أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِأَصحٰبِ الفيلِ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پاليندڙ هاٿيءَ وارن سان ڪيئن ڪيو؟ |
أَلَم يَجعَل كَيدَهُم فى تَضليلٍ (آيت : 2) |
ڇا سندن شرارت کي بيڪار نه ڪيائين |
وَأَرسَلَ عَلَيهِم طَيرًا أَبابيلَ (آيت : 3) |
۽ مٿن ولرن جا ولر پکي موڪليائين |
تَرميهِم بِحِجارَةٍ مِن سِجّيلٍ (آيت : 4) |
جن انهن کي ڪڪريءَ جون پٿريون هنيون ٿي |
فَجَعَلَهُم كَعَصفٍ مَأكولٍ (آيت : 5) |
پوءِ انهن کي اولڙ گاهه جهڙو ڪري ڇڏيائين |