| وَيلٌ لِكُلِّ هُمَزَةٍ لُمَزَةٍ (آيت : 1) |
|
وڏي خرابي هجي سڀڪنهن گلا خور ٽوڪ هڻندڙ لاءِ |
| الَّذى جَمَعَ مالًا وَعَدَّدَهُ (آيت : 2) |
|
جنهن مال کي ميڙي ۽ ان کي ڳڻي رکيو آهي |
| يَحسَبُ أَنَّ مالَهُ أَخلَدَهُ (آيت : 3) |
|
خيال ڪري ٿو ته سندس مال ان کي سدائين رهائيندو |
| كَلّا لَيُنبَذَنَّ فِى الحُطَمَةِ (آيت : 4) |
|
ائين نه ٿيندو ضرور ان کي پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ واري باهه ۾ اڇلايو ويندو |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الحُطَمَةُ (آيت : 5) |
|
۽توکي ڪهڙي خبر ته پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ واري ڇا آهي؟ |
| نارُ اللَّهِ الموقَدَةُ (آيت : 6) |
|
اها الله جي ٻاريل باهه آهي |
| الَّتى تَطَّلِعُ عَلَى الأَفـِٔدَةِ (آيت : 7) |
|
جا دلين کي وٺي وڃي ٿي |
| إِنَّها عَلَيهِم مُؤصَدَةٌ (آيت : 8) |
|
بيشڪ اها مٿن دميل هوندي |
| فى عَمَدٍ مُمَدَّدَةٍ (آيت : 9) |
|
ڊگهن ٿنڀن ۾ |