القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الۡکٰفِرُوۡنَ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 6


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

قُل يٰأَيُّهَا الكٰفِرونَ (آيت : 1)

(اي پيغمبر! انهن ڪافرن کي) چئو ته، اي ڪافرؤ! (منهنجو ۽ توهان جو طريقو هڪ نٿو ٿي سگهي).

لا أَعبُدُ ما تَعبُدونَ (آيت : 2)

(توهان جا ۽ منهنجا رستا، منزل ۽ مقصود الڳ الڳ آهن) آءٌ ان جي عبادت نٿو ڪريان جنهن جي (ذهن جي تراشيل سوين جيئرن ۽ مئلن معبودن جي) اوهين عبادت (۽ پيروڪاري) ڪريو ٿا.

وَلا أَنتُم عٰبِدونَ ما أَعبُدُ (آيت : 3)

۽ نڪي اوهين ان جي عبادت ڪريو ٿا، جنهن (اڪيلي خالق ڪائنات) جي آءٌ عبادت (۽ پيروڪاري) ڪريان ٿو.

وَلا أَنا۠ عابِدٌ ما عَبَدتُم (آيت : 4)

(معبودن متعلق اسان جو اهو اختلاف عارضي ناهي، بلڪ بنيادي ۽ اصولي آهي سو) نه آءٌ ان جي عبادت ڪندس، جنهن جي اوهان عبادت ڪئي.

وَلا أَنتُم عٰبِدونَ ما أَعبُدُ (آيت : 5)

۽ نه اوهين ان جي عبادت (۽ پيروڪاري) ڪندؤ جنهن جي آءٌ عبادت (۽ ان جي قانونن جي پيروڪاري) ڪريان ٿو.

لَكُم دينُكُم وَلِىَ دينِ (آيت : 6)

اوهان لاءِ اوهان جو دين ۽ مون لاءِ منهنجو دين آهي. (نتيجا پاڻهي ٻڌائيندا ته ڪاميابي ڪنهن جي حصي ۾ اچي ٿي).


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025