| أَرَءَيتَ الَّذى يُكَذِّبُ بِالدّينِ (آيت : 1) |
|
ڇا تو ان ماڻهو کي ڏٺو جيڪو دين کي ڪوڙو چوي ٿو. |
| فَذٰلِكَ الَّذى يَدُعُّ اليَتيمَ (آيت : 2) |
|
پوءِ هي اُهو ماڻهو آهي جيڪو يتيم کي ڌڪا ڏئي ٿو. |
| وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 3) |
|
۽ مسڪين کي کاڌي کارائڻ جي رغبت نه ٿو ڏئي. |
| فَوَيلٌ لِلمُصَلّينَ (آيت : 4) |
|
پوءِ بربادي آهي (انهن) نمازين لاءِ. |
| الَّذينَ هُم عَن صَلاتِهِم ساهونَ (آيت : 5) |
|
جيڪي پنهنجي نماز کان غافل آهن. |
| الَّذينَ هُم يُراءونَ (آيت : 6) |
|
جيڪي رياڪاري ڪن ٿا. |
| وَيَمنَعونَ الماعونَ (آيت : 7) |
|
۽ (اهڙا ڪنجوس آهن جو) عام استعمال جون معمولي شيون به (ڪنهن کي) نه ٿا ڏين. |