| أَلهىٰكُمُ التَّكاثُرُ (آيت : 1) |
|
(اي ماڻھو) پاڻ ۾ گھڻائي (تي مرڪڻ) اوھان کي ويسلو ڪيو. |
| حَتّىٰ زُرتُمُ المَقابِرَ (آيت : 2) |
|
تان جو قبرن کي ڏٺوَ. |
| كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 3) |
|
ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندؤ. |
| ثُمَّ كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 4) |
|
وري (چئون ٿا ته) سگھوئي ڄاڻندؤ. |
| كَلّا لَو تَعلَمونَ عِلمَ اليَقينِ (آيت : 5) |
|
نه نه! جيڪڏھن پڪي ويساھ سان ڄاڻو ھا (ته ويسلو نه ويھو ھا). |
| لَتَرَوُنَّ الجَحيمَ (آيت : 6) |
|
قسم آھي ته ضرور دوزخ کي ڏسندؤ. |
| ثُمَّ لَتَرَوُنَّها عَينَ اليَقينِ (آيت : 7) |
|
وري به ان کي يقين واريءَ اک سان ضرور ڏسندؤ. |
| ثُمَّ لَتُسـَٔلُنَّ يَومَئِذٍ عَنِ النَّعيمِ (آيت : 8) |
|
وري اُن ڏينھن نعمتن بابت اوھان کان ضرور پڇبو. |