| وَيلٌ لِكُلِّ هُمَزَةٍ لُمَزَةٍ (آيت : 1) |
|
تباهي آهي هر ان ماڻهو لاءِ جيڪو سامهون طعنا هڻي، پرپٺ گلا ڪري |
| الَّذى جَمَعَ مالًا وَعَدَّدَهُ (آيت : 2) |
|
جنهن گڏ ڪيو مال ۽ ان کي وري ڳڻي ٿو رکي |
| يَحسَبُ أَنَّ مالَهُ أَخلَدَهُ (آيت : 3) |
|
سمجهي ٿو ضرور اهو مال سدائين وٽس رهندو |
| كَلّا لَيُنبَذَنَّ فِى الحُطَمَةِ (آيت : 4) |
|
هرگز نه! هو ته چڪنا چور ڪندڙ جاءِ ۾ اڇلايو ويندو |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الحُطَمَةُ (آيت : 5) |
|
۽ ڪهڙي خبر توهان کي ته اها چڪنا چور ڪندڙ جاءِ ڇا آهي؟ |
| نارُ اللَّهِ الموقَدَةُ (آيت : 6) |
|
باهه جيڪا الله جي آهي ڀڙڪايل |
| الَّتى تَطَّلِعُ عَلَى الأَفـِٔدَةِ (آيت : 7) |
|
جيڪا پهچندي وڃي دلين تائين |
| إِنَّها عَلَيهِم مُؤصَدَةٌ (آيت : 8) |
|
اها انهن جي مٿان ڍڪي بند ڪئي ويندي |
| فى عَمَدٍ مُمَدَّدَةٍ (آيت : 9) |
|
اهڙي (حال ۾) (ٻڌل هوندا) ڊگهن ٿنڀن ۾ |