| لِإيلٰفِ قُرَيشٍ (آيت : 1) |
|
جيئن ته قريش هِري ويا آهن |
| إۦلٰفِهِم رِحلَةَ الشِّتاءِ وَالصَّيفِ (آيت : 2) |
|
(يعني) سياري ۽ اونهاري جي سفرن جا هيراڪ ٿي ويا آهن |
| فَليَعبُدوا رَبَّ هٰذَا البَيتِ (آيت : 3) |
|
پوءِ کين گهرجي ته هن گهر (ڪعبي) جي رب جي عبادت ڪن |
| الَّذى أَطعَمَهُم مِن جوعٍ وَءامَنَهُم مِن خَوفٍ (آيت : 4) |
|
جنهن کين بک کان بچائي کائڻ لاءِ ڏنو ۽ ڀؤ کان بچائي امن عطا ڪيو |