القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ التَّکَاثُرِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 8


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

أَلهىٰكُمُ التَّكاثُرُ (آيت : 1)

آن کي موهيو مال،

حَتّىٰ زُرتُمُ المَقابِرَ (آيت : 2)

تان وَڃِي بُٺيون ڀـيٽيان،

كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 3)

سَچ ته سِگھو سَمجھندا، سڀ حقِيقت حال،

ثُمَّ كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 4)

وَرِي به صَحِيح سَمجھندا، اوڏِيهر اَحوال،

كَلّا لَو تَعلَمونَ عِلمَ اليَقينِ (آيت : 5)

جي ڄاڻو، ڄاڻ يَقِين جو، ته اِيئن نه هُجي اَڄ ڪالھ،

لَتَرَوُنَّ الجَحيمَ (آيت : 6)

اَوهِين ڏِسندا اکين سان، جَھنّم جِئَ جَنجال،

ثُمَّ لَتَرَوُنَّها عَينَ اليَقينِ (آيت : 7)

ڏِسنداسِ ڏِسڻ يَقِين جو، تنهان بَعد بَحال،

ثُمَّ لَتُسـَٔلُنَّ يَومَئِذٍ عَنِ النَّعيمِ (آيت : 8)

وَرِي بابت هَر ڪِنهن ڀال، پُڇبان اَوس اُن ڏينهن ۾.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025