وَيلٌ لِكُلِّ هُمَزَةٍ لُمَزَةٍ (آيت : 1) |
(انھيءَ) سڀڪنھن گلا ڪندڙ عيب ڳوليندڙ لاءِ ويل آھي. |
الَّذى جَمَعَ مالًا وَعَدَّدَهُ (آيت : 2) |
جنھن مال گڏ ڪيو ۽ اُھو ڳڻي ڳڻي رکيائين. |
يَحسَبُ أَنَّ مالَهُ أَخلَدَهُ (آيت : 3) |
ڀانئيندو آھي ته سندس مال سدائين رھندو. |
كَلّا لَيُنبَذَنَّ فِى الحُطَمَةِ (آيت : 4) |
ھرگز ائين نه آھي ضرور حُطمه ۾ اُڇلائبس. |
وَما أَدرىٰكَ مَا الحُطَمَةُ (آيت : 5) |
۽ ڪنھن سمجھايئي ته حُطَمَه ڇا آھي؟ |
نارُ اللَّهِ الموقَدَةُ (آيت : 6) |
الله جي ٻاريل باھ آھي. |
الَّتى تَطَّلِعُ عَلَى الأَفـِٔدَةِ (آيت : 7) |
جا دلين تي پھچندي. |
إِنَّها عَلَيهِم مُؤصَدَةٌ (آيت : 8) |
بيشڪ اُھا مٿن در بند ڪيل آھي. |
فى عَمَدٍ مُمَدَّدَةٍ (آيت : 9) |
(جنھن حالت ۾ اُھي) ڊگھن ٿنڀن ۾ (ٻڌل ھوندا). |