القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الۡفِیۡـلِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 5


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِأَصحٰبِ الفيلِ (آيت : 1)

(اي پيغمبر!) ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پاليندڙ (طاقت جي گهمنڊ ۾ مبتلا) هاٿيءَ وارن سان ڪيئن ڪيو.

أَلَم يَجعَل كَيدَهُم فى تَضليلٍ (آيت : 2)

ڇا (ڪعبته الله کي ڊاهڻ متعلق) سندن شرارت کي ناڪام نه ڪيائين.

وَأَرسَلَ عَلَيهِم طَيرًا أَبابيلَ (آيت : 3)

۽ مٿن ولرن جا ولر پکي موڪليائين.

تَرميهِم بِحِجارَةٍ مِن سِجّيلٍ (آيت : 4)

جن انهن کي (پنهنجي پيرن ۽ چهنبن ۾ جهليل) ڪڪريءَ جون پٿريون هنيون ٿي.

فَجَعَلَهُم كَعَصفٍ مَأكولٍ (آيت : 5)

پوءِ انهن کي اولڙ گاهه جهڙو (پائمال) ڪري ڇڏيائين. (پوءِ اي مڪي جا مشرڪو! هي سڀ ڪجهه اوهان جي اکين جي سامهون ٿيو، سو اوهان حق سان ٽڪر کائڻ لاءِ طاقت جي ڪهڙي گهمنڊ ۾ آهيو).


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025