لِإيلٰفِ قُرَيشٍ (آيت : 1) |
قريشن کي هيرائڻ خاطر. |
إۦلٰفِهِم رِحلَةَ الشِّتاءِ وَالصَّيفِ (آيت : 2) |
سردي ۽ گرمي جي (بي خطر) سفر جي ڪري هو (صفا) هِري مِري ويا آهن. |
فَليَعبُدوا رَبَّ هٰذَا البَيتِ (آيت : 3) |
تنهنڪري کين گهرجي ته هو هن گهر (يعني ڪعبة الله) جي پالڻھار جي عبادت ڪن. |
الَّذى أَطعَمَهُم مِن جوعٍ وَءامَنَهُم مِن خَوفٍ (آيت : 4) |
جنھن کين بک ۾ کاڌو کارايو ۽ خوف مان (ڪڍي) امن (وارو ماحول) ڏنو. |