| أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِأَصحٰبِ الفيلِ (آيت : 1) |
|
(اي نبي) ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي رب هاٿيءَ وارن سان ڇا ڪيو؟ |
| أَلَم يَجعَل كَيدَهُم فى تَضليلٍ (آيت : 2) |
|
ڇا هن سندن سٽيل ســِـٽ کي بيڪار نه ڪري ڇڏيو؟ |
| وَأَرسَلَ عَلَيهِم طَيرًا أَبابيلَ (آيت : 3) |
|
۽ مٿن پکين جا ولرن جا ولر موڪليائين |
| تَرميهِم بِحِجارَةٍ مِن سِجّيلٍ (آيت : 4) |
|
جن کين پڪل مٽيءَ جي پٿرين سان ٿي چــُـٽيو |
| فَجَعَلَهُم كَعَصفٍ مَأكولٍ (آيت : 5) |
|
پوءِ کين ائين ڪري ڇڏيائون جهڙو (جانورن جو) چٻاڙيل بــُـهه |