أَرَءَيتَ الَّذى يُكَذِّبُ بِالدّينِ (آيت : 1) |
اَکـئـِين اُن ماڻهوءَ جو، هُوند ڏِٺئـِي ڪو حال؟ جو مزوري مِلڻ کي، ڪوڙِي چَئي ڪُلال، |
فَذٰلِكَ الَّذى يَدُعُّ اليَتيمَ (آيت : 2) |
پوءِ ڇِينڀي ڇورڙن کي، سوئـِي خام خيال، |
وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 3) |
۽ اُسريو، نه اُسري، مَٿي قُوت ڪَنگال، |
فَوَيلٌ لِلمُصَلّينَ (آيت : 4) |
پوءِ آهي وادِي وَيل جِي، تِن نِمازِين نال، |
الَّذينَ هُم عَن صَلاتِهِم ساهونَ (آيت : 5) |
جي سَندنِ دُعا، دُرُود کان، آهِن ڀُليل بَحال، |
الَّذينَ هُم يُراءونَ (آيت : 6) |
ڪَن خُوشامد خير ۾، چَلن اِهائي چال، |
وَيَمنَعونَ الماعونَ (آيت : 7) |
۽ بَند رکن ٿا ڀال، اُهکِي، سُهکِي عام سان. |