| أَرَءَيتَ الَّذى يُكَذِّبُ بِالدّينِ (آيت : 1) |
|
ڇا تو ان شخص کي به ڏٺو جو روز جزا کي ڪوڙو ڪري ٿو. |
| فَذٰلِكَ الَّذى يَدُعُّ اليَتيمَ (آيت : 2) |
|
هي ته اهو (بدبخت) آهي جيڪو يتيم کي لوڌي ٿو. |
| وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 3) |
|
۽ مسڪين کي کاڌي کارائڻ جي رغبت (به) نه ٿو ڏئي. |
| فَوَيلٌ لِلمُصَلّينَ (آيت : 4) |
|
پوءِ ويل انهن نمازين لاءِ آهي |
| الَّذينَ هُم عَن صَلاتِهِم ساهونَ (آيت : 5) |
|
جيڪي پنهنجيءَ نماز کان غافل آهن. |
| الَّذينَ هُم يُراءونَ (آيت : 6) |
|
جيڪي ڏيکاءُ ڪن ٿا. |
| وَيَمنَعونَ الماعونَ (آيت : 7) |
|
۽ روزمره جون معمولي شيون ٻين کي ڏيڻ کان پاڻ کي روڪين ٿا. |