ۽ اهي عاجزي ڪندا رهيا پنهنجي رب جي اڳيان، ته بيشڪ اهي ئي جنتي آهن، اهي هميشه اتي رهندا |
مَثَلُ الفَريقَينِ كَالأَعمىٰ وَالأَصَمِّ وَالبَصيرِ وَالسَّميعِ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 24) |
انهن ٻنهي ٽولن جو مثال ائين آهي جيئن هڪ هجي انڌو ۽ ٻوڙو ۽ ٻيو هجي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارو، ڇا اهي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڇا توهان (ان مان) سبق نٿا وٺو؟ |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 25) |
۽ بيشڪ اسان موڪليو نوح کي سندس قوم ڏي (انهن حالتن ۾) (هن چيو) بيشڪ آئون توهان کي خبردار ٿو ڪريان صاف صاف |
أَن لا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 26) |
ته بندگي نه ڪريو ٻئي ڪنهن جي به سواءِ الله جي، نه ته مون کي خوف آهي ته توهان تي عذاب ايندو هڪ ڏينهن (وڏو) دردناڪ |
فَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما نَرىٰكَ إِلّا بَشَرًا مِثلَنا وَما نَرىٰكَ اتَّبَعَكَ إِلَّا الَّذينَ هُم أَراذِلُنا بادِىَ الرَّأىِ وَما نَرىٰ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ بَل نَظُنُّكُم كٰذِبينَ (آيت : 27) |
جواب ۾ جن کيس مڃڻ کان انڪار ڪيو هو سندس قوم جي سردارن چيو اسان جي نظر ۾ تون (ڪجهه ناهين) فقط انسان اسان جهڙو، ۽ اسان ڏسي رهيا آهيون ته جيڪي تنهنجي ڪڍ لڳا آهن، اهي (بنا سوچ جي) قوم مان فقط نيچ ماڻهو آهن، ۽ اسان ته اهڙي ڪابه ڳالهه نٿا ڏسون جنهن ۾ اسان تي توهان کي ڪا فضيلت هجي پر ڀانيون ٿا توهان کي ڪوڙو |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى رَحمَةً مِن عِندِهِ فَعُمِّيَت عَلَيكُم أَنُلزِمُكُموها وَأَنتُم لَها كٰرِهونَ (آيت : 28) |
هن چين، قومي ڀائرو! ٿورو سوچيو، جي آئون هيس قائم پڌري شاهدي تي پنهنجي رب جي طرفان ۽ هن مون کي نوازيو رحمت سان پنهنجي پر اها نظر نه آئي توهان کي، پوءِ ڪهڙو ذريعو آهي جو توهان مڃڻ نه گهرو پوءِ به زبردستي توهان تي مڙهيون؟ |
وَيٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مالًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَما أَنا۠ بِطارِدِ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَلٰكِنّى أَرىٰكُم قَومًا تَجهَلونَ (آيت : 29) |
۽ اي منهنجا قومي ڀائرو! نٿو گهران هن ڪم لاءِ توهان کان ڪو مال، منهنجو اجر ته بس آهي الله جي حوالي، ۽ آئون تڙڻ وارو نه آهيان انهن ماڻهن کي جن مڃيو منهنجي ڳالهه کي، بيشڪ اهي ئي ملڻ وارا آهن پنهنجي رب کي ۽ آئون ته بس اهو ڏسان پيو قوم وارا، توهان بنهه جاهل آهيو |
وَيٰقَومِ مَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن طَرَدتُهُم أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 30) |
۽ اي منهنجي قوم! مون کي (ان وقت) ڪير بچائيندو الله جي پڪڙ کان جي آئون اهي ماڻهو تڙيان، ڇا ايترو به توهان نٿا سمجهو؟ |
وَلا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ إِنّى مَلَكٌ وَلا أَقولُ لِلَّذينَ تَزدَرى أَعيُنُكُم لَن يُؤتِيَهُمُ اللَّهُ خَيرًا اللَّهُ أَعلَمُ بِما فى أَنفُسِهِم إِنّى إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 31) |
۽ نه وري آئون چوان ٿو توهان کي ته مون وٽ ڪي خزانا آهن الله جا، ۽ نه ائين ٿو چوان ته مون وٽ غيب جو علم آهي ۽ نه اها هام ٿو هڻان ته آئون ڪو فرشتو آهيان، ۽ نه ائين چئي ٿو سگهان ته جن ماڻهن کي حقارت سان ڏسن ٿيون توهان جون اکيون تن کي ناهي ڏني الله ڪابه ڀلائي، الله ئي سڀڪجهه ڄاڻي ٿو سندن دلين جي حال کي، جيڪڏهن آئون ائين چوان ته ظالم ٿيندس |
قالوا يٰنوحُ قَد جٰدَلتَنا فَأَكثَرتَ جِدٰلَنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 32) |
آخرڪار انهن ماڻهن چيو ته، اي نوح! تو اسان سان جهڳڙو ڪيو ۽ گهڻو ئي ڪيو ته بس اسان جي لاءِ آڻ اهو عذاب جنهن جي تون اسان کي ڌمڪي پيو ڏين، جي تون واقعي سچو آهين |
قالَ إِنَّما يَأتيكُم بِهِ اللَّهُ إِن شاءَ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 33) |
(نوح) جواب ڏنو، اهو ته آڻڻ وارو الله ئي آهي جي چاهيندو ته، ۽ توهان کي ڪابه طاقت ناهي جو ان کي روڪيو |
وَلا يَنفَعُكُم نُصحى إِن أَرَدتُ أَن أَنصَحَ لَكُم إِن كانَ اللَّهُ يُريدُ أَن يُغوِيَكُم هُوَ رَبُّكُم وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 34) |
۽ هاڻي توهان کي ڪوبه فائدو نه ڏيندي منهنجي خيرخواهي جي آئون ارادو ڪريان به توهان جي خيرخواهيءَ جو، جڏهن ته الله ارادو ڪيو هجي توهان کي گمراهه ڪرڻ جو، اهو ئي توهان جو پالڻهار آهي ۽ ان ڏي توهان کي موٽڻو آهي |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل إِنِ افتَرَيتُهُ فَعَلَىَّ إِجرامى وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تُجرِمونَ (آيت : 35) |
