| وَيلٌ لِكُلِّ هُمَزَةٍ لُمَزَةٍ (آيت : 1) |
|
هر اهو شخص هلاڪ ۽ برباد ٿيو جو گلاخور ۽ ٽوڪ هڻندڙ آهي. |
| الَّذى جَمَعَ مالًا وَعَدَّدَهُ (آيت : 2) |
|
جنهن (جي زندگيءَ مقصد) مال کي ميڙي ۽ ان جي ڳڻ ڳڻان رهيو آهي. |
| يَحسَبُ أَنَّ مالَهُ أَخلَدَهُ (آيت : 3) |
|
خيال ڪري ٿو ته، سندس مال (مصيبتن کان بچائڻ لاءِ) ساڻس سدائين گڏ رهندو. |
| كَلّا لَيُنبَذَنَّ فِى الحُطَمَةِ (آيت : 4) |
|
ائين هرگز نه ٿيندو (ائين سمجهڻ سندس ناداني آهي) ضرور ان کي پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ واري (هلاڪت) ۾ اڇلايو ويندو. |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الحُطَمَةُ (آيت : 5) |
|
۽ توکي ڪهڙي خبر ته پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ واري ڇا آهي؟ |
| نارُ اللَّهِ الموقَدَةُ (آيت : 6) |
|
اها الله جي (مڪافات واري) ڀڙڪايل باهه آهي. |
| الَّتى تَطَّلِعُ عَلَى الأَفـِٔدَةِ (آيت : 7) |
|
جا (شعلن سان) دلين کي وٺي وڃي ٿي. |
| إِنَّها عَلَيهِم مُؤصَدَةٌ (آيت : 8) |
|
بيشڪ اها مٿن دميل هوندي. |
| فى عَمَدٍ مُمَدَّدَةٍ (آيت : 9) |
|
ڊگهن ٿينڀن ۾ (سوگهي ٿيل هوندي). |