القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الۡمَاعُوۡنِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 7


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

أَرَءَيتَ الَّذى يُكَذِّبُ بِالدّينِ (آيت : 1)

(اي پيغمبر!) ڇا تو ان کي ڏٺو جو (زبان سان ته اطاعت جو اقرار ڪري ٿو، پر عملن جي) بدلي ملڻ واري ڏينهن کي ڪوڙو ڪري ٿو.

فَذٰلِكَ الَّذى يَدُعُّ اليَتيمَ (آيت : 2)

پوءِ هي (اطاعت جو ڪوڙو دعويدار ۽ بدلي جي ڏينهن جو منڪر) اهو آهي، جيڪو يتيم (جون ضرورتون پوريون ڪرڻ بجاءِ ان) کي لوڌي ٿو.

وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 3)

۽ مسڪين کي (پاڻ به کاڌو نٿو کارائي ۽ ٻين کي به) کاڌي کارائڻ جي رغبت نه ٿو ڏي.

فَوَيلٌ لِلمُصَلّينَ (آيت : 4)

(انسانيت جي ڪمن ۾ کٽل اهو ماڻهو پاڻ کي ديندار ظاهر ڪرڻ لاءِ بنا اخلاص واري نمازن تي زور ٿو ڏئي) پوءِ ويل انهن نمازين لاءِ هجي.

الَّذينَ هُم عَن صَلاتِهِم ساهونَ (آيت : 5)

جيڪي پنهنجيءَ نماز (جي روح ۽ مقصد) کان غافل آهن.

الَّذينَ هُم يُراءونَ (آيت : 6)

جيڪي ڏيکاءُ ڪن ٿا. (نمازون هن لاءِ پڙهن ٿا ته، پاڻ کي ٺلهي دينداري جو دلبو ڏين ۽ ماڻهو انهن کي نيڪ نمازي چون).

وَيَمنَعونَ الماعونَ (آيت : 7)

(ساڳي وقت هوڏانهن سندن حالت هيءَ آهي جو ضرورت جي عام ۽ معمولي) نه روڪڻ جهڙين شين (کي به ٻين کان) روڪين ٿا.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025