اي نبي! ڇا هي چون ٿا ته هن هي پاڻ ٺاهيو آهي؟ چوين، هي جي مون ٺاهيو آهي ته مون تي ئي منهنجي ڏوهه جي ذميواري آهي ۽ آئون ان کان آجو آهيان جيڪو توهان ڏوهه ڪري رهيا آهيو |
وَأوحِىَ إِلىٰ نوحٍ أَنَّهُ لَن يُؤمِنَ مِن قَومِكَ إِلّا مَن قَد ءامَنَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) |
۽ وحي ڪيو ويو نوح ڏانهن ته جن ماڻهن ايمان آندو سو آندو تنهنجي قوم مان، هاڻي ٻيو ڪوبه ايمان نه آڻيندو، تنهن ڪري ڏک ڪرڻ ڇڏي ڏي سندن ڪرتوتن تي |
وَاصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 37) |
۽ هڪ ٻيڙي ٺاهڻ شروع ڪر اسان جي نظرداري هيٺ اسان جي وحي مطابق ۽ ڪابه سفارش نه ڪجان مون وٽ جن ماڻهن هي ظلم ڪيو آهي انهن جي باري ۾، اهي هاڻي غرق ٿيڻ وارا آهن |
وَيَصنَعُ الفُلكَ وَكُلَّما مَرَّ عَلَيهِ مَلَأٌ مِن قَومِهِ سَخِروا مِنهُ قالَ إِن تَسخَروا مِنّا فَإِنّا نَسخَرُ مِنكُم كَما تَسخَرونَ (آيت : 38) |
۽ نوح ٺاهيندو رهيو ٻيڙي ۽ سندس قوم جي سردارن مان جيڪو به سندس ڀرسان لنگهندو هو ته ٺٺوليون ڪندو هو، (نوح) چين، جي توهان اسان تي کلو ٿا ته اسان به توهان تي ائين ئي کلنداسون جيئن توهان کلي رهيا آهيو |
فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 39) |
پوءِ جلد ئي توهان کي معلوم ٿي ويندو ته ڪنهن تي ٿو اهو عذاب اچي جيڪو ان کي خوار ڪندو ۽ ڪنهن تي ٿي اها آفت ٽٽي جيڪا ٽاريندي نه ٽرندي |
حَتّىٰ إِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ قُلنَا احمِل فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ وَمَن ءامَنَ وَما ءامَنَ مَعَهُ إِلّا قَليلٌ (آيت : 40) |
تان جو جڏهن اچي ويو اسان جو حڪم ته اهو تنور اڀامي پيو، ته اسان (الله) چيو، کڻ ٻيڙيءَ ۾ هر قسم جي جانورن جو (هڪ هڪ) جوڙو جوڙو ۽ پنهنجي گهر وارن کي به، سواءِ انهن ماڻهن جي جن لاءِ اڳي ئي حڪم اچي چڪو آهي ان ۾ سوار ڪر ايمان وارن کي، اهي ٿورا ماڻهو هئا جن نوح سان گڏ ايمان آندو هو |
وَقالَ اركَبوا فيها بِسمِ اللَّهِ مَجر۪ىٰها وَمُرسىٰها إِنَّ رَبّى لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 41) |
۽ (نوح) چين، انهيءَ ۾ سوار ٿي وڃو، الله جي نالي سان آهي ان جو هلڻ ۽ ان جو بيهڻ، بيشڪ منهنجو رب وڏو بخشڻهار ۽ رحم وارو آهي |
وَهِىَ تَجرى بِهِم فى مَوجٍ كَالجِبالِ وَنادىٰ نوحٌ ابنَهُ وَكانَ فى مَعزِلٍ يٰبُنَىَّ اركَب مَعَنا وَلا تَكُن مَعَ الكٰفِرينَ (آيت : 42) |
۽ اها (ٻيڙي) ماڻهن کي کنيو پئي وئي ۽ هڪ هڪ لهر جبل وانگر اُٿي رهي هئي ۽ نوح سڏ ڪري چيو پنهنجي پٽ کي جيڪو پرڀرو بيٺو هو، اي پٽ! اسان سان اچي گڏ سوار ٿي ۽ انهن سان گڏ نه رهه جيڪي ڪافر آهن |
قالَ سَـٔاوى إِلىٰ جَبَلٍ يَعصِمُنى مِنَ الماءِ قالَ لا عاصِمَ اليَومَ مِن أَمرِ اللَّهِ إِلّا مَن رَحِمَ وَحالَ بَينَهُمَا المَوجُ فَكانَ مِنَ المُغرَقينَ (آيت : 43) |
هن مُڙي جواب ڏنو، آئون هاڻي ڪنهن جبل تي چڙهي ٿو وڃان جيڪو مون کي پاڻيءَ کان بچائيندو. (نوح) چيو، ڪابه بچائڻ واري شيءِ اڄ اهڙي نه آهي جيڪا الله جي حڪم کان بچائي، سواءِ ان جي جنهن تي الله پاڻ رحم ڪري، ۽ ايتري ۾ هڪ لهر ٻنهي جي وچ ۾ اچي وئي، پوءِ اهو به شامل ٿي ويو غرق ٿيڻ وارن ۾ |
وَقيلَ يٰأَرضُ ابلَعى ماءَكِ وَيٰسَماءُ أَقلِعى وَغيضَ الماءُ وَقُضِىَ الأَمرُ وَاستَوَت عَلَى الجودِىِّ وَقيلَ بُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
۽ حڪم ٿيو، اي زمين! پنهنجو سمورو پاڻي چهي وڃ ۽ اي آسمان! رڪجي وڃ، پوءِ پاڻي زمين ۾ لهي ويو ۽ چُڪتو ڪيو ويو فيصلو ۽ ٻيڙي رڪجي وئي جودي جبل تي ۽ چيو ويو ته پري ٿي وئي قوم ظالمن جي |
وَنادىٰ نوحٌ رَبَّهُ فَقالَ رَبِّ إِنَّ ابنى مِن أَهلى وَإِنَّ وَعدَكَ الحَقُّ وَأَنتَ أَحكَمُ الحٰكِمينَ (آيت : 45) |
۽ پڪاريو نوح پنهنجي رب کي، چيائين اي منهنجا رب! بيشڪ منهنجو پٽ منهنجي گهر وارن مان آهي ۽ بيشڪ تنهنجو وعدو به سچو آهي ۽ تون سڀني حاڪمن کان وڏو (۽ ڀلو) حاڪم آهين |
قالَ يٰنوحُ إِنَّهُ لَيسَ مِن أَهلِكَ إِنَّهُ عَمَلٌ غَيرُ صٰلِحٍ فَلا تَسـَٔلنِ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنّى أَعِظُكَ أَن تَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 46) |
جواب ۾ فرمايو ويو، اي نوح! اهو ناهي تنهنجي گهر وارن مان. انهيءَ جا عمل خراب آهن، تنهن ڪري تون ان ڳالهه جي مون کي درخواست نه ڪر جنهن جي حقيقت نٿو ڄاڻين، آئون توکي نصيحت ٿو ڪريان ته تون پاڻ کي نه بڻاءِ جاهلن وانگر |
قالَ رَبِّ إِنّى أَعوذُ بِكَ أَن أَسـَٔلَكَ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَإِلّا تَغفِر لى وَتَرحَمنى أَكُن مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 47) |
