وَيلٌ لِكُلِّ هُمَزَةٍ لُمَزَةٍ (آيت : 1) |
تباهي آهي هر ان ماڻهوءَ لاءِ، جيڪو منهن تي مهڻا ڏيندڙ ۽ پرپٺ گلا ڪندڙ آهي |
الَّذى جَمَعَ مالًا وَعَدَّدَهُ (آيت : 2) |
جنهن مال گڏ ڪيو ۽ ان کي ڳڻيندو (سانڍي رکندو) رهي ٿو |
يَحسَبُ أَنَّ مالَهُ أَخلَدَهُ (آيت : 3) |
ڀانئي ٿو ته سندس مال وٽس سدائين رهندو |
كَلّا لَيُنبَذَنَّ فِى الحُطَمَةِ (آيت : 4) |
ڪڏهن به نه، هو ته ڀورا ڀورا ڪري ڇڏڻ واريءَ جاءِ ۾ اڇلايو ويندو |
وَما أَدرىٰكَ مَا الحُطَمَةُ (آيت : 5) |
۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها ڀورا ڀورا ڪري ڇڏڻ واري جاءِ ڇا آهي؟ |
نارُ اللَّهِ الموقَدَةُ (آيت : 6) |
الله جي باهه، ڏاڍي ڀڙڪايل |
الَّتى تَطَّلِعُ عَلَى الأَفـِٔدَةِ (آيت : 7) |
جيڪا وڃي دلين تائين پهچندي |
إِنَّها عَلَيهِم مُؤصَدَةٌ (آيت : 8) |
اها مٿن ڍڪ ڏئي بند ڪئي ويندي |
فى عَمَدٍ مُمَدَّدَةٍ (آيت : 9) |
(ان حالت ۾ جو هو) تمام اوچن ٿنڀن ۾ (وڪوڙيل هوندا) |