| أَلهىٰكُمُ التَّكاثُرُ (آيت : 1) |
|
اوهان کي زيادتي جي حرص غافل ڪيو |
| حَتّىٰ زُرتُمُ المَقابِرَ (آيت : 2) |
|
ايتري تائين جو اوهان قبرن کي ڏٺو (يعني مري ويئو) |
| كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 3) |
|
ائين نه آهي (جيئن خيال ڪريو ٿا) اوهين ڄاڻي وٺندو |
| ثُمَّ كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 4) |
|
وري (چئون ٿا ته) ائين نه آهي اوهين ڄاڻي وٺندو |
| كَلّا لَو تَعلَمونَ عِلمَ اليَقينِ (آيت : 5) |
|
ائين نه آهي جيڪڏهن يقيني طرح سان ڄاڻو ها (ته غافل نه ٿيو ها) |
| لَتَرَوُنَّ الجَحيمَ (آيت : 6) |
|
قسم آهي ته دوزخ کي ضرور ڏسندؤ |
| ثُمَّ لَتَرَوُنَّها عَينَ اليَقينِ (آيت : 7) |
|
وري ان کي يقيني طرح ڏسندؤ. |
| ثُمَّ لَتُسـَٔلُنَّ يَومَئِذٍ عَنِ النَّعيمِ (آيت : 8) |
|
وري ان ڏينهن نعمت بابت اوهان کان پڇيو ويندو |