(نوح) عرض ڪيو، اي منهنجا رب! آئون پناهه ٿو گهران توکان ان ڳالهه جي ته اها شيءِ گهران جنهن بابت مون کي ڪا ڄاڻ ئي نه آهي، ۽ جيڪڏهن تو مون کي معاف نه ڪيو ۽ رحم نه فرمايو مون تي ته آئون بنهه برباد ٿي ويندس |
قيلَ يٰنوحُ اهبِط بِسَلٰمٍ مِنّا وَبَرَكٰتٍ عَلَيكَ وَعَلىٰ أُمَمٍ مِمَّن مَعَكَ وَأُمَمٌ سَنُمَتِّعُهُم ثُمَّ يَمَسُّهُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 48) |
حڪم ٿيو اي نوح! لهي وڃ، سلامتي آهي اسان جي طرفان ۽ برڪتون توتي ۽ انهن ٽولن تي جيڪي تو سان گڏ آهن، ۽ ڪي ٽولا اهڙا به آهن جن کي زندگيءَ جا سامان عطا ڪنداسين پوءِ کين اسان جي طرفان عذاب رسندو |
تِلكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيها إِلَيكَ ما كُنتَ تَعلَمُها أَنتَ وَلا قَومُكَ مِن قَبلِ هٰذا فَاصبِر إِنَّ العٰقِبَةَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 49) |
(اي نبي!) اهي خبرون غيب جون اسان تو ڏي وحي ڪري رهيا آهيون، انهن کي اڳي تون نه ڄاڻندو هئين ۽ نه وري تنهنجي قوم هن کان اڳي ٿي ڄاتو، پوءِ صبر ڪر، پڄاڻي بهرحال پرهيزگارن جي حق ۾ آهي |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِن أَنتُم إِلّا مُفتَرونَ (آيت : 50) |
۽ موڪليوسين عاد وارن ڏي سندن ڀاءُ هود کي، هن چين، اي قومي ڀائرو! الله جي بندگي ڪريو، ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه توهان جو خدا ناهي، توهان ته رڳو ڪوڙ ئي ڪوڙ ٺاهي رکيا آهن |
يٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى الَّذى فَطَرَنى أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 51) |
اي قومي ڀائرو! (ان ڪم لاءِ) نٿو توهان کان ڪنهن به اجوري جو سوال ڪريان، منهنجو (اصل) اجورو ته (فقط) ان تي آهي جنهن مون کي پئدا ڪيو آهي، ڇا توهان عقل کان بنهه ڪم نٿا وٺو؟ |
وَيٰقَومِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا وَيَزِدكُم قُوَّةً إِلىٰ قُوَّتِكُم وَلا تَتَوَلَّوا مُجرِمينَ (آيت : 52) |
اي منهنجي قوم جا ماڻهو! معافي گهرو پنهنجي رب کان، پوءِ ان ڏي موٽ کائو، هو آسمان جا منهن توهان تي کولي ڇڏيندو ۽ وڌائي ڇڏيندو توهان جي اڄ جي طاقت کي ۽ منهن نه موڙيو ڏوهارين جيان |
قالوا يٰهودُ ما جِئتَنا بِبَيِّنَةٍ وَما نَحنُ بِتارِكى ءالِهَتِنا عَن قَولِكَ وَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 53) |
انهن جواب ڏنو، اي هود! تو اسان وٽ ڪابه چٽي نشاني (ثابتي) نه آندي آهي، پوءِ ڇڏي نٿا سگهون اسان پنهنجي خدائن کي رڳو تنهنجي چوڻ تي، ۽ توتي ته اسين ايمان آڻڻ وارا نه آهيون |
إِن نَقولُ إِلَّا اعتَرىٰكَ بَعضُ ءالِهَتِنا بِسوءٍ قالَ إِنّى أُشهِدُ اللَّهَ وَاشهَدوا أَنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 54) |
اسان ائين ٿا سمجهون ته توتي اسان جي خدائن مان ڪنهن جي مار پئي آهي، (هود) چين، آئون شاهدي الله جي پيش ڪريان ٿو ۽ توهان به شاهد رهو ته آئون (الله کان سواءِ جن ٻين خدائن کي مڃو ٿا) انهن کان بيزار آهيان |
مِن دونِهِ فَكيدونى جَميعًا ثُمَّ لا تُنظِرونِ (آيت : 55) |
توهان سڀ گڏجي منهنجي خلاف پنهنجي ڪرڻي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيو ۽ مون کي ڪا مهلت نه ڏيو |
إِنّى تَوَكَّلتُ عَلَى اللَّهِ رَبّى وَرَبِّكُم ما مِن دابَّةٍ إِلّا هُوَ ءاخِذٌ بِناصِيَتِها إِنَّ رَبّى عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 56) |
منهنجو ڀروسو الله تي آهي جيڪو منهنجو به رب آهي ته توهان جو به رب. ڪوبه ساهه وارو اهڙو نه آهي جنهن جي چوٽي سندس هٿ ۾ نه هجي، بيشڪ منهنجو رب سڌيءَ راهه تي آهي |
فَإِن تَوَلَّوا فَقَد أَبلَغتُكُم ما أُرسِلتُ بِهِ إِلَيكُم وَيَستَخلِفُ رَبّى قَومًا غَيرَكُم وَلا تَضُرّونَهُ شَيـًٔا إِنَّ رَبّى عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 57) |
جي توهان منهن موڙيو ٿا ته ڀلي موڙيو، جيڪو به پيغام ڏئي مون کي موڪليو ويو آهي توهان ڏي، سو توهان کي پهچايم، هاڻي منهنجو رب ٻي قوم آڻيندو توهان جي جاءِ تي، ۽ توهان ان کي ذري برابر به نقصان ڏئي نٿا سگهو، بلاشڪ منهنجو رب ته هر شيءِ تي نگهبان آهي. |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا هودًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَنَجَّينٰهُم مِن عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 58) |
۽ پوءِ جڏهن اسان جو حڪم اچي ويو ته اسان پنهنجي ٻاجهه سان هود ۽ انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو هو، انهن کي پنهنجي رحمت سان نجات ڏني ۽ سخت عذاب کان کين بچائي ورتو |
