| وَيلٌ لِكُلِّ هُمَزَةٍ لُمَزَةٍ (آيت : 1) |
|
وڏي خرابي آهي سڀ ڪنهن چغل خور ۽ ٽوڪ هڻندڙ لاءِ، |
| الَّذى جَمَعَ مالًا وَعَدَّدَهُ (آيت : 2) |
|
جنهن مال کي ميڙي ۽ ان کي ڳڻي ڳڻي رکيو آهي، |
| يَحسَبُ أَنَّ مالَهُ أَخلَدَهُ (آيت : 3) |
|
اهو سمجهي ٿو ته سندس مال ان کي سدائين جيئرو (۽) باقي رکندو. |
| كَلّا لَيُنبَذَنَّ فِى الحُطَمَةِ (آيت : 4) |
|
هرگز نه! ضرور ان کي حطمه (باھ) ۾ اڇلايو ويندو. |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الحُطَمَةُ (آيت : 5) |
|
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ واري (حطمه) ڇا آهي؟ |
| نارُ اللَّهِ الموقَدَةُ (آيت : 6) |
|
اها خدا جي ٻاريل باھ آهي، |
| الَّتى تَطَّلِعُ عَلَى الأَفـِٔدَةِ (آيت : 7) |
|
جا (پيرن کي لڳي ته) دلين تائين چڙهي وڃي ٿي. |
| إِنَّها عَلَيهِم مُؤصَدَةٌ (آيت : 8) |
|
اهي بند ڪيا ويندا. |
| فى عَمَدٍ مُمَدَّدَةٍ (آيت : 9) |
|
باھ جي ڊگهن ٿنڀن ۾ وجهي. |