| أَلهىٰكُمُ التَّكاثُرُ (آيت : 1) |
|
ملڪيت جي ڪثرت توهان کي غافل بنايو |
| حَتّىٰ زُرتُمُ المَقابِرَ (آيت : 2) |
|
ايستائين جو توهان قبرن تي پهتا |
| كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 3) |
|
خبردار ! توهان جلد معلوم ڪندا |
| ثُمَّ كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 4) |
|
ان کان پوءِ خبردار ! توهان جلد معلوم ڪندا |
| كَلّا لَو تَعلَمونَ عِلمَ اليَقينِ (آيت : 5) |
|
خبردار ! جيڪڏهن توهان کي يقيناً معلوم هجي ها ته (ملڪيت جي حرص ۾ غافل نه ٿيو ها) |
| لَتَرَوُنَّ الجَحيمَ (آيت : 6) |
|
توهان بيشڪ جهنم ڏسندا |
| ثُمَّ لَتَرَوُنَّها عَينَ اليَقينِ (آيت : 7) |
|
ان کان پوءِ توهان يقيناً ان کي اکين سان ڏسندا |
| ثُمَّ لَتُسـَٔلُنَّ يَومَئِذٍ عَنِ النَّعيمِ (آيت : 8) |
|
ان کان پوءِ يقيناً توهان کان ان ڏينهن الله جي طرفان ڏنل نعمتن بابت ضرور سوال پڇيو ويندو |