وَتِلكَ عادٌ جَحَدوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَعَصَوا رُسُلَهُ وَاتَّبَعوا أَمرَ كُلِّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 59) |
۽ هي آهن عاد، جن انڪار ڪيو آيتن جو جيڪي آيل هيون پنهنجي رب طرفان ۽ ڳالهه نه مڃيائون پنهنجي رسول جي ۽ پيروي ڪندا رهيا هر ڏاڍي حق جي دشمن جي |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ أَلا إِنَّ عادًا كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِعادٍ قَومِ هودٍ (آيت : 60) |
۽ آخرڪار مٿن پئي هن دنيا ۾ به لعنت ۽ ڏينهن قيامت ۾ به. (ٻڌو!) حقيقت ۾ عاد ڪفر ڪيو پنهنجي رب سان، (ٻڌو!) پري اڇليا ويا عاد قوم هود جا |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ هُوَ أَنشَأَكُم مِنَ الأَرضِ وَاستَعمَرَكُم فيها فَاستَغفِروهُ ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى قَريبٌ مُجيبٌ (آيت : 61) |
۽ ثمود ڏانهن اسان موڪليو سندن ڀاءُ صالح کي، هن چين، اي منهنجي قوم! بندگي ڪريو الله جي، توهان جي لاءِ ڪوبه خدا ناهي ان کان سواءِ، اهو ئي آهي جنهن توهان کي پئدا ڪيو زمين مان، ۽ هتي توهان کي آباد ڪيائين، تنهن ڪري توهان کانئس معافي گهرو، ۽ موٽي اچو ڏانهس، بيشڪ منهنجو رب ويجهو آهي ۽ اهو دعائن جو جواب ڏيڻ وارو آهي |
قالوا يٰصٰلِحُ قَد كُنتَ فينا مَرجُوًّا قَبلَ هٰذا أَتَنهىٰنا أَن نَعبُدَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا وَإِنَّنا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 62) |
(انهن چيو)، اي صالح! تون اسان ۾ اهڙو شخص هئين هن کان اڳ جنهن ۾ وڏيون اميدون هيون، ڇا تون اسان کي انهن خدائن جي پوڄا کان روڪين ٿو جن جي پوڄا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، ان ۾ شڪ آهي اسان کي جنهن لاءِ تون سڏين پيو، ان اسان کي مونجهاري ۾ وڌو آهي |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى مِنهُ رَحمَةً فَمَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن عَصَيتُهُ فَما تَزيدونَنى غَيرَ تَخسيرٍ (آيت : 63) |
(صالح) چين، اي قومي ڀائرو! توهان ان ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جڏهن آئون صاف شاهدي تي آهيان پنهنجي رب طرفان ۽ هن نوازيو مون کي پنهنجي رحمت سان، پوءِ ڪير بچائيندو مون کي الله جي پڪڙ کان جي آئون سندس نافرماني ڪريان؟ توهان منهنجي ڪهڙي ڪم ايندؤ جو وڌيڪ نقصان ۾ وڃان؟ |
وَيٰقَومِ هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ قَريبٌ (آيت : 64) |
۽ اي منهنجي قوم! هيءَ ڏاچي آهي الله جي توهان جي لاءِ هڪ نشاني، ان کي ڇڏي ڏيو ته چرندي وتي الله جي زمين ۾ ۽ ان سان ڪابه هٿ چراند نه ڪجؤ، نه ته بنا دير جي توهان تي الله جو عذاب اچي ڪڙڪندو |
فَعَقَروها فَقالَ تَمَتَّعوا فى دارِكُم ثَلٰثَةَ أَيّامٍ ذٰلِكَ وَعدٌ غَيرُ مَكذوبٍ (آيت : 65) |
پر انهن (ڏاچيءَ کي) ماري وڌو، تنهن تي (صالح) کين چتاءُ ڏنو ته بس فقط ٽي ڏينهن پنهنجن گهرن ۾ گهاريو، هي اهڙو مدو آهي جيڪو ڪوڙو نه ٿيندو |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا صٰلِحًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَمِن خِزىِ يَومِئِذٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ القَوِىُّ العَزيزُ (آيت : 66) |
نيٺ جڏهن اسان جي فيصلي جو وقت آيو ته اسان ان وستيءَ کي هيٺ مٿي ڪيو بچائي ورتو صالح کي ۽ انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو (صالح سان) پنهنجي رحمت سان ۽ ان ڏينهن جي خواريءَ کان محفوظ رکيو، بيشڪ تنهنجو رب ئي طاقتور غالب آهي |
وَأَخَذَ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 67) |
۽ باقي جن ماڻهن ظلم ڪيو هو تن کي هڪ سخت ڪڙڪي واري آواز ورتو ۽ هو پنهنجي ڳوٺن ۾ اونڌا پيل هئا ڄڻ ڪڏهن اتي هئا ئي ڪونه |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا إِنَّ ثَمودَا۟ كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِثَمودَ (آيت : 68) |
خبردار ٿيو! حقيقت ۾ ثمود جي قوم ڪفر ڪيو هو پنهنجي رب سان، ٻڌي ڇڏيو، پري اڇلايا ويا ثمود وارا |
وَلَقَد جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ فَما لَبِثَ أَن جاءَ بِعِجلٍ حَنيذٍ (آيت : 69) |
۽ ڏسو اسان جا فرشتا آيا ابراهيم وٽ خوشخبري کڻي، چيائون توتي سلامتي هجي، چيو (ابراهيم) سلام هجي توهان تي به، پوءِ اڃا ويرم ئي نه گذري ته ڀُڳل گابو انهن جي مهماني لاءِ (ابراهيم) آندو |
فَلَمّا رَءا أَيدِيَهُم لا تَصِلُ إِلَيهِ نَكِرَهُم وَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومِ لوطٍ (آيت : 70) |
پر هن ڏٺو ته سندن هٿ کاڌي لاءِ نه پيا وڌن ته هو کانئن شڪجي پيو، ۽ دل ۾ به خوف محسوس ڪرڻ لڳو، انهن (فرشتن) چيس، خوف نه ڪر، اسان ته موڪليا ويا آهيون قومِ لوط ڏانهن |
