| أَلهىٰكُمُ التَّكاثُرُ (آيت : 1) |
|
توهان کي گهڻي ۾ گهڻي ۽ هڪ ٻئي کان وڌيڪ دنيا حاصل ڪرڻ جي فڪر غفلت ۾ وجهي ڇڏيو آهي |
| حَتّىٰ زُرتُمُ المَقابِرَ (آيت : 2) |
|
تان جو (ان جي فڪر ۾) وڃي ٿا قبر ۾ پئو |
| كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 3) |
|
بلڪل نه، سگهوئي توهان کي معلوم ٿي ويندو |
| ثُمَّ كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 4) |
|
وري به (ٻڌي ڇڏيو ته) بلڪل نه، سگهوئي توهان کي پتو پئجي ويندو |
| كَلّا لَو تَعلَمونَ عِلمَ اليَقينِ (آيت : 5) |
|
ڪڏهن به نه، جيڪر توهان يقين واري علم جي بنياد تي (انهيءَ روش جي نتيجي کي) ڄاڻندا هجو ها (ته ائين نه ڪريو ها) |
| لَتَرَوُنَّ الجَحيمَ (آيت : 6) |
|
توهان دوزخ ضرور ڏسندؤ |
| ثُمَّ لَتَرَوُنَّها عَينَ اليَقينِ (آيت : 7) |
|
وري به (ٻڌي ڇڏيو ته) توهان ان کي بلڪل يقين سان ڏسندؤ |
| ثُمَّ لَتُسـَٔلُنَّ يَومَئِذٍ عَنِ النَّعيمِ (آيت : 8) |
|
پوءِ انهيءَ ڏينهن ضرور توهان کان انهن نعمتن جي باري ۾ پڇا ڪئي ويندي |