| أَرَءَيتَ الَّذى يُكَذِّبُ بِالدّينِ (آيت : 1) |
|
(اي پيغمبر) انھي کي ڏٺيءِ ڇا جيڪو عملن جي بدلي ملڻ کي ڪوڙ ڀانئيندو آھي. |
| فَذٰلِكَ الَّذى يَدُعُّ اليَتيمَ (آيت : 2) |
|
پوءِ اُھو آھي جو ڇوري ٻار کي ڌِڪيندو آھي. |
| وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 3) |
|
۽ (ڪنھن کي) مسڪين جي کارائڻ تي رغبت نه ڏياريندو آھي. |
| فَوَيلٌ لِلمُصَلّينَ (آيت : 4) |
|
پوءِ انھن نمازين لاءِ وَيل آھي. |
| الَّذينَ هُم عَن صَلاتِهِم ساهونَ (آيت : 5) |
|
جي پنھنجين نمازن کان ويسلا رھندا آھن. |
| الَّذينَ هُم يُراءونَ (آيت : 6) |
|
اُھي جيڪي رياءُ ڪندا آھن. |
| وَيَمنَعونَ الماعونَ (آيت : 7) |
|
۽ اُڌاريون شيون جھليندا آھن. |