لِإيلٰفِ قُرَيشٍ (آيت : 1) |
قريشن کي چاهه ڏيڻ جي ڪري |
إۦلٰفِهِم رِحلَةَ الشِّتاءِ وَالصَّيفِ (آيت : 2) |
سياري ۽ اونهاري جي مسافريءَ سان انهن کي چاهه ڏيڻ جي ئي ڪري |
فَليَعبُدوا رَبَّ هٰذَا البَيتِ (آيت : 3) |
اهي هن گهر جي مالڪ جي عبادت ڪن |
الَّذى أَطعَمَهُم مِن جوعٍ وَءامَنَهُم مِن خَوفٍ (آيت : 4) |
جنهن انهن کي بک کان کاڌو ڏنو. ۽ ڊپ کان بچايو |