| لِإيلٰفِ قُرَيشٍ (آيت : 1) |
|
قريشن کي چاهه ڏيڻ جي ڪري، (جو اهي ڪعبي جا متولي آهن.) |
| إۦلٰفِهِم رِحلَةَ الشِّتاءِ وَالصَّيفِ (آيت : 2) |
|
(ان عزت ۽ احترام جو نتيجو آهي جو چوڌاري قبيلن ۽ ملڪن انهن کي) سياري ۽ اونهاري جي مسافريءَ سان انهن (جي قافلن) کي چاهت سان (حفاظت ۾) رکيو آهي. |
| فَليَعبُدوا رَبَّ هٰذَا البَيتِ (آيت : 3) |
|
(ليڪن قريشين ان ڪعبي جي امين بنجڻ واري ذميواريءَ کي وساري ڇڏيو آهي،) سو کين جڳائي ته اهي هن گهر جي مالڪ جي عبادت ڪن. |
| الَّذى أَطعَمَهُم مِن جوعٍ وَءامَنَهُم مِن خَوفٍ (آيت : 4) |
|
جنهن انهن کي (ڪعبي جي ڪري تجارت ۾ سهولت ڏيئي) بک کان کاڌو ڏنو ۽ (قبيلن جي ڦرلٽ جي) ڊپ کان بچايو. (ته جيئن مطمئن ٿي ڪعبي کي خدائي نظام جو مرڪز بنائن.) |