| وَيلٌ لِكُلِّ هُمَزَةٍ لُمَزَةٍ (آيت : 1) |
|
هر انهيءَ انسان لاء ويل آهي جيڪو عيب ڳوليندڙ چغلخور آهي |
| الَّذى جَمَعَ مالًا وَعَدَّدَهُ (آيت : 2) |
|
جنهن مال جمع ڪيو ۽ ان کي ڳڻيو |
| يَحسَبُ أَنَّ مالَهُ أَخلَدَهُ (آيت : 3) |
|
(ڇا) اهو ڀانئي ٿو ته بيشڪ ان جو مال هميشه ان وٽ رهندو |
| كَلّا لَيُنبَذَنَّ فِى الحُطَمَةِ (آيت : 4) |
|
خبردار ! اهو يقينا حطمه ۾ اڇلايو ويندو |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الحُطَمَةُ (آيت : 5) |
|
۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته حطمه ڇا آهي؟ |
| نارُ اللَّهِ الموقَدَةُ (آيت : 6) |
|
اها الله تعالى جي ٻرندڙ باه آهي |
| الَّتى تَطَّلِعُ عَلَى الأَفـِٔدَةِ (آيت : 7) |
|
جيڪا دلين تائين پهچي ويندي |
| إِنَّها عَلَيهِم مُؤصَدَةٌ (آيت : 8) |
|
بيشڪ اها باه انهن تي بند ڪئي ويندي |
| فى عَمَدٍ مُمَدَّدَةٍ (آيت : 9) |
|
(۽ انهن کي) وڏن ٿنڀن سان (جڪڙيو ويندو) |