| أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِأَصحٰبِ الفيلِ (آيت : 1) |
|
ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پالڻهار هاٿي وارن سان ڇا ڪيو؟ |
| أَلَم يَجعَل كَيدَهُم فى تَضليلٍ (آيت : 2) |
|
ڇا انهن جي سازش کي بيڪار نه ڪيائين؟ |
| وَأَرسَلَ عَلَيهِم طَيرًا أَبابيلَ (آيت : 3) |
|
۽ انهن تي اڏامندڙ پکين جا ولر موڪليائين. |
| تَرميهِم بِحِجارَةٍ مِن سِجّيلٍ (آيت : 4) |
|
جن انهن کي پڪل مٽيءَ جي پٿرين سان پئي چُٽيو. |
| فَجَعَلَهُم كَعَصفٍ مَأكولٍ (آيت : 5) |
|
پوءِ انهن کي لتاڙيل گاهه وانگر ڪري ڇڏيائين. |