وَيلٌ لِكُلِّ هُمَزَةٍ لُمَزَةٍ (آيت : 1) |
(وڏو) ويل آهي هر اُن شخص لاءِ جيڪو ماڻهن کي منھن تي مِھڻا ڏئي ٿو ۽ پر پٺ (ويھي) گلا ڪري ٿو. |
الَّذى جَمَعَ مالًا وَعَدَّدَهُ (آيت : 2) |
جنھن مال گڏ ڪيو ۽ ان کي (بار بار) ڳڻي رکيو. |
يَحسَبُ أَنَّ مالَهُ أَخلَدَهُ (آيت : 3) |
هو سمجهي ٿو ته سندس مال ان وٽ هميشه (موجود) رهندو. |
كَلّا لَيُنبَذَنَّ فِى الحُطَمَةِ (آيت : 4) |
ٿي ئي نٿو سگهي! اِهو ماڻهو ضرور حُطمہ ۾ اڇلايو ويندو. |
وَما أَدرىٰكَ مَا الحُطَمَةُ (آيت : 5) |
۽ توکي ڪهڙي خبر ته حطمہ ڇا آهي؟ |
نارُ اللَّهِ الموقَدَةُ (آيت : 6) |
(حُطمہ) الله تعالى جي طرفان ڀڙڪايل باهه آهي. |
الَّتى تَطَّلِعُ عَلَى الأَفـِٔدَةِ (آيت : 7) |
جيڪا (دوزخين جي) دلين تائين وڃي پهچندي. |
إِنَّها عَلَيهِم مُؤصَدَةٌ (آيت : 8) |
بيشڪ اها (باهه) انهن تي هر طرف کان بند ڪيل هوندي. |
فى عَمَدٍ مُمَدَّدَةٍ (آيت : 9) |
(جڏهن ته اهي) وڏن ڊگهن ٿنڀن ۾ (ٻڌل هوندا). |