| قُل يٰأَيُّهَا الكٰفِرونَ (آيت : 1) |
|
چئو ته اي ڪافرو! |
| لا أَعبُدُ ما تَعبُدونَ (آيت : 2) |
|
آءُ انهن جي بندگي نٿو ڪريان، جن جي اوهين ٿا ڪريو. |
| وَلا أَنتُم عٰبِدونَ ما أَعبُدُ (آيت : 3) |
|
۽ نه اوهين انهي جي بندگي ٿا ڪريو، جنهن جي آءُ ٿو ڪريان. |
| وَلا أَنا۠ عابِدٌ ما عَبَدتُم (آيت : 4) |
|
نڪي آءُ ڪڏهن انهن جي بندگي ڪرڻ وارو آهيان جن جي بندگي توهان ڪئي. |
| وَلا أَنتُم عٰبِدونَ ما أَعبُدُ (آيت : 5) |
|
۽ نڪي اوهين انهي جي بندگي ڪندا، جنهن جي آءُ ٿو ڪريان_ |
| لَكُم دينُكُم وَلِىَ دينِ (آيت : 6) |
|
اوهان لاءِ اوهان جو دين ۽ مون لاءِ منهنجو دين. |