| أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِأَصحٰبِ الفيلِ (آيت : 1) |
|
(اي رسول) ڇا تو نه ڏٺو تنهنجي پروردگار هاٿي وارن سان ڇا ڪيو، |
| أَلَم يَجعَل كَيدَهُم فى تَضليلٍ (آيت : 2) |
|
ڇا سندن تدبير غلط نه ڪيوسون؟ (بيشڪ ڪيوسون)، |
| وَأَرسَلَ عَلَيهِم طَيرًا أَبابيلَ (آيت : 3) |
|
۽ مٿن ولرن جا ولر ابابيل (پکي) موڪلياسين، |
| تَرميهِم بِحِجارَةٍ مِن سِجّيلٍ (آيت : 4) |
|
جن هنن کي ڪڪري جون پٿريون هنيون ٿي. |
| فَجَعَلَهُم كَعَصفٍ مَأكولٍ (آيت : 5) |
|
پوءِ انهن کي چٻاڙيل گاھ جهڙو ڪري ڇڏيو. |