| أَرَءَيتَ الَّذى يُكَذِّبُ بِالدّينِ (آيت : 1) |
|
ڇا توهان ان ماڻهوءَ کي نه ڏٺو جيڪو دين جي تڪذيب ڪري ٿو |
| فَذٰلِكَ الَّذى يَدُعُّ اليَتيمَ (آيت : 2) |
|
پوءِ اهو ئي آهي جيڪو يتيم کي جھڻڪي ٿو |
| وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 3) |
|
۽ مسڪينن کي طعام کارائڻ لاءِ (ڪنهنکي) شوق نٿو ڏياري |
| فَوَيلٌ لِلمُصَلّينَ (آيت : 4) |
|
پوءِ ويل آهي انهن نمازين لاءِ |
| الَّذينَ هُم عَن صَلاتِهِم ساهونَ (آيت : 5) |
|
جيڪي پنهنجي نمازن ۾ غافل آهن |
| الَّذينَ هُم يُراءونَ (آيت : 6) |
|
اهي ئي ڏيکاءُ لاءِ عمل ڪن ٿا |
| وَيَمنَعونَ الماعونَ (آيت : 7) |
|
۽ گھريلو استعمال جون شيون هڪ ٻئي کي نٿا ڏين |