وَالعَصرِ (آيت : 1) |
زماني جو قسم. |
إِنَّ الإِنسٰنَ لَفى خُسرٍ (آيت : 2) |
ته بيشڪ انسان خساري ۾ آهي. |
إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَتَواصَوا بِالحَقِّ وَتَواصَوا بِالصَّبرِ (آيت : 3) |
سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون ۽ هڪ ٻئي کي حق جي نصيحت ۽ صبر جي وصيت ڪيائون. |