| أَلهىٰكُمُ التَّكاثُرُ (آيت : 1) |
|
اوهان کي (دولت، معتبرائپ ۽ منصب ۾) واڌاري جي حرص (۽ هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي هوس) غافل ڪيو. (جو اوهان انسانيت جي صحيح منزل مقصود کان به ڀٽڪي ويؤ). |
| حَتّىٰ زُرتُمُ المَقابِرَ (آيت : 2) |
|
(اوهان پنهنجي طلب کي پنهنجي بنيادي ضرورتن موجب رکڻ بجاءِ هوس وڌائيندا رهيؤ) تان جو وڃي قبرن کي پهتؤ (يعني مري ويئو). |
| كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 3) |
|
(زندگي رڳو) ائين نه آهي، (جيڪڏهن عقل ۽ فهم کان ڪم وٺو ته ان روش جي بڇڙاين ۽ تباهه ڪارين کي) اوهين ڄاڻي وٺندؤ. |
| ثُمَّ كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 4) |
|
وري (چئون ٿا ته زندگي) ائين نه آهي، اوهين (ان روش جي تباهه ڪارين کي جلد ئي) ڄاڻي وٺندؤ. |
| كَلّا لَو تَعلَمونَ عِلمَ اليَقينِ (آيت : 5) |
|
پڪ سان ائين نه آهي، جيڪڏهن (اوهان به) يقيني طرح (گهرائيءَ ۾ وڃي غور ڪرڻ) سان ڄاڻو ها (ته غافل نه ٿيو ها). |
| لَتَرَوُنَّ الجَحيمَ (آيت : 6) |
|
(پوءِ) قسم سان (قيامت ۾) دوزخ کي ضرور ڏسندؤ. |
| ثُمَّ لَتَرَوُنَّها عَينَ اليَقينِ (آيت : 7) |
|
وري ان ڏينهن (دوزخ ۾ داخل ٿي) ان کي يقيني طرح سان ڏسندؤ. |
| ثُمَّ لَتُسـَٔلُنَّ يَومَئِذٍ عَنِ النَّعيمِ (آيت : 8) |
|
وري ان ڏينهن (خدا جي طرفان اوهان کي عطا ڪيل سڀني) نعمتن بابت اوهان کان پڇبو (ته انهن کي اوهان پنهنجي خواهشن ۽ هوس جي تسڪين لاءِ ڇو استعمال ڪيو.) |