وَامرَأَتُهُ قائِمَةٌ فَضَحِكَت فَبَشَّرنٰها بِإِسحٰقَ وَمِن وَراءِ إِسحٰقَ يَعقوبَ (آيت : 71) |
۽ زال (ابراهيم جي) پاسي ۾ بيٺي هئي، اها کلڻ لڳي خوشخبري ٻڌي جيڪا ڏني سين اسحاق جي ۽ اسحاق کان پوءِ يعقوب جي |
قالَت يٰوَيلَتىٰ ءَأَلِدُ وَأَنا۠ عَجوزٌ وَهٰذا بَعلى شَيخًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 72) |
انهيءَ (زال) چيو، هاءِ منهنجي ڪمبختي! ڇا هاڻي مون کي اولاد ٿيندو جڏهن ته آءٌ جهور پوڙهي آهيان ۽ بيشڪ هي منهنجو مڙس به پوڙهو آهي؟ اها ته عجيب ڳالهه آهي |
قالوا أَتَعجَبينَ مِن أَمرِ اللَّهِ رَحمَتُ اللَّهِ وَبَرَكٰتُهُ عَلَيكُم أَهلَ البَيتِ إِنَّهُ حَميدٌ مَجيدٌ (آيت : 73) |
(فرشتن) وراڻيو، تون حيرت ٿي ڪرين الله جي حڪم تي؟ توهان تي رحمتون الله جون آهن ۽ توهان تي سندس برڪتون آهن (ابراهيم جا) گهر وارؤ، بيشڪ (الله) وڏي تعريف جوڳو وڏي شان وارو آهي |
فَلَمّا ذَهَبَ عَن إِبرٰهيمَ الرَّوعُ وَجاءَتهُ البُشرىٰ يُجٰدِلُنا فى قَومِ لوطٍ (آيت : 74) |
پوءِ جڏهن لٿي ابراهيم تان گهٻراهٽ اولاد جي ملندڙ خوشخبريءَ بابت، ته سندس دل خوش ٿي ته هن اسان سان تڪرار ڪيو قوم لوط جي باري ۾ |
إِنَّ إِبرٰهيمَ لَحَليمٌ أَوّٰهٌ مُنيبٌ (آيت : 75) |
بيشڪ ابراهيم وڏو بردبار هو ۽ اسان سان لنؤ لڳل هئس |
يٰإِبرٰهيمُ أَعرِض عَن هٰذا إِنَّهُ قَد جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَإِنَّهُم ءاتيهِم عَذابٌ غَيرُ مَردودٍ (آيت : 76) |
اي ابراهيم! (اسان جي فرشتن) کيس چيو مڙي وڃ ان خيال کان، بيشڪ اهو حڪم اچي چڪو تنهنجي رب طرفان، ۽ هاڻي انهن ماڻهن تي اهو عذاب اچي رهندو جيڪو ڪنهن جي ٽارئي نه ٽرندو |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالَ هٰذا يَومٌ عَصيبٌ (آيت : 77) |
۽ جڏهن پهتا اسان جا فرشتا لوط وٽ ته هو سندن اچڻ سبب بيحد گهٻرائجي ويو ۽ دل ۾ مونجهه ٿيس، چوڻ لڳو اڄوڪو ڏينهن وڏي مصيبت وارو آهي |
وَجاءَهُ قَومُهُ يُهرَعونَ إِلَيهِ وَمِن قَبلُ كانوا يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ قالَ يٰقَومِ هٰؤُلاءِ بَناتى هُنَّ أَطهَرُ لَكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ فى ضَيفى أَلَيسَ مِنكُم رَجُلٌ رَشيدٌ (آيت : 78) |
۽ انهن مهمانن جي اچڻ شرط سندس قوم جا ماڻهو بي اختيار وٽس ڊوڙندا آيا، ۽ هو اڳي ئي عادي هئا اهڙين بدڪارين جا، (لوط) انهن کي چيو، ڀائرو! هي منهنجون نياڻيون موجود آهن هي توهان جي لاءِ وڌيڪ پاڪائي واريون آهن، الله جو خوف ڪريو ۽ مون کي ذليل نه ڪريو منهنجي مهمانن بابت، ڇا توهان ۾ ڪوبه چڱو ماڻهو ڪونهي؟ |
قالوا لَقَد عَلِمتَ ما لَنا فى بَناتِكَ مِن حَقٍّ وَإِنَّكَ لَتَعلَمُ ما نُريدُ (آيت : 79) |
انهن جواب ڏنو، توکي ته معلوم ئي آهي ته تنهنجي نياڻين ۾ اسان جو ڪوبه حصو ناهي، ۽ تون اهو به ڄاڻين ٿو ته اسان ڇا ٿا گهرون؟ |
قالَ لَو أَنَّ لى بِكُم قُوَّةً أَو ءاوى إِلىٰ رُكنٍ شَديدٍ (آيت : 80) |
(لوط) چيو، ڪاش مون وٽ ايتري طاقت هجي ها جو توهان کي سڌو ڪريان ها يا مضبوط سهاري جي پناهه وٺان ها |
قالوا يٰلوطُ إِنّا رُسُلُ رَبِّكَ لَن يَصِلوا إِلَيكَ فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ إِلَّا امرَأَتَكَ إِنَّهُ مُصيبُها ما أَصابَهُم إِنَّ مَوعِدَهُمُ الصُّبحُ أَلَيسَ الصُّبحُ بِقَريبٍ (آيت : 81) |
(فرشتن) کيس چيو، اي لوط! اسان موڪليل آهيون تنهنجي رب جا، هي تنهنجو ڪجهه بگاڙي نه سگهندا پنهنجو اهل عيال وٺي نڪري وڃ بس رات هوندي ئي ۽ خيال ڪجانءِ ته ڪوبه ماڻهو پوئتي مڙي نه نهاري، پر تنهنجي زال تو سان نه ويندي، ان کي به اهو ئي ڪجهه ٿيڻو آهي جيڪو هنن ماڻهن کي ٿيندو، انهن جي بربادي لاءِ صبح جو وقت مقرر آهي ۽ ان ۾ دير به ڪيتري آهي |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا جَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيها حِجارَةً مِن سِجّيلٍ مَنضودٍ (آيت : 82) |
پوءِ جڏهن اسان جي فيصلي جو وقت اچي ويو ته اسان ان بستيءَ کي (هيٺ مٿي) زير زبر ڪري ڇڏيو ۽ ان تي پڪل مٽيءَ جا ڳوڙها لڳاتار وسائيندا رهياسين |
مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ وَما هِىَ مِنَ الظّٰلِمينَ بِبَعيدٍ (آيت : 83) |
جن مان هر ڳوڙهو نشان لڳل هو پنهنجي رب وٽان، ۽ اها سزا ظالمن کان پري نه آهي |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ وَلا تَنقُصُوا المِكيالَ وَالميزانَ إِنّى أَرىٰكُم بِخَيرٍ وَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ مُحيطٍ (آيت : 84) |
۽ مدين وارن ڏانهن سندن ڀاءُ شعيب کي موڪليوسين، هن چَين، اي منهنجا قومي ڀائرو! بندگي ڪريو الله جي، ان کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪوبه خدا ناهي، ۽ نه ڪريو کوٽ ماپ ۽ تور ۾، بيشڪ آئون توهان کي ڏسان ٿو سٺي حالت ۾، پر مون کي ڊپ آهي ته توهان تي عذاب ايندو (جيڪو) سڀاڻي سڀني کي وڪوڙي ويندو |
