| أَرَءَيتَ الَّذى يُكَذِّبُ بِالدّينِ (آيت : 1) |
|
(اي نبي) ڇا تو ڏٺو ان شخص کي، جيڪو حساب ڪتاب کي ڪوڙو ٿو سڏي؟ |
| فَذٰلِكَ الَّذى يَدُعُّ اليَتيمَ (آيت : 2) |
|
اهوئي ته آهي، جيڪو يتيم کي ڌِڪا ڏئي ٿو |
| وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 3) |
|
۽ مسڪين کي کاڌو کارائڻ لاءِ نه ٿو اُڀاري |
| فَوَيلٌ لِلمُصَلّينَ (آيت : 4) |
|
پوءِ تباهي آهي انهن نماز پڙهندڙن لاءِ |
| الَّذينَ هُم عَن صَلاتِهِم ساهونَ (آيت : 5) |
|
جيڪي پنهنجين نمازن جي باري ۾ غافل آهن |
| الَّذينَ هُم يُراءونَ (آيت : 6) |
|
جيڪي ڏيکاءَ لاءِ ڪم ڪندا آهن |
| وَيَمنَعونَ الماعونَ (آيت : 7) |
|
۽ عام استعمال جون معمولي شيون به (ماڻهن کي) ڏيڻ کان انڪار ڪندا آهن |