| قُل يٰأَيُّهَا الكٰفِرونَ (آيت : 1) |
|
(اي نبي!) چؤ ته اي ڪفر ڪرڻ وارئو! |
| لا أَعبُدُ ما تَعبُدونَ (آيت : 2) |
|
آءٌ انهن (ڪوڙن معبودن)کي نه ٿو پوڄيان جن کي توهان پوڄيو ٿا. |
| وَلا أَنتُم عٰبِدونَ ما أَعبُدُ (آيت : 3) |
|
۽ نه ئي توهان پوڄيندڙ آهيو ان (اڪيلي الله) کي جنهن جي آءٌ پوڄا ڪيان ٿو. |
| وَلا أَنا۠ عابِدٌ ما عَبَدتُم (آيت : 4) |
|
۽ نه آهيان آءٌ پوڄا ڪندڙ (انهن ڪوڙن معبودن جي) جن جي توهان پوڄا ڪئي. |
| وَلا أَنتُم عٰبِدونَ ما أَعبُدُ (آيت : 5) |
|
۽ نه ئي اوهان پوڄا ڪندڙ آهيو ان (اڪيلي الله) جي جنهن جي آءٌ پوڄا ڪيان ٿو. |
| لَكُم دينُكُم وَلِىَ دينِ (آيت : 6) |
|
توهان جي واسطي توهان جو دين آهي ۽ منهنجي لاءِ منهنجو دين (ڪافي) آهي. |