وَالعَصرِ (آيت : 1) |
زماني جو (هر) دور شاهد آهي، |
إِنَّ الإِنسٰنَ لَفى خُسرٍ (آيت : 2) |
ته بيشڪ انسان (فرد جي حيثيت ۾ توڙي جماعت جي حيثيت ۾ پهنجي مقصدن ماڻڻ ۾) وڏي نقصان ۾ رهيو آهي. |
إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَتَواصَوا بِالحَقِّ وَتَواصَوا بِالصَّبرِ (آيت : 3) |
پر انهن ماڻهن کان سواءِ جن (خدا جي عطا ڪيل حياتيءَ جي طريقي کي مڃي) ايمان آندو ۽ (پوءِ ان طريقي مطابق) چڱا ڪم ڪيا ۽ هڪ ٻئي کي حق (جي واٽ اختيار ڪرڻ) جي نصيحت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي (ان واٽ تي) ثابت قدم رهڻ جي نصيحت ڪئي. |