وَيٰقَومِ أَوفُوا المِكيالَ وَالميزانَ بِالقِسطِ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 85) |
۽ اي قومي ڀائرو! چڱيءَ طرح انصاف سان پورو پورو توريو ۽ ماپيو ۽ گهٽائي سان نه ڏيو ماڻهن کي انهن جون شيون ۽ نه پکيڙيو زمين ۾ فساد |
بَقِيَّتُ اللَّهِ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 86) |
الله جي (طرفان) ڏنل بچت سٺي آهي توهان جي لاءِ جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو ۽ آئون توهان تي ڪو رکوالو نه آهيان |
قالوا يٰشُعَيبُ أَصَلوٰتُكَ تَأمُرُكَ أَن نَترُكَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا أَو أَن نَفعَلَ فى أَموٰلِنا ما نَشٰؤُا۟ إِنَّكَ لَأَنتَ الحَليمُ الرَّشيدُ (آيت : 87) |
انهن جواب ڏنو، اي شعيب! ڇا تنهنجي نماز توکي اهو سيکاريو آهي ته انهن سمورن خدائن کي ڇڏيون جن جي پوڄا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا يا اسان کي پنهنجا ئي مال پنهنجي مرضيءَ مطابق استعمال ڪرڻ جو اختيار نه هجي، بس رڳو تون ئي وڏي ظرف وارو ۽ سڌي واٽ وارو ماڻهو بچيو آهين |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَرَزَقَنى مِنهُ رِزقًا حَسَنًا وَما أُريدُ أَن أُخالِفَكُم إِلىٰ ما أَنهىٰكُم عَنهُ إِن أُريدُ إِلَّا الإِصلٰحَ مَا استَطَعتُ وَما تَوفيقى إِلّا بِاللَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ (آيت : 88) |
چيو (شعيب)، ڀائرو! توهان پاڻ ئي سوچيو جي آئون هڪ پڌري شاهدي هيٺ پنهنجي رب طرفان هئس ۽ هن مون کي سٺو رزق به عطا ڪيو، ته پوءِ ڪيئن ٿو توهان جي گمراهين ۽ حرام خورين ۾ توهان سان شريڪ ٿيان انهن ۾؟ آئون ائين به نٿو چاهيان ته جن ڳالهين کان توهان کي روڪيان ٿو سي وري پاڻ اختيار ڪريان، آئون ته رڳو اصلاح ڪرڻ گهران ٿو جيترو منهنجو وس هلي، الله جي توفيق تي دارومدار آهي ان تي ڀروسو آهي ۽ رجوع به ان ڏي ڪندو آهيان |
وَيٰقَومِ لا يَجرِمَنَّكُم شِقاقى أَن يُصيبَكُم مِثلُ ما أَصابَ قَومَ نوحٍ أَو قَومَ هودٍ أَو قَومَ صٰلِحٍ وَما قَومُ لوطٍ مِنكُم بِبَعيدٍ (آيت : 89) |
۽ اي منهنجا قومي ڀائرو! منهنجي خلاف توهان جو ضد ڪٿي اها نوبت نه آڻي جو توهان تي به اهڙو عذاب اچي جهڙو قوم نوح يا قوم هود يا قوم صالح تي آيو ۽ قومِ لوط تي ته توهان کان گهڻو (وقت) پري ڪونهي |
وَاستَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى رَحيمٌ وَدودٌ (آيت : 90) |
۽ ڏسو! پنهنجي رب کان معافي گهرو ۽ ان ڏي موٽي اچو، بيشڪ منهنجو رب رحيم آهي هو مخلوق سان محبت رکي ٿو |
قالوا يٰشُعَيبُ ما نَفقَهُ كَثيرًا مِمّا تَقولُ وَإِنّا لَنَرىٰكَ فينا ضَعيفًا وَلَولا رَهطُكَ لَرَجَمنٰكَ وَما أَنتَ عَلَينا بِعَزيزٍ (آيت : 91) |
انهن جواب ڏنو، اي شعيب! سمجهه ۾ نٿيون اچن ڪيتريون ئي ڳالهيون تنهنجون ۽ اسان اهو به ڏسون پيا ته تون اسان ۾ ڪمزور ماڻهو آهين ۽ تنهنجي برادري نه هجي ها ته اسان توکي سنگسار ڪريون ها ۽ توکي ته ايتري طاقت به ناهي جو اسان کان زور ٿي وڃين |
قالَ يٰقَومِ أَرَهطى أَعَزُّ عَلَيكُم مِنَ اللَّهِ وَاتَّخَذتُموهُ وَراءَكُم ظِهرِيًّا إِنَّ رَبّى بِما تَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 92) |
(شعيب) چيو، ڀائرو! ڇا منهنجي برادري توهان لاءِ الله کان به وڌيڪ ڳري آهي جو توهان (ان جو ڊپ ڪيو ٿا) پر الله کي پٺي پويان ڪري ڇڏيو؟ بيشڪ توهان جيڪي ڪريو پيا اهو الله جي پهچ کان ٻاهر ناهي |
وَيٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ سَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَمَن هُوَ كٰذِبٌ وَارتَقِبوا إِنّى مَعَكُم رَقيبٌ (آيت : 93) |
اي منهنجي قوم جا ماڻهو! توهان ڪم ڪندا رهو پنهنجي طريقي تي ۽ آئون پنهنجي طريقي تي ڪم ڪندو رهندس. جلد توهان کي معلوم ٿي ويندو ته ڪنهن تي ذلت وارو عذاب اچي ٿو ۽ ڪير آهي جيڪو ڪوڙو آهي. توهان انتظار ڪريو ۽ آئون به توهان سان گڏ آهيان انتظار ۾ |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا شُعَيبًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَأَخَذَتِ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 94) |
۽ جڏهن اسان جي فيصلي جو وقت اچي ويو ته اسان بچائي ورتو شعيب کي ۽ انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ان سان گڏ رحمت پنهنجي سان ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو هو تن کي هڪ سخت ڪڙڪيدار (آواز) اهڙو پڪڙيو جو هو پنهنجن ڳوٺن ۾ بنا چرپر جي پيا رهيا |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا بُعدًا لِمَديَنَ كَما بَعِدَت ثَمودُ (آيت : 95) |
