أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِأَصحٰبِ الفيلِ (آيت : 1) |
رسولِ عربي توهان نه ڏٺو ته توهان جي رب هاٿين وارن (ابرهه ۽ ان جي لشڪر) سان ڇا ڪيو؟ |
أَلَم يَجعَل كَيدَهُم فى تَضليلٍ (آيت : 2) |
ڇا الله تعالى سندن رٿ کي باطل ۽ ضايع نه ڪيو؟ |
وَأَرسَلَ عَلَيهِم طَيرًا أَبابيلَ (آيت : 3) |
۽ انهن تي پکين جا ولر موڪليا |
تَرميهِم بِحِجارَةٍ مِن سِجّيلٍ (آيت : 4) |
جن انهن کي باه مان پڪل ٺڪريون هنيون |
فَجَعَلَهُم كَعَصفٍ مَأكولٍ (آيت : 5) |
پوءِ انهن کي کاڌل بوسي وانگر ڪيائين |