| قُل يٰأَيُّهَا الكٰفِرونَ (آيت : 1) |
|
(اي پيغمبر) تون چوين ته اي ڪافرو! |
| لا أَعبُدُ ما تَعبُدونَ (آيت : 2) |
|
آءُ انهن کي نه ٿو پوڄان جن جي اوهين پوڄا (پاٺ) ڪريو ٿا. |
| وَلا أَنتُم عٰبِدونَ ما أَعبُدُ (آيت : 3) |
|
۽ جنهن (خدا) جي آءُ عبادت ڪريان ٿو تنهن جي (وري) اوهين عبادت نه ٿا ڪريو. |
| وَلا أَنا۠ عابِدٌ ما عَبَدتُم (آيت : 4) |
|
۽ جن کي اوهين پوڄيو ٿا آءُ تن جي پوڄا ڪڏهين به ڪرڻ وارو نه آهيان. |
| وَلا أَنتُم عٰبِدونَ ما أَعبُدُ (آيت : 5) |
|
۽ جنهن جي آءُ عبادت ڪريان ٿو اوهين ان جي عبادت ڪرڻ وارا نه آهيو. |
| لَكُم دينُكُم وَلِىَ دينِ (آيت : 6) |
|
اوهان لاءِ اوهان جو دين ۽ مون لاءِ منهنجو دين. |