ڄڻ ته اهي اتي انهن ۾ رهيا ئي ڪونه هئا. ٻڌو! مدين وارا به (رحمت کان) پري اڇلايا ويا جيئن ثمود وارا اڇلايا ويا |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 96) |
۽ موڪليو اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين ۽ پڌري مقرري جي سَنَد سان |
إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاتَّبَعوا أَمرَ فِرعَونَ وَما أَمرُ فِرعَونَ بِرَشيدٍ (آيت : 97) |
فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن موڪليو پر انهن وري تابعداري ڪئي فرعون جي حڪم جي،جڏهن ته فرعون جو حڪم سچ تي ٻڌل نه هو |
يَقدُمُ قَومَهُ يَومَ القِيٰمَةِ فَأَورَدَهُمُ النّارَ وَبِئسَ الوِردُ المَورودُ (آيت : 98) |
هو اڳيان هوندو پنهنجي قوم جي قيامت جي ڏينهن ۽ پنهنجي اڳواڻي ۾ کين دوزخ ڏي وٺي ويندو، ڪهڙي بڇڙي جاءِ آهي جتي ڪير پهچي |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ بِئسَ الرِّفدُ المَرفودُ (آيت : 99) |
۽ انهن ماڻهن تي اها لعنت پئي دنيا ۾ به ۽ قيامت جي ڏينهن به پوندي، ڪهڙو نه بڇڙو انعام آهي جيڪو ڪنهن کي ملي |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ القُرىٰ نَقُصُّهُ عَلَيكَ مِنها قائِمٌ وَحَصيدٌ (آيت : 100) |
اهو احوال اسان توکي (اي نبي) ڪن وستين جو جيڪو ٻڌائي رهيا آهيون انهن مان ڪي اڃا موجود آهن ۽ ڪن جو لابارو ٿي ويو آهي |
وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن ظَلَموا أَنفُسَهُم فَما أَغنَت عَنهُم ءالِهَتُهُمُ الَّتى يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ مِن شَيءٍ لَمّا جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَما زادوهُم غَيرَ تَتبيبٍ (آيت : 101) |
اسان ته نه ڪيو انهن تي ظلم پر انهن ظلم ڪيو پنهنجو پاڻ تي ۽ جڏهن حڪم اچي ويو انهن تي الله جو ته سندن اهي خدا جن کي هو پڪاريندا هئا الله کي ڇڏي، سي سندن ڪنهن به ڪم اچي نه سهگيا ۽ انهن ته کين تباهي ۽ بربادي کان سواءِ ٻيو ڪوبه فائدو نه ڏنو |
وَكَذٰلِكَ أَخذُ رَبِّكَ إِذا أَخَذَ القُرىٰ وَهِىَ ظٰلِمَةٌ إِنَّ أَخذَهُ أَليمٌ شَديدٌ (آيت : 102) |
۽ جڏهن پڪڙ ڪندو آهي تنهنجو رب ڪنهن وستيءَ جو جيڪا ظالم رهي هوندي آهي، ته سندس پڪڙ بيشڪ اها هوندي آهي جيڪا حقيقت ۾ سخت دردناڪ هوندي آهي |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِمَن خافَ عَذابَ الءاخِرَةِ ذٰلِكَ يَومٌ مَجموعٌ لَهُ النّاسُ وَذٰلِكَ يَومٌ مَشهودٌ (آيت : 103) |
حقيقت اها آهي ته ان ۾ هڪ نشاني آهي هر ان شخص لاءِ جيڪو عذابِ آخرت کان ڊڄي، اهو هڪ اهڙو ڏينهن هوندو جنهن ۾ سڀ ماڻهو گڏ ڪيا ويندا ۽ ان ڏينهن جيڪي ڪجهه ٿيندو سو سڀني جي آڏو ٿيندو |
وَما نُؤَخِّرُهُ إِلّا لِأَجَلٍ مَعدودٍ (آيت : 104) |
۽ اسان ان جي آڻڻ ۾ گهڻي دير نه پيا ڪريون، بس ان لاءِ مدو مقرر آهي |
يَومَ يَأتِ لا تَكَلَّمُ نَفسٌ إِلّا بِإِذنِهِ فَمِنهُم شَقِىٌّ وَسَعيدٌ (آيت : 105) |
جنهن ڏينهن ايندو ته ڪنهن کي ڪڇڻ جي اجازت نه هوندي سواءِ ان (الله) جي طرفان، پوءِ ان ڏينهن ڪي بدبخت هوندا ۽ ڪي نيڪ بخت |
فَأَمَّا الَّذينَ شَقوا فَفِى النّارِ لَهُم فيها زَفيرٌ وَشَهيقٌ (آيت : 106) |
پوءِ اهي ماڻهو جيڪي بدبخت هوندا سي دوزخ ۾ ويندا (جتي گرمي ۽ اڃ جي سختي ڪري پيا سهڪندا ۽ رڙهندا |
خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ إِنَّ رَبَّكَ فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 107) |
۽ انهيءَ حالت ۾ هميشه رهندا جيستائين قائم آهن آسمان ۽ زمين، جيستائين ٻيو ڪجهه چاهي تنهنجو رب، بيشڪ تنهنجو رب پورو اختيار رکي ٿو ۽ جيڪي گهري سو ڪري ٿو |
وَأَمَّا الَّذينَ سُعِدوا فَفِى الجَنَّةِ خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ عَطاءً غَيرَ مَجذوذٍ (آيت : 108) |
۽ رهيا اهي ماڻهو جن جا ڀاڳ ڀلارا هوندا سي جنت ۾ ويندا ۽ اتي هو هميشه رهندا جيستائين قائم آهن آسمان ۽ زمين، سواءِ ان جي جو ٻيو ڪجهه چاهي تنهنجو رب. اهڙي ته بخشش کين ملندي جيڪا اڻ کٽ هوندي |
فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِمّا يَعبُدُ هٰؤُلاءِ ما يَعبُدونَ إِلّا كَما يَعبُدُ ءاباؤُهُم مِن قَبلُ وَإِنّا لَمُوَفّوهُم نَصيبَهُم غَيرَ مَنقوصٍ (آيت : 109) |
سو اي نبي! تون ڪنهن به شڪ ۾ نه رهه انهن خدائن بابت جن جي اهي عبادت ڪري رهيا آهن (لڪير جا فقير آهن) پوڄا پيا ڪن اهڙيءَ طرح جيئن سندن ابا ڏاڏا اڳي ڪندا هئا ۽ اسان کين سندن حصو ڀرپور ڏينداسين بنا ڪنهن ڪٽ سٽ جي |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَاختُلِفَ فيهِ وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّهُم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 110) |
