| أَلهىٰكُمُ التَّكاثُرُ (آيت : 1) |
|
گهڻائي جي چاهت توهان کي غافل ڪيو. |
| حَتّىٰ زُرتُمُ المَقابِرَ (آيت : 2) |
|
ايستائين جو توهان قبرون (وڃي) ڏٺيون. |
| كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 3) |
|
يقينًا ! توهان جلد ڄاڻي وٺندؤ. |
| ثُمَّ كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 4) |
|
وري به يقينًا توهان جلدي ڄاڻي وٺندؤ. |
| كَلّا لَو تَعلَمونَ عِلمَ اليَقينِ (آيت : 5) |
|
هائو جي اگر (دنيا ۾ ئي پنهنجي انجام کي) اوهان يقيني طرح ڄاڻو ها. |
| لَتَرَوُنَّ الجَحيمَ (آيت : 6) |
|
توهان ضرور جهنم کي ڏسندؤ. |
| ثُمَّ لَتَرَوُنَّها عَينَ اليَقينِ (آيت : 7) |
|
پوءِ توهان ان کي يقين جي اک سان ڏسندؤ. |
| ثُمَّ لَتُسـَٔلُنَّ يَومَئِذٍ عَنِ النَّعيمِ (آيت : 8) |
|
پوءِ ان ڏينهن ضرور توهان کان نعمتن جي باري ۾ پڇيو ويندو. |