| قُل يٰأَيُّهَا الكٰفِرونَ (آيت : 1) |
|
(اي پيغمبر ڪافرن کي) چؤ ته اي ڪافرؤ. |
| لا أَعبُدُ ما تَعبُدونَ (آيت : 2) |
|
نڪي آءٌ ان جي عبادت ڪندس جنھنجي اوھين عبادت ڪندا آھيو. |
| وَلا أَنتُم عٰبِدونَ ما أَعبُدُ (آيت : 3) |
|
۽ نڪي اوھين ان جي عبادت ڪندؤ جنھن جي آءٌ عبادت ڪندو آھيان. |
| وَلا أَنا۠ عابِدٌ ما عَبَدتُم (آيت : 4) |
|
۽ نڪي آءٌ ان جي عبادت ڪندس جنھنجي اوھان عبادت ڪئي. |
| وَلا أَنتُم عٰبِدونَ ما أَعبُدُ (آيت : 5) |
|
۽ نڪي اوھين ان جي عبادت ڪندؤ جنھنجي آءٌ عبادت ڪندو آھيان. |
| لَكُم دينُكُم وَلِىَ دينِ (آيت : 6) |
|
اوھان لاءِ اوھان جو دين ۽ مون لاءِ منھنجو دين آھي. |