۽ هن کان اڳي ڏئي چڪا آهيون موسيٰ کي ڪتاب جنهن جي باري ۾ به اختلاف ڪيو ويو هو، (جيئن هن ڪتاب جي باري ۾ ٿئي پيو) تنهنجي رب طرفان اڳي ئي هڪ ڳالهه طئي ڪيل نه هجي ها ته انهن اختلافين جي وچ ۾ اڳي ئي فيصلو ڪجي ها. حقيقت ۾ ته ماڻهو شڪ ۽ مونجهاري ۾ پيل آهن |
وَإِنَّ كُلًّا لَمّا لَيُوَفِّيَنَّهُم رَبُّكَ أَعمٰلَهُم إِنَّهُ بِما يَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 111) |
۽ اها به حقيقت آهي ته پورو پورو بدلو ضرور ڏيندو تنهنجو رب سندن عملن جو، بيشڪ اهو سندن سڀني حرڪتن کان بلڪل باخبر آهي |
فَاستَقِم كَما أُمِرتَ وَمَن تابَ مَعَكَ وَلا تَطغَوا إِنَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 112) |
سو (اي نبي!) تون ۽ تنهنجا ساٿي جيڪي ڪفر ۽ بغاوت کان ايمان ڏي موٽيا آهن، سڌي راهه تي ثابت قدم رهن جيئن حڪم ڏنل حد نه اورانگهين جيڪي توهان ڪريو پيا توهان جو رب ڏسي رهيو آهي |
وَلا تَركَنوا إِلَى الَّذينَ ظَلَموا فَتَمَسَّكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 113) |
۽ نه جهڪو انهن ظالمن ڏي، نه ته توهان به لپيٽ ۾ اچي ويندؤ دوزخ جي، ۽ نه ملندو توهان کي الله کان سواءِ ڪوبه واهرو (جيڪو توهان کي بچائي)، نه وري ڪٿان کان ڪا مدد ئي ملندي |
وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ طَرَفَىِ النَّهارِ وَزُلَفًا مِنَ الَّيلِ إِنَّ الحَسَنٰتِ يُذهِبنَ السَّيِّـٔاتِ ذٰلِكَ ذِكرىٰ لِلذّٰكِرينَ (آيت : 114) |
۽ ڏس نماز قائم ڪر ڏينهن جي ٻن ڇيڙن تي ۽ ڪجهه رات گذرڻ تي. بيشڪ نيڪيون دور ڪن ٿيون براين کي. اها ياد ڏيارڻ واري شيءِ آهي انهن لاءِ جيڪي الله کي ياد رکڻ وارا آهن |
وَاصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 115) |
۽ صبر اختيار ڪر، بيشڪ الله نه وڃائيندو آهي ذرو به نيڪي ڪندڙن جو اجر |
فَلَولا كانَ مِنَ القُرونِ مِن قَبلِكُم أُولوا بَقِيَّةٍ يَنهَونَ عَنِ الفَسادِ فِى الأَرضِ إِلّا قَليلًا مِمَّن أَنجَينا مِنهُم وَاتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا ما أُترِفوا فيهِ وَكانوا مُجرِمينَ (آيت : 116) |
پوءِ ڇو نه توهان کان اڳ وارين قومن ۾ اهڙا ڀلارا ماڻهو موجود هئا جيڪي ماڻهن کي روڪين ها فساد ڪرڻ کان زمين ۾؟ اهڙا ماڻهو هئا به ته تمام ٿورا، جن کي بچائي ورتوسين انهن قومن مان، نه ته اهي ماڻهو جيڪي ظالم هئا انهن مزن جي پٺيان لڳا رهيا، جن کي گهڻا سامان ڏنا ويا ۽ اهي مجرم بڻجي ويا |
وَما كانَ رَبُّكَ لِيُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها مُصلِحونَ (آيت : 117) |
۽ نه آهي تنهنجو رب اهڙو جيڪو وسندين کي ناحق برباد ڪري جڏهن ته ان جا باسي اصلاح ڪندڙ هجن |
وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَجَعَلَ النّاسَ أُمَّةً وٰحِدَةً وَلا يَزالونَ مُختَلِفينَ (آيت : 118) |
۽ جي تنهنجو رب گهري ها ته سڀني انسانن کي هڪڙو ٽولو بڻائي ڇڏي ها، پر هاڻي اهي هلندا رهندا ڌار ڌار طريقن تي |
إِلّا مَن رَحِمَ رَبُّكَ وَلِذٰلِكَ خَلَقَهُم وَتَمَّت كَلِمَةُ رَبِّكَ لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 119) |
۽ گمراهين کان رڳو اهي بچندا جن تي رحمت آهي تنهنجي رب جي، ۽ جنهن ڳالهه لاءِ کين پيدا ڪيو ويو هو سا پوري ٿي ڳالهه تنهنجي رب جي جيڪا هن چئي هئي ته آئون دوزخ کي جنن ۽ انسانن سڀني سان ڀري ڇڏيندس |
وَكُلًّا نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ الرُّسُلِ ما نُثَبِّتُ بِهِ فُؤادَكَ وَجاءَكَ فى هٰذِهِ الحَقُّ وَمَوعِظَةٌ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 120) |
۽ (اي نبي!) اهي قصا جيڪي توکي ٻڌايون ٿا (ڪيترن) پيغمبرن جا، هي اهي ڳالهيون آهن جن سان تنهنجي دل کي مضبوط ڪريون ٿا، ۽ انهن ۾ توکي حقيقت جو علم ٿيو ۽ نصيحت ۽ سجاڳي ملي ايمان آڻيندڙن کي |
وَقُل لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّا عٰمِلونَ (آيت : 121) |
۽ چئي ڇڏ (اي نبي!) انهن ماڻهن کي جيڪي ايمان نٿا آڻين، ته توهان پنهنجو ڪم ڪندا رهو، اسان پنهنجو ڪم ڪنداسين |
وَانتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 122) |
۽ نتيجي جو توهان انتظار ڪريو، اسان به انتظار ۾ آهيون |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَيهِ يُرجَعُ الأَمرُ كُلُّهُ فَاعبُدهُ وَتَوَكَّل عَلَيهِ وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 123) |
۽ الله جي قدرت جي قبضي ۾ آهي اهو سڀ معاملو جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ لڪل آهي، ۽ سڀ معاملو ان ڏي ئي موٽايو وڃي ٿو، تنهنڪري (اي نبي!) تون سندس بندگي ڪر ۽ ڀروسو ان تي رک، ۽ تنهنجو رب ان کان بي خبر ناهي جيڪي ڪجهه توهان ڪري رهيا آهيو |