| قُل يٰأَيُّهَا الكٰفِرونَ (آيت : 1) |
|
(اي نبيﷺ! وڏي واڪي) چؤ ته اي ڪافرؤ! |
| لا أَعبُدُ ما تَعبُدونَ (آيت : 2) |
|
مان اُنهن جي عبادت نه ڪندس، جن جي عبادت توهان ڪريو ٿا. |
| وَلا أَنتُم عٰبِدونَ ما أَعبُدُ (آيت : 3) |
|
۽ نه ئي توهان عبادت ڪندڙ آهيو، جنھن جي مان عبادت ڪريان ٿو. |
| وَلا أَنا۠ عابِدٌ ما عَبَدتُم (آيت : 4) |
|
۽ نه ئي مان اُنهن جي عبادت ڪندڙ آهيان جن جي توهان عبادت ڪئي آهي. |
| وَلا أَنتُم عٰبِدونَ ما أَعبُدُ (آيت : 5) |
|
۽ نه ئي توهان ان جي عبادت ڪندڙ آهيو جنھن جي مان عبادت ڪريان ٿو. |
| لَكُم دينُكُم وَلِىَ دينِ (آيت : 6) |
|
تنهنڪري توهان جي لاءِ توهان جو دين ۽ منھنجي لاءِ منھنجو دين. |