| قُل يٰأَيُّهَا الكٰفِرونَ (آيت : 1) |
|
(اي نبي) چئي ڇڏ ته اي ڪافرؤ |
| لا أَعبُدُ ما تَعبُدونَ (آيت : 2) |
|
مان انهن جي عبادت نٿو ڪريان، جن جي توهان عبادت ٿا ڪريو |
| وَلا أَنتُم عٰبِدونَ ما أَعبُدُ (آيت : 3) |
|
نڪي توهان ئي عبادت ڪرڻ وارا آهيو انهيءَ جي، جنهن جي مان عبادت ڪريان ٿو |
| وَلا أَنا۠ عابِدٌ ما عَبَدتُم (آيت : 4) |
|
۽ نه وري مان ئي عبادت ڪرڻ وارو آهيان انهن جي، جن جي توهان عبادت ڪئي آهي |
| وَلا أَنتُم عٰبِدونَ ما أَعبُدُ (آيت : 5) |
|
۽ نه توهان انهيءَ جي عبادت ڪرڻ وارا آهيو، جنهن جي مان عبادت ٿو ڪريان |
| لَكُم دينُكُم وَلِىَ دينِ (آيت : 6) |
|
توهان لاءِ توهان جو دين آهي ۽ مون لاءِ منهنجو دين |